𝗛𝗔𝗠𝗠𝗔𝗗𝗨𝗟𝗟𝗔𝗛 𝗨𝗡𝗔𝗥 𝗟𝗘𝗚𝗔𝗟 𝗦𝗘𝗥𝗩𝗜𝗖𝗘𝗦

  • Home
  • Pakistan
  • Hyderabad
  • 𝗛𝗔𝗠𝗠𝗔𝗗𝗨𝗟𝗟𝗔𝗛 𝗨𝗡𝗔𝗥 𝗟𝗘𝗚𝗔𝗟 𝗦𝗘𝗥𝗩𝗜𝗖𝗘𝗦

𝗛𝗔𝗠𝗠𝗔𝗗𝗨𝗟𝗟𝗔𝗛 𝗨𝗡𝗔𝗥 𝗟𝗘𝗚𝗔𝗟 𝗦𝗘𝗥𝗩𝗜𝗖𝗘𝗦 Hammadullah Unar Advocate Providing professional legal services with integrity and dedication.

دفع 173 ضابطه فوجداري (Cr.P.C) تحت چالان ۽ ان جا ڪيترا قسم آھن. اچو ته چالان کي سمجھون ۽ قانوني ڄاڻ حاصل ڪيون.ايڊووڪيٽ ح...
19/08/2026

دفع 173 ضابطه فوجداري (Cr.P.C) تحت چالان ۽ ان جا ڪيترا قسم آھن.

اچو ته چالان کي سمجھون ۽ قانوني ڄاڻ حاصل ڪيون.

ايڊووڪيٽ حماداللہ انڙ ھاء ڪورٽ آف سنڌ.⚖️
حيدرآباد

- *مڪمل چالان:*
جڏھن جاچ مڪمل ٿي وڃي ۽ وڌيڪ جاچ جي ضرورت نه ھجي.

- *غير سراغ چالان:*
جڏھن جوابدار گرفتار نه ٿي سگھي يا مفرور ھجي.

- *ڪينسليشن چالان:*
جڏھن جاچ آفيسر FIR ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري.

- *ضمني چالان:*
عارضي چالان جي بعد وڌيڪ جاچ مڪمل ٿيڻ تي جيڪو چالان جمع ڪرايو وڃي.

- *عارضي چالان:*
جڏھن 14 ڏينھن جي قانوني مدت ۾ جاچ مڪمل نه ٿي سگھي.

- *بعد از چالان:*
جڏھن عدالت ٻيھر جاچ يا نئين آفيسر کان انڪوائري جو حڪم ڏئي.

- *ثابت چالان:*
جنھن ۾ جوابدار کي ڏوھاري قرار ڏئي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

- *منفي چالان:*
جنھن ۾ جوابدار کي بي گناھ قرار ڏئي بري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وڃي.

*نوٽ:* ھي سڀ پوليس پاران عدالت ۾ جمع ڪرايا ويندڙ چالان جا مختلف قسم آھن جيڪي جاچ جي صورتحال مطابق پيش ڪيا ويندا آھن.

وڌيڪ ڪنھن قانوني مدد ۽ رھنمائي جي لاءِ رابطو ڪندا.

ايڊووڪيٽ حماداللہ انڙ ھاء ڪورٽ آف سنڌ.
⚖️🌹⚖️🌹⚖️🌹⚖️
📞03103592937
📞03013592937

**قتل جا قسم ۽ لاڳاپيل قانون**انساني زندگي الله تعاليٰ جي عطا ڪيل سڀ کان قيمتي نعمت آهي، تنهنڪري ڪنهن به انسان جي زندگي ...
18/08/2026

**قتل جا قسم ۽ لاڳاپيل قانون**

انساني زندگي الله تعاليٰ جي عطا ڪيل سڀ کان قيمتي نعمت آهي، تنهنڪري ڪنهن به انسان جي زندگي ختم ڪرڻ کي قانون ۾ انتهائي سنگين ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي۔ پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ قتل کي صرف هڪ ئي نوعيت جو ڏوهه نه سمجهيو ويو آهي، بلڪه ملزم جي نيت، عمل جي طريقيڪار ۽ واقعي جي حالتن کي نظر ۾ رکندي،
ان جا مختلف قسم بيان ڪيا ويا آهن، جن مان هر هڪ لاءِ الڳ الڳ قانوني معيار ۽ سزائون مقرر ٿيل آهن۔
ايڊووڪيٽ حماداللہ انڙ حيدرآباد سنڌ.
⚖️🌹⚖️🌹⚖️🌹⚖️🌹
انهن سڀني ۾ سڀ کان اهم ۽ سنگين قسم قتلِ عمد آهي۔ جڏهن ڪو شخص ڄاڻي ٻجهي، پوري نيت ۽ ارادي سان ڪنهن انسان کي مارڻ خاطر اهڙو عمل ڪري، جنهن جو لازمي نتيجو موت جي صورت ۾ نڪري، ته اهو قتلِ عمد سڏجي ٿو۔ پاڪستان پينل ڪوڊ جي دفعه 300 ۾ ان جي تعريف ڏنل آهي، جڏهن ته دفعه 302 ان لاءِ سزا مقرر ڪري ٿي۔ اهڙن ڪيسن ۾ عدالت رڳو موت جي واقعي کي ئي ڪافي نه سمجهندي آهي، بلڪه ملزم جي نيت (mens rea)، واقعي جي ترتيب ۽ حالتن، شاهدن جي بيانن، طبي ۽ فارنزڪ ثبوتن سميت هر پاسي جو گہرائي سان جائزو وٺندي آهي، تڏهن وڃي ڪٿي حتمي فيصلو ڏنو وڃي ٿو۔

قتلِ عمد کان پوءِ قتلِ شبه عمد اچي ٿو، جنهن ۾ ملزم جي نيت مقتول کي موت ڏيڻ جي حد تائين نه هوندي آهي، بلڪه نقصان پهچائڻ جي حد تائين هوندي آهي، پر واقعي جي حالتون ايتريون ته سخت يا خطرناڪ هونديون آهن، جو نتيجي ۾ موت واقع ٿي وڃي ٿو۔ ان قسم جي قتل بابت پاڪستان پينل ڪوڊ جون دفعائون 315 ۽ 316 لاڳو ٿين ٿيون، جن ۾ ذميواري ته موجود آهي، پر نيت جي نوعيت قتلِ عمد کان گھٽ سمجهي وڃي ٿي۔

ٽيون قسم قتلِ خطا آهي، جيڪو ان وقت وجود ۾ اچي ٿو، جڏهن ملزم کي قتل ڪرڻ جي ڪا به نيت نه هجي، پر ڪنهن غلطي، غفلت يا اڻ ڄاتي حادثي سبب ڪنهن انسان جي موت واقع ٿي وڃي۔ مثال طور، ڪنهن جائز ۽ قانوني ڪم دوران اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪا اهڙي غلطي ٿي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي شخص جي موت ٿي وڃي۔ ان بابت دفعائون 318 ۽ 319 لاڳو ٿين ٿيون۔

ساڳئي طرح، قتل بالتسبب انهن حالتن تي لاڳو ٿئي ٿو، جتي ملزم جو ڪو عمل يا سبب اهڙي طرح موت جو ڪارڻ بڻجي ٿو، جو موت سڌي طرح ملزم جي هٿان واقع نه ٿيو هجي، پر ان جو سبب ملزم جي عمل ۾ لڪل هجي۔ ان قسم جي قتل بابت پاڪستان پينل ڪوڊ جون دفعائون 321 ۽ 322 لاڳو ٿين ٿيون۔

پاڪستان جي قتل قانون ۾ قصاص ۽ ديت جو تصور به بنيادي حيثيت رکي ٿو۔ قصاص شرعي ۽ قانوني شرطن تحت مقرر ٿيل سزا جو اصول آهي، جڏهن ته ديت مقتول جي وارثن کي قانون موجب ادا ڪيل مالي معاوضو آهي۔ ڪجهه حالتن ۾ مقتول جا وارث معافي ڏيڻ يا صلح ڪرڻ جو حق رکن ٿا، پر اهڙي معافي يا صلح کان اڳ عدالت لاءِ ضروري آهي ته ڪيس جي نوعيت، موجود ثبوتن ۽ قانون جي لاڳو دفعن کي پوري طرح جانچي وٺي۔

انهن سڀني قسمن کان علاوه، فَسادُ فِي الارض جو تصور به ڪجهه انتهائي سنگين قتل جي ڪيسن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ پاڪستان پينل ڪوڊ جي دفعه 311 موجب، ڪجهه خاص حالتن ۾ وارثن جي معافي يا صلح باوجود به، عدالت کي اهو اختيار حاصل آهي ته سماج ۾ امن ۽ انصاف قائم رکڻ خاطر قانون موجب سزا ڏئي سگهي۔

انهيءَ ڪري، قتل جي هر واقعي کي محض ”قتل“ چئي رد ڪري ڇڏڻ قانوني نقطي نظر کان ڪافي ناهي۔ اهو معلوم ڪرڻ لازمي آهي ته موت ڪهڙي نيت، ڪهڙي عمل، ڪهڙي طريقيڪار ۽ ڪهڙين حالتن ۾ واقع ٿيو۔ اهي ئي حقيقتون طئي ڪن ٿيون ته ڪهڙي قانوني دفعه لاڳو ٿيندي ۽ ملزم تي ڪهڙي نوعيت جي سزا مقرر ٿي سگهندي۔

وڌيڪ قانوني مدد ۽ رھنمائي جي لاءِ ھنن نمبرن تي رابطو ڪندا.

ايڊووڪيٽ حماداللہ انڙ،
ھاءِ ڪورٽ آف سنڌ.
حيدرآباد
📞03103592937
📞03013592937

*ایف آئی آر ختم ڪرائڻ جو مڪمل قانوني طريڪو ڪار -*  *هڪ جامع قانوني رهنمائي* ⚖️*ايڊووڪيٽ حمادالله انڙ*  *هاءِ ڪورٽ آف سنڌ...
17/08/2026

*ایف آئی آر ختم ڪرائڻ جو مڪمل قانوني طريڪو ڪار -*
*هڪ جامع قانوني رهنمائي* ⚖️

*ايڊووڪيٽ حمادالله انڙ*
*هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حيدرآباد*
🌹⚖️🌹⚖️🌹⚖️🌹⚖️🌹

_تمهيد: مسئلي جي سنگيني_

بدقسمتي سان اسان جي سماج ۾ "ايف آئي آر ڪلچر" کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي رهيو آهي. ڪاروباري دشمني، ذاتي رنجش، زمين جو تڪرار يا صرف دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪوڙي ۽ فرضي ڪهاڻين جي بنياد تي ٿاڻي ۾ ايف آئي آر داخل ڪرائي ويندي آهي.

ان جو مقصد انصاف حاصل ڪرڻ نه پر مخالف ڌر کي ٿاڻي ڪچهري جا چڪر ڏيارڻ، مالي ۽ سماجي طور بدنام ڪرڻ ۽ ذهني اذيت ڏيڻ هوندو آهي.

پر اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته _پاڪستان جو قانون هن معاملي ۾ بلڪل خاموش نه آهي_. اسان جي قانون ۾ ڪوڙن ڪيسن جو سدِ باب ڪرڻ لاءِ واضح ۽ مؤثر طريقو موجود آهي.

هن تفصيلي مضمون ۾ اسان مرحلو وار ڄاڻنداسين ته جيڪڏهن توهان يا توهان جو ڪو عزيز ڪنهن ڪوڙي يا بي بنياد ڪيس ۾ ڦاسي پيو آهي ته قانون جي دائري ۾ رهندي هو پنهنجي جان ڪيئن ڇڏائي سگهي ٿو.

_حصو اول: ايف آئي آر ڇا آهي ۽ ان کي چيلنج ڇو ڪري سگهجي ٿو؟_

_ايف آئي آر - First Information Report_ ضابطو فوجداري جي دفعي 154 تحت ٿاڻي ۾ داخل ٿيندڙ اها پهرين اطلاع آهي جنهن سان ڪنهن قابلِ دست اندازي ڏوهه جي شروعات ٿيندي آهي.

پر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪيترن ئي فيصلن ۾ قرار ڏنو آهي ته _"ايف آئي آر مقدس نه آهي"_. جيڪڏهن ايف آئي آر پاڻ بدنيتي، ڪوڙ ۽ قانون جي غلط استعمال تي ٻڌل هجي ته عدالت ان کي شروع ۾ ئي ختم ڪري سگهي ٿي.

_ايف آئي آر ڪڏهن "ڪوڙي" ۽ "قابلِ تنسيخ" سمجهي ويندي آهي؟_
1. _بدنيتي Malafide_: جڏهن ڪيس ذاتي دشمني يا حراساں ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايو ويو هجي.
2. _تاخير Delay_: بغير ڪنهن معقول سبب جي واقعي کان ڪيترن ڏينهن بعد ايف آئي آر داخل ڪرائڻ.
3. _قانوني تقاضا پورو نه ٿيڻ_: واقعي ۾ ڪو ڏوهه ئي نه ٺهندو هجي. مثال طور سول تڪرار کي فوجداري رنگ ڏيڻ.
4. _ثبوتن جو فقدان_: ايف آئي آر ۾ لکيل ڪهاڻي جو ڪو سر پير ئي نه هجي.

_حصو دوم: ايف آئي آر ختم ڪرائڻ جا 4 قانوني رستا_

قانون مختلف مرحلن لاءِ مختلف رستا ڏنا آهن. ڪيس جيڪي مرحلي تي آهي ان مطابق درخواست ڏني ويندي آهي.

*رستو نمبر 1: چالان پيش ٿيڻ کان اڳ - هاءِ ڪورٽ جو اختيار | دفعو 561-A ض ف ۽ آرٽيڪل 199 آئين*

اهو سڀ کان طاقتور ۽ جلدي وارو طريقو آهي. جيئن ئي توهان کي خبر پوي ته توهان جي خلاف ڪوڙي ايف آئي آر داخل ٿي وئي آهي ۽ اڃا تائين پوليس جاچ ڪري رهي آهي، چالان عدالت ۾ پيش نه ٿيو آهي، ته فوري طور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪريو.

_قانوني بنياد:_
1. _دفعو 561-A ضابطو فوجداري_: هي هاءِ ڪورٽ کي "Inherent Powers" ڏئي ٿو ته هو انصاف جا تقاضا پورا ڪرڻ ۽ عدالت جي عمل جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪو به حڪم جاري ڪري سگهي ٿو.
2. _آرٽيڪل 199 آئين پاڪستان_: هاءِ ڪورٽ ڪنهن به سرڪاري عمل کي غير قانوني قرار ڏئي ڪالعدم ڪري سگهي ٿي.

_ڪڏهن استعمال ڪجي؟_
جڏهن ايف آئي آر ۾ ڪو ڏوهه ئي نه ٺهندو هجي. جڏهن الزام بلڪل ڪوڙا ۽ ناقابلِ يقين هجن. جڏهن ايف آئي آر صرف حراساں ڪرڻ لاءِ هجي.

_اهم ڪيس لاز:_
- _PLD 2005 SC 530_: سپريم ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن ايف آئي آر جي متن مان ئي ڏوهه ثابت نه ٿئي ته هاءِ ڪورٽ ان کي 561-A تحت ختم ڪري سگهي ٿي.
- _2024 SCMR 205_: ڊجيٽل ثبوتن کان سواءِ صرف فوٽو/ويڊيو تي ايف آئي آر کي هاءِ ڪورٽ ختم ڪيو.

_طريقو ڪار_: پنهنجي وڪيل ذريعي لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۾ "Criminal Miscellaneous Application U/S 561-A CrPC" داخل ڪريو. ان سان گڏ ايف آئي آر جي ڪاپي، ثبوت ۽ حلف نامو لڳايو.

*رستو نمبر 2: ٽرائل دوران - مجسٽريٽ جي عدالت | دفعو 249-A ض ف*

جيڪڏهن پوليس جاچ کان پوءِ چالان عدالت ۾ پيش ڪري چڪي آهي ۽ ٽرائل شروع ٿي ويو آهي ته گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي.

_دفعو 249-A ضابطو فوجداري_ مجسٽريٽ کي اختيار ڏئي ٿو ته هو ڪنهن به مرحلي تي جيڪڏهن اهو سمجهي ته جوابدار جي خلاف لڳايل الزام بي بنياد آهن ۽ ان کي سزا جو ڪو امڪان نه آهي، ته هو جوابدار کي فوري طور بري ڪري سگهي ٿو.

*رستو نمبر 3: ٽرائل دوران - سيشن ڪورٽ | دفعو 265-K ض ف*

سنگين ڏوهه جهڙوڪ قتل، ڊاڪي وغيره سيشن ڪورٽ ۾ هلندا آهن.

_دفعو 265-K ضابطو فوجداري_ سيشن جج کي اختيار ڏئي ٿو ته چارج فريم ٿيڻ کان پوءِ ۽ شاهدن جي بيانن کان اڳ ئي جيڪڏهن ڪيس ۾ ڪا جان نه هجي ته هو جوابدار کي بري ڪري ڇڏي.

*رستو نمبر 4: پوليس جو پنهنجو اختيار | پوليس رولز 1934 - رول 24.7*

گهٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا ته پوليس وٽ به اختيار آهي.

_پوليس رولز 1934 جي رول 24.7_ تحت جيڪڏهن ايس ايس پي يا ڊي آءِ جي سطح جو آفيسر جاچ دوران هن نتيجي تي پهچي ته ايف آئي آر ڪوڙي، بي بنياد ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي ته هو اعليٰ آفيسرن جي منظوري سان ان کي "Class C" ۾ وجهي منسوخ ڪري سگهي ٿو.

_اهم_: ان لاءِ ٺوس ثبوت ڏيڻا پوندا ته الزام ڪوڙا آهن.

_حصو سوم: ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ واري جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟_

1. _دفعو 182 تعزيرات پاڪستان PPC_: جيڪو شخص سرڪاري آفيسر کي ڪوڙي اطلاع ڏئي کيس تڪليف ۾ وجهي، ان کي 6 مهينا قيد يا ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.
2. _دفعو 193 PPC_: عدالت ۾ ڪوڙي گواهي ڏيڻ جي سزا 7 سال تائين قيد آهي.
3. _دفعو 211 PPC_: ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي نيت سان ڪوڙو فوجداري ڪيس داخل ڪرائڻ - 7 سال تائين قيد.
4. _هتڪِ عزت جو دعويٰ_: توهان سول عدالت ۾ هرجاني جو دعويٰ به داخل ڪري سگهو ٿا.
_حصو چوٿون: عملي قدم - توهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟_

جيڪڏهن توهان ڪوڙي ڪيس جو شڪار آهيو ته هي 5 قدم فوري طور کڻو:

1. _گھٻرايو نه_: قانوني رستو موجود آهي.
2. _فوري طور وڪيل سان رابطو ڪريو_: وقت تمام اهم آهي. چالان کان اڳ 561-A وڌيڪ مؤثر آهي.
3. _ثبوت گڏ ڪريو_: ڪال رڪارڊ، واٽس ايپ چيٽ، شاهد، CCTV فوٽيج.
4. _ضمانت ڪرايو_: گرفتاري کان بچڻ لاءِ فوري ضمانت قبل از گرفتاري داخل ڪريو.
5. _جوابي ڪارروائي_: بري ٿيڻ کان پوءِ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ واري جي خلاف 182 ۽ 211 PPC تحت ڪارروائي ڪريو.

_نتيجو: قانون توهان سان گڏ آهي_

ياد رکو، _"انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار آهي"_ پر _"ڪوڙا ڪيس، انصاف جو قتل آهن"_.

اسان جو عدالتي نظام ڪوڙن ڪيسن کي ختم ڪرڻ لاءِ مڪمل طور ليس آهي. بس ضرورت آهي قانوني حقن کان آگاهي جي ۽ وقت تي صحيح قانوني قدم کڻ جي.

_"قانون کان لاعلمي عذر ناهي، پر قانون کان آگاهي نجات آهي"_

_ڊسڪليمر_: هي معلومات صرف قانوني آگاهي لاءِ آهي. هر ڪيس جا حقيقت مختلف هوندا آهن. ڪو به قانوني قدم کڻ کان اڳ پنهنجي وڪيل سان صلاح ضرور ڪريو.

*ايڊوڪيٽ حمادالله انڙ*
*هاءِ ڪورٽ آف سنڌ* ⚖️ *حيدرآباد*
03103592937
03013592937

` `

وراثتی انتقال کروانے کا مکمل اور آسان طریقہ کار۔ایڈووکیٹ حماداللہ انڑھاء کورٹ آف سندہ⚖️کسی شخص کے انتقال کے بعد اس کی مل...
12/08/2026

وراثتی انتقال کروانے کا مکمل اور آسان طریقہ کار۔

ایڈووکیٹ حماداللہ انڑ
ھاء کورٹ آف سندہ⚖️

کسی شخص کے انتقال کے بعد اس کی ملکیتی جائیداد کو اس کے قانونی و شرعی وارثان کے نام منتقل کروانے کے لیے وراثتی انتقال کا اندراج ضروری ہے۔ بروقت وراثتی انتقال نہ کروانے کی صورت میں مستقبل میں جائیداد کی تقسیم، فروخت یا دیگر معاملات میں پیچیدگیاں اور تنازعات پیدا ہو سکتے ہیں۔

🔹 1۔ ڈیتھ سرٹیفکیٹ حاصل کریں

متوفی کے وارثان میں سے کوئی بھی وارث متعلقہ یونین کونسل/متعلقہ اتھارٹی سے متوفی کا ڈیتھ سرٹیفکیٹ حاصل کرے گا۔

🔹 2۔ نادرا سے FRC حاصل کریں
نادرا سے متوفی کا Family Registration Certificate (FRC) حاصل کیا جائے، تاکہ خاندان اور ممکنہ وارثان کی تفصیل سامنے آ سکے۔

🔹 3۔ بیانِ حلفی اور نمبردار کی تصدیق

وراثتی انتقال کے لیے:
کسی ایک وارث کی طرف سے بیانِ حلفی تیار کیا جائے گا۔
متعلقہ گاؤں کے نمبردار کی طرف سے بھی بیان/تصدیق دی جائے گی۔
دونوں میں تمام زندہ قانونی وارثان کی مکمل اور درست تفصیل درج ہونا ضروری ہے۔

🔹 4۔ درخواست اور دستاویزات جمع کروانا

اگر موضع/چک مینوئل ہو تو وراثتی انتقال کے اندراج و منظوری کے لیے درخواست تحصیلدار صاحب کے دفتر میں، جبکہ آن لائن ریکارڈ کی صورت میں متعلقہ ADLR کے دفتر میں جمع کروائی جائے گی۔
درخواست کے ساتھ عموماً:
📌 ڈیتھ سرٹیفکیٹ
📌 نادرا FRC
📌 بیانِ حلفی
📌 نمبردار کی تصدیق/بیان
📌 دیگر مطلوبہ دستاویزات
کی فائل جمع کروائی جاتی ہے۔

🔹 5۔ پٹواری حلقہ کی طرف سے تصدیق اور شجرہ نسب
متعلقہ افسر درخواست مارک کرکے پٹواری حلقہ کو بھجوائے گا۔ پٹواری حلقہ دستاویزات کی جانچ کے بعد وارثان سے رابطہ کرے گا اور موقع پر نمبردار اور پتی دار کی موجودگی میں وارثان کی تصدیق کرے گا۔
اس کے بعد پٹواری حلقہ تمام قانونی وارثان کو شامل کرتے ہوئے شجرہ نسبِ وارثان تیار کرے گا اور اپنی رپورٹ مرتب کرے گا، جس کی حسبِ ضابطہ متعلقہ گرداور اور تحصیلدار سے تصدیق ہوگی۔

🔹 6۔ انتقال کا اندراج اور اخبار میں اشتہار

شجرہ نسب اور وارثان کی تصدیق مکمل ہونے کے بعد وراثتی انتقال کا اندراج کیا جائے گا۔
اس کے بعد متعلقہ تحصیلدار/ADLR کی عدالت کی طرف سے حسبِ ضابطہ اخبار میں اشتہار شائع کروایا جائے گا، جس میں متوفی کے درج شدہ وارثان کی تفصیل دی جاتی ہے اور عوام کو آگاہ کیا جاتا ہے کہ اگر کسی شخص کو کسی وارث کے رہ جانے یا کسی دیگر قانونی اعتراض کے بارے میں کوئی دعویٰ یا عذر ہو تو مقررہ مدت، مثلاً 15 یوم کے اندر بمعہ ثبوت اپنا اعتراض پیش کرے۔

🔹 7۔ عدالت میں حاضری اور شجرہ نسب کی تصدیق

مقررہ کارروائی کے دوران متعلقہ تحصیلدار/ADLR کی عدالت میں کسی ایک وارث کی حاضری بھی ضروری ہو سکتی ہے۔
نمبردار اور ایک گواہ، مثلاً پتی دار، شجرہ نسبِ وارثان اور وارثان کی شناخت/تصدیق کریں گے۔

🔹 8۔ شرعی و قانونی حصص کے مطابق انتقال کی منظوری

تمام قانونی تقاضے مکمل ہونے اور کسی قابلِ سماعت اعتراض کی عدم موجودگی کی صورت میں متعلقہ تحصیلدار/ADLR قانون اور قابلِ اطلاق شرعی اصولوں کے مطابق تمام وارثان کے حصص کا تعین کرتے ہوئے وراثتی انتقال منظور کرے گا۔

⚠️ اہم بات
وراثتی انتقال میں سب سے اہم مرحلہ تمام قانونی وارثان کی درست نشاندہی ہے۔ کسی ایک وارث کو جان بوجھ کر چھپانا یا شجرہ نسب میں غلط معلومات درج کروانا مستقبل میں سنگین قانونی تنازع کا سبب بن سکتا ہے۔
یہ بھی یاد رکھیں کہ دستاویزات، اشتہار، حاضری اور دیگر کارروائی کا طریقہ کار موضع کے ریکارڈ کی نوعیت اور متعلقہ صوبائی/ریونیو قوانین کے مطابق مختلف ہو سکتا ہے۔ اس لیے عملی کارروائی شروع کرنے سے پہلے متعلقہ ریونیو آفس سے موجودہ طریقہ کار کی تصدیق ضرور کر لیں۔

📌 آپ کے لیے مفید معلومات

اگر آپ کو وراثتی انتقال، انتقال، رجسٹری، کھیوٹ تقسیم، شجرہ نسب، فردِ ملکیت، زمین کی تقسیم یا دیگر اراضی ریکارڈ سے متعلق رہنمائی درکار ہے تو اپنی صورتحال کمنٹ میں بتائیں یا ان باکس رابطہ کریں۔
یا واٹس ایپ نمبر،
03103592937
03013592937

ايڈووکیٹ حماداللہ انڑ
ھاء کورٹ آف سندہ۔
حیدرآباد 🌹
اراضی ریکارڈ اور ریونیو معاملات سے متعلق معلومات و رہنمائی
#وراثت #انتقال #پٹواری #تحصیلدار

ڪاروبار ۾ ٺڳي، امانت ۾ خيانت، ۽ جعلي دستاويز ۽ انھن جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ سزائون۔ ايڊووڪيٽ حماداللہ انڙ،روزمره جي ڪا...
09/08/2026

ڪاروبار ۾ ٺڳي، امانت ۾ خيانت، ۽ جعلي دستاويز ۽ انھن جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ سزائون۔

ايڊووڪيٽ حماداللہ انڙ،

روزمره جي ڪاروبار، لين دين يا ذاتي معاملن ۾ جيڪڏهن ڪو شخص اوهان جي رقم، گاڏي، ملڪيت يا ٻيو مال امانت طور وٺي، پوءِ نيت بدلائي ان کي هڙپ ڪري، واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري يا پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪري، ته ڪجهه حالتن ۾ اهو تعزيرات پاڪستان پينل ڪوڊ (PPC) تحت ڏوهه بڻجي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح خالي ڪاغذ يا اسٽامپ پيپر تي ورتل صحيحن جو غلط استعمال ڪرڻ، جعلي دستاويز ٺاهڻ يا ڪنهن کي ڌوڪو ڏئي مالي فائدو حاصل ڪرڻ به قانوني ڪارروائي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
● امانت ۾ خيانت ڇا آهي؟
(Criminal Breach of Trust – Section 406 PPC)
جڏهن ڪو شخص ڪنهن ٻئي جي رقم، مال يا ملڪيت امانت يا ڪنهن خاص مقصد لاءِ پنهنجي حوالي ڪري ۽ پوءِ بي ايماني سان ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري، هڙپ ڪري يا قانوني طور واپس ڪرڻ باوجود واپس نه ڪري، ته حالتن مطابق اهو امانت ۾ خيانت
Criminal Breach of Trust)
جو ڏوهه ٿي سگهي ٿو.
مثال: ساجد پنهنجي دوست محسن کي ڪاروباري مقصد لاءِ 10 لک رپيا امانت طور ڏئي ٿو.
ڪجهه وقت کان پوءِ ساجد پنهنجي رقم واپس گهري ٿو،

ايڊووڪيٽ حماداللہ انڙ
ھاء ڪورٽ آف سنڌ،
حيدرآباد.

رابطي لاءِ نمبر،
03103592937
03013592937
03323592937

آئون اياز لطيف پليجو سان گڏ آهيان.                _JusticeForAyazPalijo_ ايف آءِ اي پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ نوٽيس جي سخت لف...
08/08/2026

آئون اياز لطيف پليجو سان گڏ آهيان. _JusticeForAyazPalijo_

ايف آءِ اي پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ نوٽيس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو.

- *قانون جي حڪمراني*
- لاءِ غير متزلزل عزم
- ۽ سائبر ڪرائيم جي قانونن جي غلط استعمال کي رڌ ڪيان ٿو.
- ۽ مطالبو ڪيان ٿو ته فوري طور تي نوٽيس واپس
- ورتو وڃي.

> جيڪڏهن ڪو به روڊ يا رستو 20 سالن کان استعمال ۾ هجي > ته اهو پاڻمرادو *Public way* پبلڪ وي بڻجي ويندو آهي.> ۽ *Easement...
06/08/2026

> جيڪڏهن ڪو به روڊ يا رستو 20 سالن کان استعمال ۾ هجي
> ته اهو پاڻمرادو *Public way* پبلڪ وي بڻجي ويندو آهي.
> ۽ *Easement Act 1882* جي مطابق
> رستي جو مالڪ ڪنهن کي به ان رستي تان گذرڻ کان روڪي نٿو سگهي.

قانوني مدد ۽ رھنمائي جي لاءِ
*رابطو ڪندا:*
0310-3592937
0301-3592937
0332_3592937

*پتو:*
حرڪئيمپ ڪالوني ناٿا ٽائون قاسم آباد حيدرآباد سنڌ 🌹

`کیا طلاق یا خلع کے بغیر ماں بچوں کی کسٹڈی حاصل کر سکتی ہے؟`*قانونی وضاحت:*جی ہاں، اگرچہ میاں بیوی کے درمیان نہ طلاق ہوئ...
05/08/2026

`کیا طلاق یا خلع کے بغیر ماں بچوں کی کسٹڈی حاصل کر سکتی ہے؟`

*قانونی وضاحت:*
جی ہاں، اگرچہ میاں بیوی کے درمیان نہ طلاق ہوئی ہو اور نہ ہی خلع، تب بھی ماں مناسب حالات میں Guardian & Custody
کی درخواست دائر کر سکتی ہے۔

اگر والد:
- بچوں کا نان و نفقہ ادا نہ کر رہا ہو؛
- بیوی کے واجب نان و نفقہ سے بھی مسلسل انکار کر رہا ہو؛
- یا بچوں کی مناسب دیکھ بھال اور پرورش میں ناکام ہو؛
-
`قانونی رہنمائی کے لئے رابطہ کریں`
*ایڈوکیٹ حماداللہ انڑ
ھاء کورٹ آف سندہ
⚖️🌹⚖️🌹⚖️🌹⚖️
تو ایسی صورت میں ماں فیملی کورٹ سے بچوں کی تحویل (Custody) حاصل کرنے کے لیے رجوع کر سکتی ہے۔

قانونی اصول:
Guardians and Wards Act, 1890 کی دفعہ 17 کے مطابق، عدالت کے لیے سب سے اہم اور فیصلہ کن معیار بچے کی بہترین بھلائی (Welfare of the Minor) ہے، نہ کہ صرف یہ کہ والدین کے درمیان طلاق یا خلع ہوئی ہے یا نہیں۔

اہم عدالتی نظائر
(Case Law):
- PLD 2025 SC 47 (reported as 2024 SCP 395) — سپریم کورٹ نے قرار دیا کہ بچے کی فلاح و بہبود ہر دوسرے حق پر مقدم ہے، اور اگر حالات اس کا تقاضا کریں تو ماں کو کسٹڈی دی جا سکتی ہے، حتیٰ کہ دیگر عوامل موجود ہوں۔
- PLD 2002 SC 267 — سپریم کورٹ نے واضح کیا کہ کسٹڈی کے مقدمات میں بنیادی اور اولین اصول بچے کی فلاح و بہبود ہے۔

نتیجہ:
لہٰذا، صرف اس وجہ سے کہ طلاق یا خلع نہیں ہوا، ماں بچوں کی کسٹڈی کا دعویٰ دائر کرنے سے محروم نہیں ہوتی۔
عدالت ہر مقدمے کا فیصلہ بچے کے بہترین مفاد اور فلاح و بہبود کو مدنظر رکھتے ہوئے کرتی ہے۔

*قانوني حل*  *ايڊووڪيٽ حماد الله انڙ*  *حيدرآباد، سنڌ**M.A, LL.B (Hons)*  *ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ آف سنڌ**اسان هيٺين ڪيسن ۾ ...
04/08/2026

*قانوني حل*
*ايڊووڪيٽ حماد الله انڙ*
*حيدرآباد، سنڌ*

*M.A, LL.B (Hons)*
*ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ آف سنڌ*

*اسان هيٺين ڪيسن ۾ خدمتون فراهم ڪندا آهيون:*

1. *فوجداري ڪيس* - Criminal Cases
2. *ڪسٽمز ڪيس* - Customs Cases
3. *خانداني ڪيس* - Family Cases
4. *اميگريشن ۽ نادرا* - Immigration & NADRA
5. *مزدورن جا ڪيس* - Labour Cases

*ساڄي پاسي:*
6. *N.I.R.C ڪيس* - N.I.R.C
7. *منشيات جا ڪيس* - Drugs Cases
8. *هيراڦيري / نارڪوٽڪس جا ڪيس* - Narcotics Cases
9. *عيسائي خانداني ڪيس* - Christian Family Cases

*رابطو:*
*ايڊوڪيٽ*
*فون نمبر:*
03103592937
03013592937
03323592937
*پتو:* حرڪيمپ ڪالوني ناٿا ٽائون، قاسم آباد، حيدرآباد، سنڌ
⚖️🌹⚖️🌹⚖️🌹⚖️🌹

*سپريم ڪورٽ آف پاڪستان*  *جو اهم فيصلو**سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته*  *جيڪو اقرارنامو گواهن جي مڪمل*  *تفصيل کان سواءِ هج...
03/08/2026

*سپريم ڪورٽ آف پاڪستان*
*جو اهم فيصلو*

*سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته*
*جيڪو اقرارنامو گواهن جي مڪمل*
*تفصيل کان سواءِ هجي، جهڙوڪ شناختي ڪارڊ نمبر*
*۽ پتو درج نه هجي،
اهو مشڪوڪ*
*۽ ناقابلِ اعتماد دستاويز ٿي سگهي ٿو.*

*PLD 2026 Supreme Court 42*

*ايڊووڪيٽ*
*حماد الله انڙ*
*هاءِ ڪورٽ آف سنڌ*

*فون:* 0310-3592937
*فون:* 0301-3592937
*فون:* 0332-3592937

*پتو:* حرڪئيمپ ڪالوني قاسم آباد حيدرآباد سنڌ

*نوٽ:* هن فيصلي جو مطلب اهو آهي ته قانوني دستاويزن تي گواهن جو نالو، پتو ۽ CNIC نمبر لکڻ لازمي آهي.
ٻي صورت ۾ اهو ڪورٽ ۾ ڪمزور ثبوت سمجهيو ويندو.
⚖️🌹⚖️🌹⚖️🌹⚖️🌹⚖️

Address

Hyderabad Sindh
Hyderabad
71000

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when 𝗛𝗔𝗠𝗠𝗔𝗗𝗨𝗟𝗟𝗔𝗛 𝗨𝗡𝗔𝗥 𝗟𝗘𝗚𝗔𝗟 𝗦𝗘𝗥𝗩𝗜𝗖𝗘𝗦 posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share