27/09/2026
هي رڳو هڪ گم ٿيل عورت جي ڳولا ناهي
هڪ شيئر شايد ڪنهن جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سهارو بڻجي وڃي.
هي رڳو هڪ گم ٿيل عورت جي ڳولا ناهي هي هڪ ماءُ، هڪ ڌيءَ، هڪ ڀيڻ ۽ ڪنهن جي گهر جي عزت کي سندس وارثن تائين پهچائڻ جي انسانيت واري ڪوشش آهي.ٽنڊو محمد خان سٽي ٿاڻي جي حد مان ڪجھ ڏينهن اڳ هڪ لاوارث حالت ۾ ڳورهاري عورت ملي، جنهن کي وومين ٿاڻي منتقل ڪيو ويو. عورت پنهنجو نالو پروين، والد جو نالو رفيق ملاح ٻڌائي ٿي ۽ پاڻ کي بدين جي رهواسڻ قرار ڏئي ٿي. هوءَ مختلف ڳوٺن جا نالا ٻڌائي ٿي، جن ۾ شاھ جو ڳوٺ پڻ شامل آهي، پر پنهنجي مڙس، ڳوٺ يا شهر بابت واضح معلومات ڏيڻ کان قاصر آهي.
اڄ اها عورت سخت بيماري ۽ رت جي کوٽ سبب سول اسپتال ٽنڊو محمد خان ۾ علاج هيٺ آهي.هن دردناڪ صورتحال ۾ ايس ايڇ او سٽي ٿاڻو ۽ ادي رضيہ سهتو جنهن طريقي سان هن عورت جي سنڀال، علاج ۽ مالڪي ڪري رهي آهي، اهو اسان سڀني لاءِ انسانيت جو هڪ خوبصورت مثال آهي، ڄڻ هوءَ ڪا اجنبي نہ، پر سندس پنهنجي ڀيڻ، ڌيءَ يا گهر جي فرد هجي.هڪ بوتل رت لڳي چڪو آهي، پر اڃا بہ *O Positive* رت جي سخت ضرورت آهي.
اسان جي ڪوشش سوال پيدا ڪري ٿي تہ :
پروين ڪنهن جي ڌيءَ آهي؟
ڪنهن جي ڀيڻ آهي؟
ڪنهن جي ماءُ آهي؟
ڪنهن جي زال آهي؟
۽ ڪهڙو گهر اڄ پنهنجي هن پياري وجود جي واپسي جو منتظر آهي؟شايد بدين ۾ ڪو پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي ڳولي رهيو هجي،
شايد ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي واپسي لاءِ دعائون ڪري رهيو هجي،شايد ڪنهن گهر ۾ اڄ بہ انتظار جا دروازا کليل هجن.
اچو تہ سوشل ميڊيا کي صرف تفريح نہ ، پر انسانيت جو وسيلو بڻايون.بدين، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر سميت هر علائقي جي ماڻهن کي اپيل آهي:جيڪڏهن اوهان پروين ڌيءَ رفيق ملاح کي سڃاڻو ٿا، سندس خاندان بابت ڪا ڄاڻ رکو ٿا يا ڪنهن اهڙي خاندان کي ڄاڻو ٿا جيڪو پنهنجي گم ٿيل عورت کي ڳولي رهيو هجي، تہ بنا دير لاڳاپيل پوليس يا اسپتال انتظاميا سان رابطو ڪريو.۽ جيڪڏهن اوهان O Positive رت ڏئي سگهو ٿا، تہ مهرباني ڪري انسانيت جي حوالي تي اڳتي اچو.اسان کي خبر ناهي تہ اسان جو هڪ شيئر ڪٿي پهچندو،پر اهو ممڪن آهي تہ اوهان جو هڪ شيئر هڪ لاوارث عورت کي ٻيهر پنهنجي خاندان سان ملائي ڇڏي.
شيئر ڪريو—شهرت لاءِ نہ ، انسانيت لاءِ.شايد اوهان جو هڪ شيئر ڪنهن جي سڄي دنيا واپس ڪري ڇڏي.