RD Mangrio & Law Associated

RD Mangrio & Law Associated criminal. civil. Family. Nadra. NAB.

03/08/2026
08/03/2026

Welfare of the Minor

سپریم کورٹ نے اپنے فیصلہ جات میں قرار دیا ہے کہ بچوں کی بہتر تربیت صرف باپ کر سکتا ہے ، باپ کے علاوہ کوئی دوسرا شخص بچوں کی ویلفیئر نہیں کر سکتا

2019 SCMR 520, 2004 SCMR 821.

2000 SCMR 838. 200 SCMR 845.

PLD 2020 SC 508. 1992 CLC 2348.

06/08/2025

ڪيس پٺيان ڪھاڻي۔ قسط۔1.
جوابدار جي ڪھاڻي، پنھنجي زباني

اڄ هڪ شراب جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار سان ملاقات ٿي۔ حال احوال ٿيو۔ پڇيومانس ته خبر پئي آھي ته توتي ھي ٻي ايف آئي آر داخل ٿي آھي، ڪيتري صداقت آھي؟ حقيقت ٻڌائي۔ چيائين:

"سائين، آئون ٺري جو ڪم ڪندو آھيان۔ روزانو ٽي سو پينٽون وڪڻجن ٿيون، ست کان اٺ هزار رپيا بچت ٿئي ٿي، يعني مهيني جو ٻه لک ڏھ هزار رپين تائين بچت ٿئي ٿي.."

مون پڇيو: "منٿليون به ڏيندو آھين؟"

چيائين: "سائين، ھفتي جو: 35 هزار ٿاڻي تي، 6 هزار ايڪسائيز وارن کي، 6 هزار سي آءِ اي کي، 6 هزار صحافين کي... مھيني جا ٻه لک ٻارنھن هزار رپيا منٿليون ڏيندو آھيان۔"

نئون ايس ايڇ او اچڻ تي ڪرسيون وٺڻ لاءِ، ٽائر ڦاٽڻ تي پئسا ڏيڻ لاءِ الڳ پئسا ڏيندو آھيان...
هن چيو: "بيزار ٿي ٺري بند ڪيم، سڀ منٿليون بند، ته صحافين خلاف لکڻ شروع ڪيو، پوليس ۽ ايجنسين پويان لڳي ويا، ايف آئي آر ڪٽي ڇڏي، پوء ضمانت ڪرائي۔ منٿلي وارن چيو ته واپس دڪان هلاءِ، نه ته وري ڪيس داخل ٿيندا۔ مجبورن شروع ڪيم۔ هاڻ منٿلي وڌائڻ لاءِ چيو ويو، انڪار تي ٻي ايف آئي آر..."

گرفتاري وقت کيسي ۾ موجود 7–8 هزار رپيا پوليس وٺي وئي۔ ڪورٽ پيش ڪرڻ وقت پوليس موبائيل پمپ تي بيهاري چيائين ته ٽي هزار جو تيل ڀراءِ۔ ڀاءُ کي فون ڪري پئسا آڻايا، ته ڪيس نه وڌن۔

"سائين، مان بيزار آھيان۔ ٺري جي ڪاروبار ۾ ڀائيوار سڀ آھن، ڪيس صرف مون تي۔ دل ٿي چوي ته خودڪشي ڪري ڇڏيان۔ بند به نٿو ڪري سگھان، معاشرو ئي مون کي نه ٿو ڇڏي..."

اها سندس بيوسي، سندس مايوسي هئي... مان ڪجهه پل لاءِ خاموش رهيس، سوچين ۾ پئجي ويس۔

جڏهن روزانو ست–اٺ هزار رپيا ڪمائڻ وارو ٺري وارو بيزار ٿي وڃي، ته اهو ڪاروبار نه پر بيماري آهي، جنهن جو علاج صرف ان سان آهي، جنهن جو حصو سڄو نظام بڻجي ويو آهي۔
صحافي، پوليس، ايڪسائيز، سي آءِ اي، سڀ منٿلي تي ــ ۽ جڏھن منٿلي بند ته ڪيس، گرفتاري، خبرون، ۽ توهين جو طوفان!
اهڙي واپار مان ناجائز فائدو سڀ کڻن ٿا، پر سزا فقط هڪ کي ملي ٿي۔
ڇا واقعي ڪو اڪيلو جوابدار آهي؟ يا سڀ جوابدار آھيون؟

"سائين، مان بيزار آھيان، زندگي مان نااميد ٿي چڪو آھيان..."

اها ڳالهه هئي هڪ جوابدار جي، جيڪو شراب جي ڪاروبار مان نڪرڻ چاهيو پئي، پر پوليس، صحافين، ۽ ادارن جي منٿلين، ڌمڪين ۽ دٻاءَ سبب ٻيهر ان ڌنڌي ۾ ڌڪجي ويو۔

قانون صرف ڪمزور لاءِ؟

روزانو ھزارين رپيا ڪمائي، منٿليون ڏئي، ادارن کي پالڻ وارو ٺري وارو، جڏھن ڪاروبار بند ڪري، ته ايف آءِ آرن جي قطار، صحافين جا آرٽيڪل، ۽ پوليس جو انتقام سندس استقبال ڪن ٿا
اهو صرف هڪ شخص جو درد ناهي، پر انهيءَ معاشري جي عڪاسي آهي، جتي غلط ڪار جا ڀائيوار سڀ، پر بدنامي ۽ ڪيسن کي منھن صرف هڪ ڏئي!

سوال رڳو ان جوابدار تي نه، پر ان سڄي نظام تي آهي، جيڪو "ڀائيوار" ته آهي، پر "جوابدار" نه!

اهو صرف هڪ جوابدار جو بيان نه، پر انهيءَ سسٽم تي هڪ ڪارو الزام آهي، جتي قانون نالو ته برابر جو آهي، پر لاڳو صرف ڪمزور تي ٿئي ٿو۔
جڏهن صحافت منٿلي وٺي خاموش رهي، ۽ پوءِ بند ٿيڻ تي حملو ڪري ــ ته اها صحافت نه، ڌنڌو آهي۔

اڄ جتي جوابدار جي بيوسي ٻڌي، اتي محسوس ٿيو ته مڙني ڌرين جا هٿ رنگيل آهن، پر آڱر فقط هڪ تي!
ھڪ حقيقت تي ٻڌل درد ڪٿا۔

04/08/2025

جوابدار جي ڪھاڻي، پنھنجي زباني...

Address

Opposite District & Session Court Sinjhoro Road Sanghar Sindh
Sanghar
68100

Opening Hours

Monday 08:00 - 03:00
Tuesday 08:00 - 03:00
Wednesday 08:00 - 15:00
Thursday 08:00 - 15:00
Friday 08:00 - 13:00
Saturday 08:00 - 15:00

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when RD Mangrio & Law Associated posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share