04/07/2022
سکر ۾ ام رباب چانڊيو جو آئينو کڻي انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو،
ان موقعي تي ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته
مون چيف جسٽس آف پاڪستان جي گاڏي روڪي انصاف لاءِ احتجاج ڪيو هو،
ڏينهن ڏٺي جو لال ٽين کڻي مان پڻ احتجاج ڪيو هو
ته شايد ڪنهن کي نظر اچان ۽ مون کي انصاف ڏياريو وڃي،
پر افسوس جو 4 سال گذرڻ باوجود مون کي اڃا تائين انصاف ناهي ملي سگهيو، هن وڌيڪ چيو ته اڄ آئينو کڻي مان ان لاءِ احتجاج ڪري رهي آهيان ته هن نظام کي آئينو ڏيکاريان.