13/05/2026
افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڪراچي ۾ منشيات (خاص ڪري ڪوڪين) جي مبينا وڏي ڊيلر انمول عرف پنڪي کي عدالت ۾ اهڙي انداز سان پيش ڪيو ويو، ڄڻ هوءَ ڪا خاص شخصيت هجي وڊيو ۾ صاف نظر اچي ٿو ته نه هتڪڙيون هيون، نه چهرو ڍڪيل هو ۽ نه ئي ليڊي پوليس موجود هئي، جڏهن ته عام ملزمن سان اڪثر اهڙو سلوڪ نٿو ٿئي
ٻئي پاسي عام ماڻهو ۽ سچ ڳالهائيندڙ اڪثر تڪليفن ۽ هراسانين جو شڪار ٿين ٿا جيڪڏهن قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو نه رهيو ته انصاف تي عوام جو اعتماد ختم ٿي ويندو قانون کان مٿانهون ڪو به نه هئڻ گهرجي، هر ملزم کي صرف ملزم جي حيثيت سان ئي پيش ڪيو وڃي.
#سنڌپوليس