20/02/2025
ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ڪراچي ايسٽ جو بھترين فيصلو۔
هڪ شخص ڪراچي کان خيرپور جو سفر ڪري رهيو جنهن وقت عيد جو ڏهاڙو هو هن کان 2200 روپيا ورتا وياهئا جڏهن اهو شخص واپس خيرپور کان ڪراچي ته هن کان 1600 روپيا ورتا ويا هئا جڏهن هن شخص اها دعوي ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ 2015 تحت
ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ڪراچي ايسٽ ۾ ڪئي انهئ تي جج صاحب پنهنجو بهترين فيصلو ڏيندي اهو فيصلي ۾ لکيو ته بس وارا پهرئين اهي وڌيڪ ورتل 600 روپيا واپس ڪن ٻيو وري پنجاھ هزار ڏنڊ ۽ دعوي داخل ڪندڙ جو پنجويھ هزار روپيا ڪورٽ خرچو ڀريندا ڇو جو ٽرانسوپورٽ وارن بناه ڪنهن اطلاع/ نوٽيس جي اهو ڪرايو اوڳاڙيو هو جيڪا سراسر ناانصافي آهي جج صاحب جي انهئ ڏنل فيصلي سلام هجي.
اسان سڀني کي اها خبر هجڻ گهرجي اگر ڪوبه ٽرانسوپٽر وارو بناه نوٽيس جي ڪرايو وڌائي پنهنجي من ماني ڪن ته عام عوام کي گهرجي اهو ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ 2015 تحت ڪنزيومر ڪورٽ ۾ دعوي ڪري ناجائز ورتل ڪرايو نه صرف واپسي ڪرائي سگهن ٿا بلڪه انهن کان مواضو به وٺي سگهن ٿا۔۔۔
نوٽ هي ميسيج شيئر ڪري عام عوام تائين پهچائيندا۔۔۔۔