31/07/2024
شھيد ميرو حر ۔ فقير مير محمد نظاماڻي عرف ميرو حر شھيد سورھيه بادشاھ جي انگريز خلاف آزادي جي حر گوريلا تحريڪ جو اھو حر ڪمانڊر ھيو جنھن جو نشانو ڪڏھن به خطاء نه ويندو ھيو ميرو فقير چوندو ھيو جيتريون گوليون ڏيو اوترا دشمن جا لاش ڪيرائيندس ۔ مشھور ھيو ته انگريز جو ملٽري آفيسر ايڇ ٽي لمبرڪ جڏھن حرن سان مقابلي ۾ فائر مٿان فائر ٿيندي ۽ سپاھ کي ڪرندي ڏسندو ھيو ته چوندو ھيو۔ بھاگو بھاگو یہ میرا حر ہے میرے کی ہر گولی میرا میرا کہتی أتی ہے ۔۔ ڪربلا کان ڪنگري تائين ڪنگري کان قيامت تائين حسيني حر ۽ آل رسول جا امام ھر وقت جي يذيد خلاف ميدان ملھائيندا ايندا ۔ اک کربلا میں کی نہ حمایت حسین کی حر اب بھی لڑ رہا ہے نسلے یزید سے ۔