10/11/2025
منهنجي زندگي - منهنجي ڪهاڻي: قسط 1
اميريڪا جو سفر
مان 1980 ۾ ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ هڪ انگريزي ماهانا رسالي ۾ بزنيس مئنيجر جي نوڪري ڪندو هيم. رسالي نالو هيو، ماهوار مائيننگ انجنيئر پاڪستان.
Monthly Mining Engineer Pakistan.
هن رسالي جو ايڊيٽر ۽ پبلشر، مرحوم ٻشير احمد انصاري صاحب هيو. مون هن رسالي کي 1978 ۾ جوائن ڪيو. مائيننگ انجنيئر ۾ نوڪريءَ کان اڳ جناب يوسف شاهين صاحب جي هفتيوار رسالي برسات ۾ چيف رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هيم. مائيننگ ا انجنير ۾ يا ڪنهن به انگريزي ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ جو منهنجو هيءُ پهريون تجربو هيو ۽ مائيننگ انجنيئر جي پڻ شروعات هئي. بشير احمد انصاري صاحب مرحوم سنڌ سرڪار ۾ چيف انجنيئر آف مائينس جي حيثيت سان سنڌ جي مائينز ۽ منرلز کي سنڀاليندو هيو. ان زماني ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي مائيننگ انجنيئرس جي هڪ ائسوسيئيشن، ائسوسيئيشن آف مائيننگ انجنيئرس پاڪستان، هوندي هئي ۽ هيءُ رسالو ان ائسوسيئيشن جي طرفان ڇاپيو ويندو هيو. جيئن ته شروعات ۾ هن رسالي جي ڪا آفيس ڪان هوندي هئي ۽ انجو ايڊيٽر ۽ پبلشر بشير احمد انصاري صاحب هيو، ته شروعاتي دور ۾ رسالي جو ڪار وهنوار انصاري صاحب جي سرڪاري آفيس مان ئي ٿيندو هيو. هيءَ آفيس ڪراچيءَ ۾ پاسپورٽ آفيس جي سامهون ۽ هاء ڪورٽ جي پاسي ۾ پراڻي گورنمينٽ آفيسن وارين بئرڪن ۾ هوندي هئي. اڄڪلھ سنڌ سرڪار جون سموريون آفيسون نئين سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ بدلي ٿي ويون آهن ۽ پراڻي بئرڪن واري سيڪريٽريٽ کنڊر ۾ تبديل ٿي وئي آهي. جيئن ته هي رسالو شروعاتي دور جي ڏکين مرحلن مان گذري رهيو هو ، ۽ آمدنيءَ جو واحد ذريعو، اشتهار، اڃان ملڻ ڪون شروع ٿيا هئا، انڪري رسالي جي ايڊيٽنگ، پبلشنگ، مضمون جمع ڪرڻ، پروف ريڊنگ، ڊسٽريبيوشن ۽ ٻيو سمورو ننڍو وڏو ڪم اڪيلي سر مونکي ئي ڪرڻو پوندو هيو. انصاري صاحب جي آفيس مان ٽائيپنگ، ٽيليفون ۽ ٻاهرين ڀڄ ڊڪ لاءِ پٽيوالي جي سهوليت ميسر هوندي هئي.
مرحوم ٻشير احمد انصاري صاحب هڪ بهترين انسان ۽ شفيق باس ته هيو، پر انتهائي مخلص ۽ سچو دوست به هيو. هو پاڻ نارٿ ناظم آباد ڻ رهندو هيو ۽ مان ڊرگ ڪالوني نمبر 5 ۾ هڪ ڪوارٽر جي ننڍڙي پورشن ۾ پنهنجي گهرواري ۽ ننڍڙي پٽ سان گڏ رهندو هيم. انصاري صاحب اڪثر آفيس کانپوءِ شام جو مونکي پنهنجي سرڪاري جيپ تي ناظم آباد ۾ پنهنجي گهر کڻي ويندو هو. چانهن يا ڪافيءَ جي ڪوپ تي خوب ڪچهري ٿيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن دير ٿي ويندي هئي (هو ڄاڻي واڻي دير ڪرائيندو هيو) ته رات جي ماني به انصاري صاحب پ پنهنجي گهر ۾ کارائي مونکي پنهنجي گهر ناظم آباد کان منهنجي گهر ڊرگ ڪالونيءَ ۾ ڇڏي ايندو هيو. ڪجھ مهينن کانپوءِ مونکي رسالي جي طرفان هونڊا 110 موٽر سائيڪل ملي وئي هئي ۽ مان پاڻ انصاري صاحب جي گهر کان پنهنجي گهر موٽر سائيڪل تي وڃڻ لڳو هيم. هتي هڪ دلچسپ ڳالھ به ٻڌائيندو هلان ته لاڙڪاڻي جي هڪ وڏيري جو فرزند ۽ انصاري صاحب جو سالو، خورشيد جوڻيجو (گهڻو ڪري) انصاري صاحب جي آفيس ۾ ساڻس ملاقات لاءِ ايندو هيو. خوبصورت نوجوان، نهايت ادب ۽ اخلاق وارو، بيحد شرميلو ۽ تمام گهٽ ڳالهائيندڙ هيو. انصاري صاحب جي گهر واري ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرار هئي. نهايت ادب، اخلاق واري، مهمان نواز ۽ پنهنجي نوجوان ڀاءُ خورشيد وانگر گهٽ ڳالهائڻ واري هئي. مون ڪڏهن به سندس چهري تي بيزاري يا نرڙ تي بخيليءَ وارو گهنج ڪون ڏٺو.
منهنجي ڪهاڻيءَ جو هيءُ حصو بيحد اهم آهي. هن کانسواءِ منهنجي ڪهاڻي اڻپوري هوندي. مان چاهيان ٿو ته توهان هن حصي کي غور سان پڙهو ۽ پنهنجي يادگيريءَ ۾ سنڀالي رکو. منهنجي ڪهاڻيءَ جو هيءُ حصو اميريڪا ۾ رهندڙ اڪثر سنڌي ماڻهن جي اصلي قومي ڪردار کي
وائکو ٿو ڪري.
انصاري صاحب جو هڪ بيحد ويجهو دوست ۽ سنڌ جو مشهور نوجوان غوث بخش بزنجي جي پارٽيءَ جو قومپرست سوشلسٽ شاگرد اڳواڻ، بچل شاھ (فرضي نالو) هميشه سندس آفيس ۾ ايندو رهندو هيو. جيڪڏهن مان آفيس هوندو هيم اسان خوب ڪچهريون ڪندا هئاسي ۽ گڏجي ماني کائيندا هئاسي ۽ چانھ يا ٿڌو پيئندا هئاسي. هلندڙ...
دوسٿو: ڪافي عرصي کان منهنجا دوست ۽ پرين پيارا زور ڀريندا هئا ته مان پنهنجي زندگيءَ جي اهم واقعن تي لکان. نيٺ اڄ مون همٿ ڪري ڪافي عرصي کانپوءِ لکڻ شروع ڪيو آهي. منهنجي زندگي ڪجھ اهم، ڪجهه دلچسپ ۽ ڪجھ ڇرڪائيندڙ واقعن سان ڀريل آهي. هيءَ منهنجي ڪهاڻيءَ جي پرين قسط آهي. مونکي توهان جي حقيقي ۽ آزاد راءِ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن توهان کي منهنجي هن ڪيبورڊ جي پورهئي ۾ ڪا دلچسپي نظر اچي ٿي ته مان هن سلسلي کي جاري رکان. ٻي صورت ۾ ڀڄي پاسو ڪيان. ڇا ٿا چئو.
اعجاز سنڌي
نومبر 10. 2025.