03/09/2025
اسين پنهنجي عزيز، ساٿي، ۽ وڪيل علي نواز پلي، سندس والد سيف الله پلي ۽ ماما محمد موسى پلي تي ٿيل بزدل قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.
اهو حملو نه صرف هڪ خاندان تي، پر پوري وڪيل برادري ۽ قانون جي بالادستي تي حملو آهي
اسين هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي ڀاءُ علي نواز پلي ۽ سندس خاندان سان مڪمل قانوني، اخلاقي ۽ انساني مدد لاءِ هر محاذ تي گڏ بيٺا آهيون
ظلم خلاف آواز اٿارڻ نه صرف حق، پر ذميواري به آهي. اسين ان ذميواري کي نڀائڻ لاءِ تيار آھيون
اسان لاڳاپيل اعليٰ اختيارين ۽ ادارن کان پُرزور مطالبو ڪريون ٿا ته واقعي جي فوري ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي، ۽ اصل جوابدارن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ته جيئن اسان جي ڀاءُ سان انصاف ٿئي ۽ اهڙا حملن جي حوصلا شکني ٿي سگهي
General Secretary IPLF Karachi
Adv Shuban A. Khoso