Social Worker Sindh

Social Worker Sindh سچ وڏو ڏوهاري آهي, روز ازل کان پڪڙيو ويو آهي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي ڳولهي ڳولهي ماريو ويو آهي.

24/08/2026

سندھی آرٹسٹ حیدر قادری پر حملے کی شدید الفاظ میں مذمت کرتے ہیں اور قانون نافذ اداروں سے پرزور مطالبہ کرتے ہیں کہ حملہ آوروں کو گرفتار کر کے واقع قرار سزا دی جائے

23/08/2026

پریٹ آباد سانحہ کی یاد تازہ، رہائشی علاقوں میں گیس سلنڈر کی دکانیں دوبارہ کھلنے لگیں
حیدرآباد: 30 مئی 2024 کے پریٹ آباد گیس سلنڈر سانحے میں بچوں اور بڑوں سمیت 27 قیمتی جانیں ضائع ہوئیں، مگر افسوس کہ ایک بار پھر رہائشی علاقوں میں گیس سلنڈر کی دکانیں کھولنے کی اطلاعات سامنے آ رہی ہیں، جس پر شہریوں میں تشویش ہے۔
ہائی کورٹ کے ایڈووکیٹ احسن قریشی نے ڈپٹی کمشنر حیدرآباد، سول ڈیفنس اور متعلقہ انتظامیہ کو درخواست دے کر رہائشی علاقوں میں سلنڈر کی دکانوں کا فوری سروے اور غیر قانونی کاروبار کے خلاف کارروائی کا مطالبہ کیا ہے۔
دوسری جانب ایم کیو ایم پاکستان کے ایم این اے وسیم حسین کی جانب سے وزیراعظم میاں شہباز شریف سے پریٹ آباد سانحے کے شہداء کے لواحقین کے لیے مالی امداد کا مطالبہ کیا گیا تھا، تاہم شہریوں کے مطابق اس وعدے پر بھی تاحال عملدرآمد نہیں ہوا۔
شہریوں کا مطالبہ ہے کہ انتظامیہ کسی نئے سانحے کا انتظار کرنے کے بجائے فوری کارروائی کرے اور رہائشی علاقوں میں گیس سلنڈر کے کاروبار پر حفاظتی قوانین پر سختی سے عملدرآمد یقینی بنائے۔

اسلام عليڪم آبادگار هاري زميندار ڀائرو اَڄُ جي ڳالھ                                 فارم A ڇا آهي .جيئن ته سنڌ جي لينڊ ر...
23/08/2026

اسلام عليڪم آبادگار هاري زميندار ڀائرو

اَڄُ جي ڳالھ

فارم A ڇا آهي .

جيئن ته سنڌ جي لينڊ ريوينيو زمين جي رڪارڊ سينٽرن ۽ بئراجي نظام ۾ فارم A هڪ تمام اهم ابتدائي سرڪاري دستاويز آهي.

ڇا توهان کي خبر آهي ته فارم A ڇا هوندو آهي؟

جن دوستن کي خبر آهي آهي ڪمينٽ ۾ جواب ڏيئي سگهن ٿا

فارم A اصل ۾. بئراج جي زمينن جي وڪري.... الا ٽمينٽ جو رجسٽر هوندو آهي.

اجڏهن به حڪومت، بينڪ يا بئراج اٿارٽي جيئن گڊو بئراج، سکر بئراج وغيره ڪنهن آبادگار کي سرڪاري يا بئراجي زمين قسطن تي يا آڪشن بولي. ذريعي الاٽ گرانٽ ڪندي آهي، ته ان جي شروعاتي اندراج جو اندراج فارم A ۾ ڪيو ويندو آهي.

فارم A ۾ لکيل هوندو آهيتہ
خريدار..... الاٽي جو نالو، ولديت ۽ رهائش.
ديھ ، تپو ۽ سروي نمبر.
زمين جو ڪل رقبو ايڪڙ..... گھنٽا.
في ايڪڙ قيمت، ڪل قيمت ۽ قسطن جي تفصيل.
انٽري جي تاريخ ۽ بئراج/ڪالونائيزيشن آفيسر جون صحيحون.

اهو هوندو اَٿو فارم A ۾ ......

هڪ ڳالھ نوٽ ڪجو ته فارم A زمين جي عارضي الاٽمينٽ يا قسطوار خريداريءَ جو ثبوت ته آهي، پر هيءُ مڪمل ۽ پڪو کاتو نه هوندو آهي.

هاڻي فارم A. کان پڪي کاتي تائين جا مرحلا جيڪي ايندا ان بابت سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا

فارم A ملڻ کان پوءِ زمين پنهنجي نالي پڪي ڪرڻ لاءِ هن مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي

1............قسطن ۽ ماليات جي مڪمل ادائگي

فارم A ملڻ کان پوءِ جيڪي به زمين جون سرڪاري قسطون، آڪشن جون رقمون يا بئراج جا چالان هوندا آهن، سي چالان ذريعي خزاني ٽريزري يا بينڪ ۾ جمع ڪرايا ويندا آهن.

سڀني قسطن جي جمع ٿيڻ بعد بئراج اٿارٽي مان نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ جاري ٿيندو آهي.

2............ سند / سنڌ گورنمينٽ جي گرانٽ جاري ٿيڻ
قسطون ۽ تمام سرڪاري واجبات ادا ٿيڻ کان پوءِ ڪالونائيزيشن آفيسر يا سنڌ حڪومت پاران زمين جو پڪو آرڊر يا سند جاري ڪئي ويندي آهي.

3............. تپيدار ۽ مختيارڪار وٽ انتقال
بئراج کان آرڊر ۽ سند ملڻ بعد اهو رڪارڊ لاڳاپيل تعلقي جي م مختيارڪار ۽ تپيدار وٽ موڪليو ويندو آهي.
تپيدار ان آرڊر جي بنياد فارم ذريعي پنهنجي ريوينيو رجسٽر ۾ دخل خارجي جي انٽري ڪندو ...

4................فارم 7 ...... پڪو کاتي لاءِ
مختيارڪار جي تصديق کان پوءِ اها انٽري فارم 7 يعني ديھ جي بنيادي زميني رڪارڊ ۾ داخل ٿي ويندي آهي.

فارم 7 ۾ نالو درج ٿيڻ جو مطلب آهي ته کاتو مڪمل ۽ پڪو ٿي ويو آهي.

5............ فارم VII-B (VF VII-B)
پڪي کاتي بعد مالڪ کي پنهنجي ملڪيت جو رسمي پنو يا فارم VII-B جاري ڪيو ويندو آهي، جنهن ذريعي اهو ظاهر ٿيندو آهي ته هي زمين هاڻي ان شخص جي پڪي ملڪيت آهي ۽ هو ان کي وڪرو، هبه يا وڪرو به ڪري سگهي ٿو.

جنهن به ڀاءُ دوست کي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي ھجي ته مجنو نر هو يا مادي انهن لاءِ هي آخري مڪمل ڄاڻ ڏيون ٿا

فارم A معني زمين ملڻ..... الاٽ ٿيڻ جي ابتدا.
فارم VII. معني تہ زمين پنهنجي نالي تي پڪي ٿيڻ جي پڄاڻي.

توھان کي هيءَ معلومات ڪيئن لڳي ان لاءِ توهان پنهنجي قيمتي راءِ ڏيندا

پيج کي لائيڪ ڪيو
شيئر ڪيو ته جيئن ٻيا دوست ڀائر جيڪي ھن شعبي زمين زراعت سان منسلڪ آهن آهي به ڄاڻ حاصل ڪري سگهن

پنهن جي هن پيج cropscience کي فالو ڪيو ته جيئن اسان توهانجي لاءِ اهڙيون معلوماتي پوسٽون شيئر ڪندا رهون

جزاڪ الله خير

سلام دوستو ساٿيو  جيئن ته توهان کي هڪ اھم ڄاڻ ڏيون ٺا  ته سيل سرٽيفڪيٽ  جاري ڪرڻ جو قانوني طريقيڪار ڪھڙو آهي بورڊ آف روي...
23/08/2026

سلام دوستو ساٿيو

جيئن ته توهان کي هڪ اھم ڄاڻ ڏيون ٺا ته سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو قانوني طريقيڪار ڪھڙو آهي

بورڊ آف روينيو سنڌ حيدرآباد پاران زمينن جي خريد و فروخت ۽ سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ بابت سخت سرڪاري هدايتون ۽ نوان قانوني اصول جاري ڪيا ويا آهن.

زميندارن ۽ عام ماڻهن کي انهن رولز بابت آگاهي هجڻ تمام ضروري آهي ته جيئن پوءِ ڪنهن به رڪاوٽ يا نقصان کان بچي سگهجن

ايراضيءَ جي سيل سرٽيفڪيٽ لاءِ پوري عمل جا اهم نقطا هن ريت آهن

سڃاڻپ جو صحيح اندراج
شناختي ڪارڊ هر سرٽيفڪيٽ تي زميندار جو نالو، ولديت
/زوجيت ۽ نادرا پاران جاري ٿيل درست قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ھجڻ لازمي آهي.

فصل ۽ زمين جو قسم زرعي ۽ غير زرعي ٻنهي قسم جي ملڪيتن لاءِ نوان چاپيل سرٽيفڪيٽ ئي استعمال ٿيندا.

صفحن جي ترت ۽ واضح لکت هئڻ گهرجي
سرٽيفڪيٽ جي ٻن يا ٽن صفحن جو پورو سيٽ مثال طور: 1/3, 2/3, 3/3. استعمال ٿيندو ۽ ڪل صفحن جي انگ اکرن جي صفائيءَ سان نشاندهي ڪئي ويندي.

آفيسرن جون مهرون ۽ تصديق هئڻ به لازم آهي.

تصديق ڪندڙ عملدارن ۽ آفيسرن جون نالي، عهدي واريون سرڪاري مهرون صاف ۽ پڙهڻ جوڳيون هجڻ گهرجن، ۽ صحيح سان گڏ تاريخ لکڻ سخت لازمي آهي.

سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ کان اڳ زمين جي باري ۾ تپيدار، واسطيدار اسسٽنٽ ڪمشنر يا لاڳاپيل عملدار کان سرزمين جي رپورٽ ورتي وڃي ته جيئن زمين تي ڪو مسئلو يا تڪرار نہ بڻجي

گم ٿيڻ يا خرابيءَ واري صورت ۾ رولز
جيڪڏهن پرنٽنگ يا لکڻ دوران ڪنهن غلطيءَ سبب پنو خراب يا ضايع ٿي وڃي ته اهو اصل پنو پنهنجي پروانشل رڪارڊ سيئل وٽ فوري طور تي جمع ڪرائڻ واسطيدار مختيارڪار جي ذميواري هوندي.

جيڪڏهن کااتيدار کي جاري ٿيل سرٽيفڪيٽ گم ٿي وڃي، يا اهو پورو لکجي نہ سگهيو هجي، ته نئون سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ کان اڳ پهرين جاري ٿيل اصل سرٽيفڪيٽ واپس جمع ڪرائڻ لازمي هوندو آهي

اسڪيننگ ۽ نئين رجسٽر ۾ داخلا ٿيل ھجي
مختيارڪار صاحب پاران سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ وقت 1. سيئل سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي، 2. تپيدار جي سرزمين رپورٽ، ۽ 3. عرضدار جي درخواست جي ڪاپي اسڪيننگ لاءِ موڪلي وڃي

ان رڪارڊ جو نوٽ ڪتاب ۾ رکرايو وڃي جيستائين مڪمل صفحن جي اسڪيننگ نہ ٿيندي، تيستائين نئين رجسٽر مان زمين جو تفصيل يا نئون رجسٽر ملي نه سگهندو.

سرٽيفڪيٽ جي مدي ۽ تصويرن بابت ڪجهه هدايتون ڏيون ٿا ته
مدو سيئل سرٽيفڪيٽ تي تاريخ، مهينو ۽ سال واضح لکيو وڃي جتان کان سرٽيفڪيٽ جو مدو شروع ٿيندو.
تصويرون آفيس ڪاپي فائل تي سلائيڊر ذريعي تصويرون لڳايون وڃن ۽ هر تصوير جي هيٺان کااتيدار جو نالو واضح لکيو وڃي

هڪ ڳالھ ڌيان طلب اهي ته
اهي سڀ هدايتون بورڊ آف روينيو سنڌ حيدرآباد جي ايس او پيز ۽ معزز هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪمن موجب لاڳو آهن، تاڪي زمينن جي رڪارڊ ۾ شفافيت اچي ۽ ڪنهن به قسم جي جعلسازيءَ کي روڪي سگهجي.

توھان کي هيءَ معلومات ڪيئن لڳي ان بابت ٻين آبادگارن ۽ دوستن سان به شيئر ڪريو تاڪي هر ڪو قانوني طريقيڪار کان واقف رهي......,

پيج کي فالو ڪيو ته جيئن اسان توهانجي لاءِ اهڙيون وڌيڪ معلوماتي پوسٽون پنهنجي پيج ٽان شيئر ڪندا رهون

جزاڪ الله خير

CropScience #

سندھ میں تپیداری تربیت, تاریخ، تعلیم، سروے، امتحانات اور مستقبل.....!!کیا آپ نے کبھی سوچا ہے کہ سندھ کے زمین کے ریکارڈ، ...
23/08/2026

سندھ میں تپیداری تربیت, تاریخ، تعلیم، سروے، امتحانات اور مستقبل.....!!

کیا آپ نے کبھی سوچا ہے کہ سندھ کے زمین کے ریکارڈ، زمینی پیمائش، سروے نقشوں اور ریونیو نظام کو سمجھنے کے لیے کن لوگوں کو تربیت دی جاتی ہے؟
اس سوال کا جواب ہمیں ایک اہم لیکن نسبتاً کم زیرِ بحث ادارے، یعنی تپیدار ٹریننگ اسکول اور تپیدار ٹریننگ کالج سندھ تک لے جاتا ہے۔
تپیداری تربیت صرف زمین کا ریکارڈ برقرار رکھنے کا نام نہیں۔ اس میں ریونیو قانون، زمین کی پیمائش، سروے، نقشہ خوانی، ریکارڈ کی دیکھ بھال، حسابات اور جدید دور میں کمپیوٹرائزڈ لینڈ ریکارڈ کی تربیت بھی شامل ہے۔
آئیے اس کی تاریخ، تربیتی نظام، نصاب، امتحانات، نجی داخلے سے متعلق سوالات اور اس علم کو عام کرنے کی ضرورت کو سمجھتے ہیں۔

1۔ ایک تاریخی ریونیو تربیتی ادارہ
تپیدار تاریخی طور پر سندھ کے ریونیو انتظامیہ میں ایک اہم فیلڈ سطح کا اہلکار رہا ہے۔
تاریخی ریکارڈ سے معلوم ہوتا ہے کہ کئی دہائیاں پہلے بھی تپیداروں کی تربیت کے لیے ادارے موجود تھے۔ مثال کے طور پر 1960ء کی دہائی کے ریکارڈ میں تپیدار ٹریننگ اسکولوں اور ایسے امیدواروں کا ذکر ملتا ہے جنہوں نے مقررہ تربیت اور امتحانات مکمل کیے۔

ایک دستاویزی مثال میں ایک شخص نے 1963ء میں تپیداری ٹریننگ اسکول میں تربیت حاصل کی اور بعد میں 1968ء میں تپیدار مقرر ہوا۔
اس سے واضح ہوتا ہے کہ تپیداری تربیت محض غیر رسمی کورس نہیں تھی بلکہ ایک منظم پیشہ ورانہ تربیت اور امتحانی نظام سے منسلک تھی۔
تاہم ایک اہم بات واضح رہنی چاہیے: موجودہ حیدرآباد تپیدار ٹریننگ کالج کے قیام کا ایک حتمی اور مستند سرکاری سال مجھے نہیں ملا۔ اس لیے کسی ایک سال کو اس ادارے کا founding year قرار دینا مناسب نہیں جب تک اصل سرکاری دستاویز سامنے نہ آئے۔

2۔ تنظیمِ نو اور جدید کاری
ایک اہم دستاویزی پیش رفت 2002ء میں سامنے آئی۔
سندھ کابینہ نے تپیدار ٹریننگ کالج کو دوبارہ منظم اور فعال کرنے اور اس کے نصاب کو جدید بنانے کا فیصلہ کیا۔
تجویز کردہ نصاب میں یہ مضامین شامل تھے:
انگریزی
ریاضی
اکاؤنٹنگ
سروے اور نقشہ خوانی
ریونیو قوانین
کمپیوٹر
مذہب اور اخلاقیات
یہ بات انتہائی اہم ہے، کیونکہ اس سے ظاہر ہوتا ہے کہ تپیدار کی تربیت کو صرف تحریری ریونیو ریکارڈ تک محدود نہیں سمجھا گیا، بلکہ اس میں سروے، نقشے، پیمائش، قانون، حسابات اور جدید کمپیوٹرائزڈ نظام بھی شامل کیے گئے۔
3۔ تپیداری تربیت میں اصل میں کیا پڑھایا جاتا ہے؟
تپیدار کی عملی تربیت کا تعلق زمین اور اس کے ریکارڈ سے ہوتا ہے۔
اس میں درج ذیل چیزوں کو سمجھنا شامل ہے:
سروے نمبر، سب ڈویژن، زمین کی پیمائش، فیلڈ بک، حدود کے نشانات، فصل، کاشت، ریکارڈ آف رائٹس، ریونیو فارمز اور دیہہ نقشے۔
سندھ کے روایتی سروے اور ریونیو نظام میں نقشہ سازی اور سروے سے متعلق مختلف اصطلاحات بھی استعمال ہوتی رہی ہیں۔

4۔ کیا تپیداری تربیت یونیورسٹی کی ڈگری ہے؟
نہیں۔
تپیداری تربیت کو BA، BSc، LLB یا کسی دوسری یونیورسٹی ڈگری کے برابر نہیں سمجھنا چاہیے۔
تاریخی طور پر یہ محکمانہ پیشہ ورانہ تربیت اور امتحانی نظام کے طور پر کام کرتی رہی ہے، جس کا تعلق ریونیو انتظامیہ سے تھا۔
یعنی:
Tapedar Training ایک University Degree نہیں بلکہ ایک Professional/Departmental Training ہے۔
کسی تربیتی کورس کو یونیورسٹی کی ڈگری کہنا اسی وقت درست ہوگا جب متعلقہ مجاز ادارہ اسے باقاعدہ طور پر کسی تعلیمی ڈگری کے طور پر تسلیم کرے۔

5۔ امیدواروں کا انتخاب اور امتحان کیسے ہوتا تھا؟
تاریخی ریکارڈ سے معلوم ہوتا ہے کہ تپیداری تربیت کا تعلق امیدواروں کے انتخاب کے ایک باقاعدہ طریقہ کار سے تھا۔
مثلاً 2008ء میں ایسے امیدواروں کو، جنہوں نے ٹیسٹ اور انٹرویو میں کامیابی حاصل کی تھی، حیدرآباد کے رانی باغ کے قریب واقع Tapedars Training College میں رپورٹ کرنے کی ہدایت دی گئی تھی۔

6۔ کیا کوئی شخص نجی طور پر تپیداری کورس کر سکتا ہے؟
یہ بھی ایک اہم سوال ہے
عام شہری فیس ادا کرکے نجی امیدوار کے طور پر Tapedar Training School میں داخلہ لے نہیں لے سکتا اور تپیداری qualification حاصل نہیں کرسکتا ۔

تربیت کا تعلق منتخب امیدواروں اور ریونیو انتظامیہ سے تعلق رکھتا ہے۔
لہٰذا یہ کہنا درست نہیں ہوگا کہ:
"کوئی بھی شخص صرف فیس دے کر تپیداری کورس مکمل کرکے سرکاری تپیدار بن سکتا ہے۔"

7۔ آج تپیداری علم اتنا اہم کیوں ہے؟
آج اس علم کی اہمیت پہلے سے کہیں زیادہ بڑھ گئی ہے۔
زمین کے مقدمات میں:
ملکیت، وراثت، تقسیم، قبضہ، حد بندی، انتقال، ریکارڈ آف رائٹس، سروے نمبر، فیلڈ ریکارڈ اور نقشے
اہم کردار ادا کرتے ہیں۔

ایک وکیل کے لیے صرف Code of Civil Procedure (CPC) جاننا ہمیشہ کافی نہیں ہوتا، خاص طور پر جب معاملہ زمین اور ریونیو ریکارڈ سے متعلق ہو۔
جو وکیل ریونیو ریکارڈ، سروے نقشہ، فیلڈ بک اور زمین کی پیمائش سمجھتا ہو، وہ زمین کے مقدمے کے factual پہلو کو زیادہ مؤثر انداز میں سمجھ سکتا ہے۔

اسی طرح عام زمین کے مالک کے لیے بھی یہ جاننا ضروری ہے کہ اس کے:
سروے نمبر، رقبے، حدود اور ریونیو ریکارڈ
میں حقیقتاً کیا درج ہے۔

8۔ تپیدار کالج اور جدید ڈیجیٹل ریونیو نظام.

سندھ حکومت نے اصولی طور پر حیدرآباد، رانی باغ کے قریب واقع Tapedar Training College کو Revenue Training Academy میں تبدیل کرنے کا فیصلہ کیا۔
اس کا مقصد ریونیو افسران اور متعلقہ اہلکاروں کو جدید تکنیکی تربیت فراہم کرنا تھا، خصوصاً:
e-Stamping، e-Registration اور Digital Revenue Systems
کے شعبوں میں۔
روایتی تپیداری تربیت کو جدید دور کی ضروریات کے مطابق ایک وسیع تر Revenue Training Institution میں تبدیل کرنے کی ضرورت محسوس کی گئی۔

9۔ تپیدار ٹریننگ کالیج آج بھی قائم ہے.

حکومتِ سندھ کے Budget 2025-26 میں باقاعدہ:
TAPEDAR TRAINING SCHOOL HYDERABAD
کے نام سے Board of Revenue — Land Management کے تحت Administrative Training کا ایک مخصوص budget head موجود ہے۔

اس بجٹ میں Books، Printing & Publication، Stationery، Uniforms اور دیگر ادارہ جاتی اخراجات کے لیے بھی allocations موجود ہیں۔

صوبائی بجٹ میں بھی یہ ادارہ سرکاری budget structure کا حصہ ہے۔

10۔ تپیداری تعلیم کو عام کیوں کیا جانا چاہیے؟

یہ ل سب سے اہم سوال ہے۔

تپیداری علم کو صرف ایک سرکاری ملازم کی ملازمت سے متعلق علم نہیں سمجھنا چاہیے۔
اس میں:
زمین کا ریکارڈ، ریونیو قانون، سروے، پیمائش،نقشہ،ریکارڈ آف رائٹس،ڈیجیٹل لینڈ ایڈمنسٹریشن
کا عملی علم شامل ہے۔

اس لیے مستقبل میں سندھ میں مناسب سرکاری قواعد اور مجاز اتھارٹی کی منظوری کے تحت ایسے Short Courses اور Certificate Programmes متعارف کرائے جا سکتے ہیں، جن میں:
Sindh Revenue Law
Revenue Record Reading
Survey & Map Reading
Land Measurement
Record of Rights
Digital Land Records
GIS & Mapping
e-Registration & e-Stamping
جیسے موضوعات شامل ہوں۔

ایسے کورسز سے ریونیو افسران کے ساتھ ساتھ نوجوان وکلاء، Law Students، Surveyors، Researchers، Land Professionals اور عام شہری بھی فائدہ اٹھا سکتے ہیں۔

آخر میں یہ بتا ضروری ہے کہ...!!

تپیدار سندھ کے قدیم اور اہم ریونیو انتظامی نظام کا حصہ ہے۔
تپیدار کی اہمیت صرف رجسٹر میں اندراج کرنے تک محدود نہیں۔

یہ دراصل:
زمین،پیمائش، نقشہ،ریونیو ریکارڈ، قانون
کے باہمی تعلق کو سمجھنے کا عملی علم ہے۔

اور جب سندھ روایتی کاغذی ریکارڈ سے ڈیجیٹل لینڈ ایڈمنسٹریشن کی طرف بڑھ رہا ہے تو اس علم کی اہمیت مزید بڑھ جاتی ہے۔

اس علم کو محفوظ کرنا، مستند قوانین اور اصل Survey Manuals کی روشنی میں اسے دستاویزی شکل دینا، اور جدید ٹیکنالوجی کے ذریعے اسے مزید مؤثر بنانے کی ضرورت ہے۔

کیونکہ زمین کے معاملے میں:

ریکارڈ صرف کاغذ نہیں ہوتا،

نقشہ صرف ایک تصویر نہیں ہوتا،

اور پیمائش صرف ایک عدد نہیں ہوتی۔

یہ تینوں مل کر کسی شخص کے ملکی حقوق اور جائیداد کے مستقبل کا تعین کر سکتے ہیں۔

اسی لیے تپیداری کا اصل علم اہم ہے۔

اسی لیے Revenue Law اہم ہے۔
اور اسی لیے سندھ کو ایک جدید، پیشہ ورانہ اور شفاف Revenue Training System کی اشد ضرورت ہے۔

سرڪاري توڙي قانوني ڪاغذن يا زمين جي معاملن ۾ اسان کي اڪثر   3 نالن سان واسطو پوندو آهي....اسٽيمپ وينڊر، اوٿ ڪمشنر، ۽ نوٽ...
23/08/2026

سرڪاري توڙي قانوني ڪاغذن يا زمين جي معاملن ۾ اسان کي اڪثر 3 نالن سان واسطو پوندو آهي....

اسٽيمپ وينڊر،
اوٿ ڪمشنر،
۽ نوٽري پبلڪ.
انهن مان هر هڪ جو ڪم. ڇا ڇا آهي؟
اچو ته آسان لفظن ۾ سمجهون....

اسٽيمپ وينڊر Stamp Vendor
هنڀو ڪم سرڪاري اسٽيمپ پيپر Stamp Paper وڪرو ڪرڻ آهي

تفصيل ڪجهه هن ته اهي ته هي اهو لائسنس يافته شخص هوندو آهي جنهن وٽان توهان معاهدي، ايگريمينٽ، يا حلف نامي لاءِ سرڪاري اسٽيمپ پيپر جهڙوڪ 100 يا 500 رپئي جو خريد ڪندا آهيو.

اوٿ ڪمشنر Oath Commissioner
هن جو ڪم بيانِ حلفي افيڊيوٽ جي تصديق ڪرڻ آهي

خلاصو ته جڏهن توهان ڪنهن ڪاغذ تي حلفيا بيان لکرائيندا آهيو ته ........مان جيڪو چوان ٿو سچ چوان ٿو.........
ته اوٿ ڪمشنر توهان جي سڃاڻپ جي تصديق ڪري ان تي پنهنجي مھر ۽ صحيح هڻندو آهي. هي وڌيڪ مقامي توڙي عدالتي ڪارروائين لاءِ استعمال ٿيندو آهي. انڪري ان جي اهميت آهي

نوٽري پبلڪ Notary Public
هن جو ڪم اهم قانوني دستاويزن جي تصديق Attestation ڪرڻ آهي

واضح رهي ته نوٽري پبلڪ حڪومت پاران مقرر ڪيل سينئر وڪيل هوندو آهي. ان جو ڪم سرڪاري معاهدن، پاور آف اٽارني، ۽ تحريري دستاويزن کي قانوني طور مڃيل ۽ تصديق ٿيل بڻائڻ آهي.

مختصر ڪري سمجهون ته
اسٽيمپ وينڊر کان ڪاغذ Stamp Paper ملي ٿو.

اوٿ ڪمشنر توهان جي بيانِ حلفي جي تصديق ڪري ٿو.

نوٽري پبلڪ توهان جي قانوني معاهدن ۽ ڪاغذن کي حڪومتي توڙي عدالت سطح تي مستند بڻائي ٿو.

دستاويزي معاملن ۾ اهي بنيادي ڳالهيون ياد رکڻ سان توهان جو وقت ۽ محنت بچي سگهي ٿي.

پيج کي لائيڪ ڪيو شيئر ڪيو ته جيئن اسان توهانجي لاءِ اهڙيون معلوماتي پوسٽون شيئر ڪندا رهون

13/08/2026

ايمرجنسي

12/08/2026

ٽنڊومحمدخان (رپورٽ پنهون غازي بروهي )
پاڪستان جي 79 هين جشن آزادي جي موقعي تي گورنمينٽ ايلمينٽري اسڪول ڪريم آباد ٽنڊومحمدخان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ شاگردن شاگردياڻين ملي نغمه ، ٽيبلوز ، تقريرون پيش ڪري يوم آزادي جي اهميت تي روشني وڌي ان موقعي تي ميونسپل وائيس چئيرمين عبدالڪريم شيخ ، سينئير صحافي صديق ڇهيپا ، هيڊ ماستر عارف قريشي ، مس عڪاشه هاشمي ، مس سبين ڀٽي ، مس شگفته ، دانش خلجي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آزادي الله پاڪ جي هڪ وڏي نعمت آهي، ۽ هن نعمت جي حقيقي قدر هڪ باشعور، تعليم يافته ۽ ذميوار قوم ئي ڪري سگهي ٿي . پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل جو رستو تعليم مان گذري ٿو.اچو ته هن آزاديءَ جي ڏهاڙي تي عزم ڪريون ته پنهنجي ٻارن کي معياري تعليم سان گڏ سٺو اخلاق، شعور، تحقيق، تخليقي صلاحيت ۽ حب الوطني پڻ سيکارينداسين. ڇو ته اڄ جو تعليم يافته ٻار ئي سڀاڻي جو مضبوط، باصلاحيت ۽ ذميوار پاڪستاني شهري بڻجندو.اسڪول صرف ڪتاب پڙهڻ جي جاءِ نه، پر قوم جي مستقبل جي تعمير جا مرڪز آهن. اسان جو مقصد هجڻ گهرجي ته ڪو به ٻار تعليم کان محروم نه رهي، هر هٿ ۾ قلم هجي ۽ هر دل ۾ پاڪستان سان محبت هجي. ڪو ڏينهن اسان کان اهو تقاضو ڪري ٿو ته اسان پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. قوم جي ترقي جو بنياد تعليم تي رکيل آهي؛ تنهنڪري هر ٻار کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ کيس علم، شعور، اخلاق ۽ حب الوطني سان آراسته ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.اچو ته جشنِ آزادي جي هن مبارڪ ڏينهن تي عهد ڪريون ته تعليم کي عام ڪنداسين، ٻارن کي اسڪولن ڏانهن آڻينداسين، علم ۽ شعور جي روشني پکيڙينداسين ۽ پنهنجي وطن کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان بڻائڻ لاءِ ايمانداري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. تقريب جي آخر ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن شاگردياڻين ۾ انعامات ورهايا ويا

11/08/2026

ٹنڈو محمد خان: سومرا پاڑے میں 10 روز گزرنے کے باوجود بارش اور گٹروں کے پانی کی نکاسی نہ ہونے پر حیدرآباد بدین روڈ پر دھرنا

ٹنڈو محمد خان: دھرنے کے باعث 5 اضلاع کی آمدورفت معطل، سینکڑوں گاڑیاں پھنس گئیں

ٹنڈو محمد خان: سومرا پاڑے کے رہائشیوں کا ضلعی انتظامیہ، میونسپل انتظامیہ اور پبلک ہیلتھ کے خلاف شدید احتجاج

ٹنڈو محمد خان: مسلسل شکایات کے باوجود پانی کی نکاسی نہ ہونے پر مجبوراً روڈ بلاک کیا، مظاہرین

ٹنڈو محمد خان: فوری طور پر گندا پانی نکالا جائے، بصورت دیگر احتجاج جاری رہے گا، مظاہرین

09/08/2026

مويا (رپورٽ: پير بخش باگراڻي)
سنڌ جي ورهاڱي ۽ سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج، ڌرڻو
مويا ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان سنڌ جي ورهاڱي، سنڌو درياءَ مان نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ 10 آگسٽ تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو کي سنڌ جي حقن ۾ ڳالهائڻ جي الزام هيٺ ڪراچي طلب ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
احتجاج جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر ايڊووڪيٽ آڪاش علي رند، جنرل سيڪريٽري شڪيل احمد ڪنڀر، حنيف باگراڻي ۽ علي غلام رند ڪئي، جڏهن ته احتجاج ۾ پارٽي جي ڪارڪنن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سنڌ جي ورهاڱي ۽ سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته اياز لطيف پليجو سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي، جنهن تي کيس نوٽيس ڏئي ڪراچي طلب ڪرڻ واري عمل جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.
هنن چيو ته سنڌ جي وحدت، سنڌو درياءَ جي پاڻي ۽ سنڌ جي وسيلن بابت آواز اٿارڻ ڪنهن به صورت ۾ ڏوهه ناهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اياز لطيف پليجو خلاف جاري ڪيل نوٽيس واپس ورتو وڃي ۽ سنڌ جي حقن بابت اٿاريل آواز کي دٻائڻ بدران سنڌ جي عوام جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن.
قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ورهاڱي ۽ سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سندن جدوجهد جاري رهندي.

Address

Tando Muhammad Khan
970133993

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Social Worker Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share