𝗛𝗔𝗠𝗠𝗔𝗗𝗨𝗟𝗟𝗔𝗛 𝗨𝗡𝗔𝗥 𝗟𝗘𝗚𝗔𝗟 𝗦𝗘𝗥𝗩𝗜𝗖𝗘𝗦

  • Home
  • Pakistan
  • Hyderabad
  • 𝗛𝗔𝗠𝗠𝗔𝗗𝗨𝗟𝗟𝗔𝗛 𝗨𝗡𝗔𝗥 𝗟𝗘𝗚𝗔𝗟 𝗦𝗘𝗥𝗩𝗜𝗖𝗘𝗦

𝗛𝗔𝗠𝗠𝗔𝗗𝗨𝗟𝗟𝗔𝗛 𝗨𝗡𝗔𝗥 𝗟𝗘𝗚𝗔𝗟 𝗦𝗘𝗥𝗩𝗜𝗖𝗘𝗦 Hammadullah Unar Advocate Providing professional legal services with integrity and dedication.

اوهان جي نالي سان جعلي Facebook / WhatsApp ID ٺهي وئي آهي؟خاموش نه رهو! هي صرف سوشل ميڊيا جو مسئلو ناهي، پر ڪن حالتن ۾ ه...
19/09/2026

اوهان جي نالي سان جعلي Facebook / WhatsApp ID ٺهي وئي آهي؟

خاموش نه رهو! هي صرف سوشل ميڊيا جو مسئلو ناهي، پر ڪن حالتن ۾ هي قانوني ڪارروائي جو معاملو به بڻجي سگهي ٿو.

⚖️ *فوري طور تي هي 3 ڪم ڪريو:*

1️⃣ جعلي ID جا Screenshots، Profile Link ۽ Messages محفوظ ڪريو.
2️⃣ ثبوت محفوظ ڪرڻ کان پوءِ اڪائونٽ کي Report ۽ Block ڪريو.
3️⃣ معاملي کي سائبر ڪرائيم اٿارٽي *NCCIA* کي رپورٽ ڪريو.

📌 ياد رکو: ڊجيٽل ثبوت ضايع نه ڪريو، ڇو ته قانوني ڪارروائي ۾ اهي ئي ثبوت اهم ٿي سگهن ٿا.

جيڪڏهن اوهان جي نالي، تصويرن يا سڃاڻپ جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي ته قانوني رهنمائي لاءِ رابطو ڪريو.

⚖️ Legal Services
📞 03103592937
📞03013592937

.

⚖️خلع بابت قانوني آگاهي ⚖️خلع جي ذريعي ورتل طلاق هڪ طلاق شمار ٿيندي، ان ڪري خلع کان پوءِ جيڪڏهن مڙس ۽ زال پاڻ ۾ رجوع ڪري...
17/09/2026

⚖️خلع بابت قانوني آگاهي ⚖️

خلع جي ذريعي ورتل طلاق هڪ طلاق شمار ٿيندي، ان ڪري خلع کان پوءِ جيڪڏهن مڙس ۽ زال پاڻ ۾ رجوع ڪري ڇڏين ته انهن کي حلالہ جي ضرورت نه آهي.

*حوالو: PLD 2010 Karachi 131*

*ايڊووڪيٽ حمادالله انڙ*
هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حيدرآباد
رابطو: 03103592937 / 03013591937

*قانوني آگاهي*نڪاح نامي جي ڪالمن نمبر 13، 14، 15 ۽ 16 ۾ جيڪا به جائداد، زيور يا ملڪيت حق مهر جي عيوض زال جي نالي لکرائي ...
16/09/2026

*قانوني آگاهي*

نڪاح نامي جي ڪالمن نمبر 13، 14، 15 ۽ 16 ۾ جيڪا به جائداد، زيور يا ملڪيت حق مهر جي عيوض زال جي نالي لکرائي وڃي ٿي،
اها قانوني طور تي زال جي ذاتي ملڪيت تصور ٿيندي.

مڙس ان ملڪيت کي وڪرو ڪرڻ، منتقل ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ جو ڪو به قانوني حق نٿو رکي.
ان کان علاوه ڪا به عدالت يا بينڪ ان ملڪيت کي ڪنهن ٻئي ڪيس يا قرض جي عيوض قرق يا نيلام نٿي ڪري سگهي.

*حوالو: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو فيصلو*
*2016 SCMR 2170*

*ايڊووڪيٽ حمادالله انڙ*
هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حيدرآباد
رابطي لاء:
03103592937 / 03013591937

سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي ڪردار ڪشي ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ — قانوني ڏوهه ۽ جرم آھي.*ايڊوڪيٽ حمادالله انڙ، ھاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حي...
10/09/2026

سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي ڪردار ڪشي ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ — قانوني ڏوهه ۽ جرم آھي.

*ايڊوڪيٽ حمادالله انڙ،
ھاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حيدرآباد* ⚖️

سوشل ميڊيا اڄ اسان جي روزمره زندگيءَ جو اھم حصو آھي،
پر ڪنهن شخص جي خلاف ڪوڙي، توهين آميز يا بدنام ڪندڙ معلومات پکيڙڻ قانوني نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

*عدالتي اصول:*
ڪنهن شخص جي عزت، وقار ۽ ساڃاهه کي نقصان پهچائڻ واري غير قانوني سرگرمين خلاف متاثره شخص کي قانون مطابق ڪارروائي ۽ مناسب *Legal Remedy* حاصل ڪرڻ جو حق حاصل آهي.

📚 *ڪيس ريفرنس:*
*PLD 2021 SC 401*

🔹 *اهم ڳالھ:*
▪️ ڪوڙي خبر پکيڙڻ کان اڳ تصديق ڪرڻ ضروري آھي.
▪️ ڪنهن جي عزت ۽ ساڃاهه کي نقصان پهچائڻ قانوني مسئلو بڻجي سگهي ٿو.
▪️ غير قانوني مواد جي خلاف قانوني ڪارروائي ممڪن آھي.
▪️ متاثره شخص پنھنجي حق جي حفاظت لاءِ عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿو.

⚖️ *قانون جو احترام ڪريو، ٻين جي حقن جو خيال رکو ۽ پنھنجي عزت و وقار جي حفاظت لاءِ وقت تي قانوني رهنمائي حاصل ڪريو.*

📞 03103592937
📞 03013592937

*Know Your Rights. Protect Your Rights.*

پلاٽ گھر يا دڪان خريد ڪرڻ وقت ڪهڙيون ڳالهيون قانوني طور تي ياد رکڻ گھرجن.       ايڊووڪيٽ حماداللہ انڙ ھاء ڪورٽ آف سنڌ حي...
03/09/2026

پلاٽ گھر يا دڪان خريد ڪرڻ وقت ڪهڙيون ڳالهيون قانوني طور تي ياد رکڻ گھرجن.

ايڊووڪيٽ حماداللہ انڙ ھاء ڪورٽ آف سنڌ حيدرآباد ⚖️

پلاٽ گھر يا دڪان خريد ڪرڻ ڪنهن به ماڻهوءَ جي لاءِ زندگيءَ جو هڪ وڏو فيصلو هوندو آهي.
ماڻهو سالن جي محنت ۽ بچت سان ملڪيت خريد ڪندو آهي،
پر جيڪڏهن خريد ڪرڻ کان اڳ ڪاغذن ۽ ملڪيت جي مالڪيءَ جي صحيح پڙتال نه ڪئي وڃي ته پوءِ ساڳي ملڪيت جعلي ڪاغذن، دوکي، قرض، تڪرار يا قبضي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. تنهنڪري ملڪيت خريد ڪرڻ کان اڳ صرف وڪرو ڪندڙ جي ڳالهه تي ڀروسو نه ڪريو؛ ڪاغذ ڏسو، سرڪاري رڪارڊ چيڪ ڪريو ۽ ملڪيت پاڻ وڃي ڏسو.

هيٺ ڪجهه اهم قانوني احتياط ڏجن ٿا:
1. سڀ کان پهرين: اصل مالڪ ڪير آهي؟
ملڪيت خريد ڪرڻ کان اڳ سڀ کان اهم سوال اهو آهي: جيڪو ماڻهو ملڪيت وڪڻي رهيو آهي، ڇا واقعي هو ان ملڪيت جو قانوني مالڪ آهي؟
▪ان لاءِ ملڪيت جي نوعيت مطابق لاڳاپيل روينيو رڪارڊ، رجسٽري، سيل ڊيڊ، کاتي/ميوٽيشن(فوتي خاتي) ۽ ٻين لاڳاپيل رڪارڊ جي تصديق ڪرائجي.
▪جيڪڏهن زمين روينيو رڪارڊ ۾ هجي ته لاڳاپيل تپو/مختيارڪار يا روينيو آفيس مان موجوده رڪارڊ ۽ ملڪيت جي داخلا چيڪ ڪرائجي، جيئن خبر پوي ته رڪارڊ ۾ مالڪ جو نالو ڇا آهي ۽ زمين جي سڃاڻپ ۽ ايراضي ڪيتري آهي.
▪جيڪڏهن ملڪيت اڳ ۾ خريد ڪئي وئي هجي ته وڪرو ڪندڙ کان سندس Registered Sale Deed (رجسٽرڊ وڪرو نامو) ڏسو ۽ ان جي تصديق لاڳاپيل Sub-Registrar جي رڪارڊ مان ڪرائجي.
▪صرف اسٽامپ پيپر، رسيد يا ڪنهن خانگي معاهدي کي ملڪيت جي مالڪيءَ جو مڪمل ثبوت نه سمجهيو وڃي.

2. جيڪڏهن مالڪ فوت ٿي چڪو هجي ته؟
جيڪڏهن ملڪيت جو اڳوڻو مالڪ فوت ٿي چڪو آهي، ته صرف سندس ڪنهن هڪ وارث کان ملڪيت خريد ڪرڻ ۾ جلدي نه ڪريو. پهريان ڏسو ته:
- فوت ٿيل مالڪ جا قانوني وارث ڪير آهن؟
- روينيو رڪارڊ ۾ وارثن جا نالا داخل ٿيل آهن يا نه؟
- فوتي خاتو Foti Khata / وراثتي ميوٽيشن مڪمل ٿيل آهي يا نه؟
- ملڪيت جي وڪري لاءِ سڀني لاڳاپيل وارثن جي قانوني حيثيت ۽ رضامندي موجود آهي يا نه؟
ضرورت مطابق Succession Certificate، Letter of Administration يا ٻيا لاڳاپيل قانوني دستاويز به گهربل ٿي سگهن ٿا.

3. ملڪيت ڪنهن قرض يا دعويٰ ۾ ته ناهي؟
ملڪيت خريد ڪرڻ کان اڳ اهو به معلوم ڪريو ته ملڪيت:
- ڪنهن بئنڪ وٽ Mortgage (گروي) ته ناهي؟
- ڪنهن ٻئي شخص جي حق يا دعويٰ هيٺ ته ناهي؟
- اڳ ۾ ڪنهن ٻئي کي وڪرو ته نه ڪئي وئي آهي؟
- ڪنهن عدالت ۾ ملڪيت بابت ڪيس يا تڪرار ته هلندڙ ناهي؟
- ڪنهن سرڪاري اداري وٽ ان بابت ڪا پابندي يا اعتراض ته موجود ناهي؟
ان لاءِ لاڳاپيل رجسٽري، روينيو رڪارڊ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن مان ضروري سرچ ۽ تصديق ڪرائجي.
- صرف هڪ ڪاغذ ڏسڻ ڪافي ناهي؛ ملڪيت جي مڪمل Title Verification ڪرائڻ ضروري آهي.

4. جيڪڏهن توهان جو پلاٽ يا گهر ڪنهن هائوسنگ اسڪيم، ڊولپمينٽ اٿارٽي يا ٻي لاڳاپيل اداري ۾ هجي، ته ان اداري جو رڪارڊ پڻ چيڪ ڪريو. مثال طور، ملڪيت جي نوعيت مطابق KDA، HDA, MDA، SDA، SBCA يا لاڳاپيل هائوسنگ سوسائٽي/اٿارٽي کان معلوم ڪيو وڃي ته:
- ملڪيت واقعي موجود ۽ رڪارڊ ۾ آهي؟
- وڪرو ڪندڙ جو نالو رڪارڊ ۾ آهي؟
- Transfer جي اجازت آهي؟
- ڪو بقايائون (Dues) ته ناهن؟
- ملڪيت جي وڪري يا منتقلي تي ڪا پابندي ته ناهي؟
- عمارت لاءِ منظور ٿيل نقشو يا ٻيون ضروري منظوريون موجود آهن؟

5. ملڪيت پاڻ وڃي ڏسو. صرف ڪاغذ ڏسي ملڪيت نه خريد ڪريو. موقعي تي وڃي چيڪ ڪريو ته:
- ملڪيت جي صحيح جڳهه ڪهڙي آهي؟
- ڪاغذن ۾ لکيل ماپ ۽ موقعي واري ماپ هڪجهڙي آهي؟
- قبضو ڪنهن وٽ آهي؟
- ڪو ٻيو ماڻهو ملڪيت تي قابض ته ناهي؟
- پاڙيسري يا ڀرپاسي وارن سان ڪو تڪرار ته ناهي؟
- رستو، گهٽي يا داخلا واقعي موجود آهي؟
- زمين جي حدبندي (Demarcation) صحيح آهي؟ ضرورت هجي ته سرڪاري/قانوني طريقي سان Demarcation پڻ ڪرائجي.

ایڊووڪيٽ حماداللہ انڙ ھاء ڪورٽ آف سنڌ حيدرآباد.
📞03103592937
📞03013592937

۔

سپريم ڪورٽ پنهنجي تازي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته *پيڪا ايڪٽ* جي ڪيسن ۾ صرف الزام ڪافي نه آهي، *ڊجيٽل لنڪ ۽ فارنزڪ شهادت* ل...
29/08/2026

سپريم ڪورٽ پنهنجي تازي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته *پيڪا ايڪٽ* جي ڪيسن ۾ صرف الزام ڪافي نه آهي،
*ڊجيٽل لنڪ ۽ فارنزڪ شهادت* لازمي آهي.

*حوالو: 2026 SCMR 518*

*ايڊوڪيٽ حمادالله انڙ*
هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حيدرآباد
*رابطو نمبر:*
📞 0310-3592937
📞 0301-3592937

*بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ* *وارثت جي تقسيم جو قانوني طريقيڪار:**ايڊووڪيٽ حمادالله انڙ*  هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حي...
27/08/2026

*بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ*

*وارثت جي تقسيم جو قانوني طريقيڪار:*

*ايڊووڪيٽ حمادالله انڙ*
هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حيدرآباد

*(1):* ملڪيت وارثن ۾ ميت جي قرض ادا ڪرڻ ۽ وصيت پوري ڪرڻ کانپوءِ تقسيم ٿيندي.

*(2):* جيڪڏهن ملڪيت جو مالڪ پاڻ پنهنجي ملڪيت تقسيم ڪري ته ان تي فرض آهي ته پهرين جيڪڏهن ڪو قرض آهي ته ان کي لاهي، جن سان هن واعدا ڪيا آهن انهن کي پورا ڪري، ۽ تقسيم جي وقت جيڪي مائٽ، يتيم ۽ مسڪين حاضر هجن انهن کي به ڪجهه ڏئي.

*(3):* جيڪڏهن ملڪيت جو مالڪ فوت ٿي ويو ۽ نه وصيت ڪيائين نه ملڪيت تقسيم ڪئي، ته ميت جو قرض ادا ڪرڻ کانپوءِ ملڪيت صرف حقدارن ۾ ئي تقسيم ٿيندي.

---

*ملڪيت جي تقسيم ۾ جائز حقدار:*
*(1):* ملڪيت جو مالڪ مرد هجي يا عورت، ان جي ملڪيت ۾ حقدار اولاد، والدين، زال ۽ مڙس آهن.
*(2):* جيڪڏهن ملڪيت جي مالڪ جا والدين نه هجن ته ملڪيت گهرڀاتين ۾ ئي تقسيم ٿيندي.
*(3):* جيڪڏهن ملڪيت جو مالڪ ڪلالو هجي ۽ سندس سگا ڀيڻ ڀاءُ به نه هجن ته ڪجهه حصو سوٽيلا ڀيڻ ڀاءُ کي ملندو ۽ باقي ويجهن رشتيدارن ۾ جيڪي ضرورت مند هجن جهڙوڪ نانو، ناني، ڏاڏو، ڏاڏي، خالا، مامو، ڦوپي، چاچو، تايو يا سندن اولاد کي ملندو.

---

*(1): مڙس جي ملڪيت ۾ زال يا زالن جو حصو:*
*(1):* مڙس جي ملڪيت ۾ زال جو حصو اٺون (1/8) يا چوٿون (1/4) آهي.
*(2):* جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ زالون هونديون ته اهو حصو انهن ۾ تقسيم ٿي ويندو.
*(3):* جيڪڏهن مڙس جا اولاد آهن ته ملڪيت جو اٺون (1/8) حصو زال جو، ڇهون (1/6) حصو مڙس جي والدين جو ۽ باقي ٻارن جو آهي.
*(4):* جيڪڏهن مڙس جي اولاد ۾ صرف ڌيئرون ئي هجن ٻه يا وڌيڪ ته ملڪيت جو ٻه ٽيون (2/3) حصو ڌيئرن جو، زال لاءِ اٺون (1/8) حصو ۽ مڙس جي والدين لاءِ ڇهون (1/6) حصو آهي.
*(5):* جيڪڏهن مڙس جي اولاد ۾ صرف هڪ ڌيءُ هجي ته ملڪيت جو اڌ (1/2) حصو ڌيءُ جو، زال لاءِ اٺون (1/8) حصو ۽ مڙس جي والدين جو ڇهون (1/6) حصو آهي.
*(6):* جيڪڏهن مڙس جا اولاد نه هجن ته زال جو حصو چوٿون (1/4) هوندو ۽ باقي ملڪيت مڙس جي والدين جي هوندي.
*(7):* جيڪڏهن ڪا زال مڙس جي ملڪيت جي تقسيم کان اڳ فوت ٿي وڃي ته ان جو حصو نه نڪرندو.
*(8):* جيڪڏهن بيوه مڙس جي ملڪيت جي تقسيم کان اڳ ٻي شادي ڪري ته کيس حصو نه ملندو.
*(9):* ۽ جيڪڏهن بيوه حصو وٺڻ کانپوءِ شادي ڪري ته ان کان حصو واپس نه ورتو ويندو.

*(2): زال جي ملڪيت ۾ مڙس جو حصو:*
*(1):* زال جي ملڪيت ۾ مڙس جو حصو اڌ (1/2) يا چوٿون (1/4) آهي.
*(2):* جيڪڏهن زال جا اولاد نه هجن ته مڙس لاءِ ملڪيت جو اڌ (1/2) حصو آهي ۽ اڌ (1/2) حصو زال جي ماءُ پيءُ جو آهي.
*(3):* جيڪڏهن زال جا اولاد آهن ته مڙس لاءِ ملڪيت جو چوٿون (1/4) حصو آهي، ۽ ڇهون (1/6) حصو زال جي ماءُ پيءُ جو ۽ باقي ٻارن جو آهي.
*(4):* جيڪڏهن زال جي اولاد ۾ صرف ڌيئرون ئي هجن ٻه يا وڌيڪ ته ملڪيت جو ٻه ٽيون (2/3) حصو ڌيئرن جو، مڙس لاءِ چوٿون (1/4) حصو ۽ باقي ملڪيت زال جي والدين جي آهي.
*(5):* جيڪڏهن زال جي اولاد ۾ صرف هڪ ڌيءُ هجي ته ملڪيت جو اڌ (1/2) حصو ڌيءُ جو، مڙس لاءِ چوٿون (1/4) حصو ۽ زال جي والدين جو ڇهون (1/6) حصو آهي.
*(6):* جيڪڏهن مڙس زال جي والدين کان ملڪيت ملڻ کان اڳ فوت ٿي وڃي ته ان ۾ مڙس جو حصو نه نڪرندو.
*(7):* جيڪڏهن زال پنهنجي والدين جي ملڪيت جي تقسيم کان اڳ فوت ٿي وڃي ۽ سندس ٻار آهن ته زال جو پنهنجي والدين طرفان حصو نڪرندو ۽ ان ۾ مڙس جو حصو چوٿون (1/4) هوندو ۽ باقي ٻارن کي ملندو.
*(8):* جيڪڏهن زال پنهنجي والدين جي ملڪيت جي تقسيم کان اڳ فوت ٿي وڃي ۽ سندس اولاد به نه هجي ته ان جي مڙس کي حصو نه ملندو.

*(3): پيءُ جي ملڪيت ۾ اولاد جو حصو:*
*(1):* پيءُ جي ملڪيت ۾ هڪ پٽ لاءِ ٻن ڌيئرن جي برابر حصو آهي.
*(2):* پيءُ جي ملڪيت ۾ پهرين پيءُ جي والدين يعني ڏاڏي ڏاڏي جو ڇهون (1/6) حصو، ۽ پيءُ جي بيوه يعني ماءُ جو اٺون (1/8) حصو ڪڍڻ کانپوءِ ملڪيت اولاد ۾ تقسيم ٿيندي.
*(3):* جيڪڏهن اولاد ۾ صرف ڌيئرون ئي هجن ٻه يا وڌيڪ ته ملڪيت جو ٻه ٽيون (2/3) حصو ڌيئرن جو، اٺون (1/8) حصو بيوه ماءُ جو ۽ ڇهون (1/6) حصو پيءُ جي والدين کي ملندو.
*(4):* جيڪڏهن هڪ ئي ڌيءُ هجي ته ان لاءِ ملڪيت جو اڌ (1/2) حصو آهي، اٺون (1/8) حصو بيوه ماءُ لاءِ ۽ ڇهون (1/6) حصو پيءُ جي والدين لاءِ آهي.
*(5):* جيڪڏهن پيءُ جا والدين يعني ڏاڏو يا ڏاڏي تقسيم جي وقت جيئرا نه هجن ته انهن جو حصو نه ڪڍيو ويندو.
*(6):* جيڪڏهن ڪو ڀاءُ پيءُ جي ملڪيت جي تقسيم کان اڳ فوت ٿي ويو ۽ سندس بيوه ۽ ٻار آهن ته ڀاءُ جو حصو مڪمل طور تي ڪڍيو ويندو.
*(7):* جيڪڏهن ڪا ڀيڻ پيءُ جي ملڪيت جي تقسيم کان اڳ فوت ٿي وڃي ۽ سندس مڙس ۽ ٻار هجن ته مڙس ۽ ٻارن کي حصو ملندو. پر جيڪڏهن ٻار نه هجن ته ان جي مڙس کي حصو نه ملندو.

*(4): ماءُ جي ملڪيت ۾ اولاد جو حصو:*
*(1):* ماءُ جي ملڪيت ۾ هڪ پٽ لاءِ ٻن ڌيئرن جي برابر حصو آهي.
*(2):* ملڪيت ماءُ جي والدين يعني ناني ناني ۽ پيءُ جو حصو ڪڍڻ کانپوءِ اولاد ۾ تقسيم ٿيندي.
*(3):* ۽ جيڪڏهن اولاد ۾ صرف ڌيئرون ئي هجن ٻه يا وڌيڪ ته ملڪيت جو ٻه ٽيون (2/3) حصو ڌيئرن جو آهي، پيءُ لاءِ چوٿون (1/4) حصو ۽ باقي ملڪيت ماءُ جي والدين لاءِ آهي.
*(4):* ۽ جيڪڏهن اولاد ۾ صرف هڪ ڌيءُ هجي ته ملڪيت جو اڌ (1/2) حصو ڌيءُ جو آهي، پيءُ لاءِ ملڪيت جو چوٿون (1/4) حصو آهي ۽ ماءُ جي والدين جو ڇهون (1/6) حصو آهي.
*(5):* جيڪڏهن ماءُ جا والدين تقسيم جي وقت جيئرا نه هجن ته انهن جو حصو نه ڪڍيو ويندو.
*(6):* ۽ جيڪڏهن پيءُ به جيئرو نه آهي ته پيءُ جو حصو به نه ڪڍيو ويندو، ماءُ جي سڄي ملڪيت سندس ٻارن ۾ تقسيم ٿيندي.
*(7):* جيڪڏهن ماءُ جي پهرين مڙس کان ڪو اولاد آهي ته اهي ٻار به ماءُ جي ملڪيت ۾ برابر جا حصيدار هوندا.

*(5): پٽ جي ملڪيت ۾ والدين جو حصو:*
*(1):* جيڪڏهن پٽ جا اولاد هجن ته والدين لاءِ ملڪيت جو ڇهون (1/6) حصو آهي.
*(2):* جيڪڏهن والدين ۾ صرف ماءُ هجي ته ڇهون (1/6) حصو ماءُ کي ملندو ۽ جيڪڏهن صرف پيءُ هجي ته ڇهون (1/6) حصو پيءُ کي ملندو ۽ جيڪڏهن ٻئي هجن ته ڇهون (1/6) حصو ٻنهي ۾ برابر تقسيم ٿيندو.
*(3):* جيڪڏهن پٽ جا اولاد نه هجن پر بيوه آهي ۽ بيوه مڙس جي ملڪيت جي تقسيم ٿيڻ تائين شادي نه ڪري ته کيس ملڪيت جو چوٿون (1/4) حصو ملندو ۽ باقي ملڪيت پٽ جي والدين جي هوندي.
*(4):* جيڪڏهن پٽ جي اولاد ۾ صرف ڌيئرون ئي هجن ٻه يا وڌيڪ ته ملڪيت جو ٻه ٽيون (2/3) حصو ڌيئرن جو آهي، پٽ جي بيوه لاءِ اٺون (1/8) حصو ۽ پٽ جي والدين جو ڇهون (1/6) حصو آهي.
*(5):* جيڪڏهن اولاد ۾ صرف هڪ ڌيءُ هجي ته ملڪيت جو اڌ (1/2) حصو ڌيءُ جو آهي، پٽ جي بيوه لاءِ اٺون (1/8) حصو ۽ پٽ جي والدين جو ڇهون (1/6) حصو آهي.
*(6):* جيڪڏهن پٽ رنڊو آهي ۽ سندس ڪو اولاد به نه آهي ته سندس ملڪيت جا وارث سندس والدين هوندا جنهن ۾ ماءُ لاءِ ملڪيت جو هڪ ٽيون (1/3) حصو آهي ۽ ٻه ٽيون (2/3) حصو پيءُ جو آهي ۽ جيڪڏهن پٽ جا ڀيڻ ڀاءُ به هجن ته ان جي ماءُ لاءِ ڇهون (1/6) حصو آهي ۽ باقي پيءُ جو آهي.

*(6): ڌيءُ جي ملڪيت ۾ والدين جو حصو:*
*(1):* جيڪڏهن ڌيءُ جا اولاد آهن ته والدين لاءِ ملڪيت جو ڇهون (1/6) حصو آهي.
*(2):* جيڪڏهن والدين ۾ صرف ماءُ هجي ته ڇهون (1/6) حصو ماءُ کي ملندو ۽ جيڪڏهن صرف پيءُ هجي ته ڇهون (1/6) حصو پيءُ کي ملندو ۽ جيڪڏهن ٻئي هجن ته ڇهون (1/6) حصو ٻنهي ۾ برابر تقسيم ٿيندو.
*(3):* جيڪڏهن ڌيءُ جا اولاد نه هجن پر مڙس آهي ته مڙس کي ملڪيت جو اڌ (1/2) حصو ملندو ۽ اڌ (1/2) ملڪيت ڌيءُ جي والدين جي هوندي.
*(4):* ۽ جيڪڏهن ڌيءُ جي اولاد ۾ صرف ڌيئرون ئي هجن ٻه يا وڌيڪ ته ملڪيت جو ٻه ٽيون (2/3) حصو ڌيئرن جو آهي، ڌيءُ جي مڙس لاءِ چوٿون (1/4) حصو ۽ باقي والدين جو آهي.
*(5):* ۽ جيڪڏهن اولاد ۾ صرف هڪ ڌيءُ هجي ته ملڪيت جو اڌ (1/2) حصو ڌيءُ جو آهي، ڌيءُ جي مڙس لاءِ چوٿون (1/4) حصو ۽ والدين جو ڇهون (1/6) حصو آهي.
*(6):* جيڪڏهن ڌيءُ بيوه هجي ۽ سندس اولاد به نه هجي ته ملڪيت جا وارث سندس والدين هوندا جنهن ۾ ماءُ لاءِ ملڪيت جو هڪ ٽيون (1/3) حصو هوندو ۽ جيڪڏهن ڌيءُ جا ڀيڻ ڀاءُ آهن ته ماءُ لاءِ ملڪيت جو ڇهون (1/6) حصو هوندو ۽ باقي پيءُ کي ملندو.

*(7): ڪلالو:*
ڪلالو مان مراد اهڙو مرد ۽ عورت جن جي ملڪيت جو ڪو وارث نه هجي يعني جن جا نه اولاد هجن نه والدين هجن ۽ نه مڙس يا زال هجي.
*(1):* جيڪڏهن وراثت جو مالڪ مرد يا عورت ڪلالو هجي، سندس سگا ڀيڻ ڀاءُ به نه هجن، ۽ جيڪڏهن سندس صرف هڪ سوٽيلو ڀاءُ هجي ته ان لاءِ ملڪيت جو ڇهون (1/6) حصو آهي، يا جيڪڏهن صرف هڪ سوٽيلي ڀيڻ هجي ته ان لاءِ ملڪيت جو ڇهون (1/6) حصو آهي.
*(2):* جيڪڏهن ڀيڻ ڀاءُ تعداد ۾ گهڻا هجن ته اهي سڀ ملڪيت جي هڪ ٽئين (1/3) حصي ۾ شريڪ هوندا.
*(3):* ۽ باقي ملڪيت ويجهن رشتيدارن ۾ جيڪڏهن ڏاڏو، ڏاڏي يا نانو، ناني جيئرا هجن يا چاچو، تايو، ڦوپي، خالا، مامو يا سندن اولاد ۾ جيڪي ضرورت مند هجن انهن ۾ اهڙي طرح تقسيم ڪئي وڃي جيڪا ڪنهن لاءِ نقصانڪار نه هجي.

*(8): جيڪڏهن ڪلالو جا سگا ڀيڻ ڀاءُ هجن:*
*(1):* جيڪڏهن ڪلالو مرد يا عورت فوت ٿي وڃي، ۽ سندس هڪ ڀيڻ هجي ته ان جي ڀيڻ لاءِ ملڪيت جو اڌ (1/2) حصو آهي ۽ باقي ويجهن رشتيدارن ۾ ضرورت مندن لاءِ آهي.
*(2):* جيڪڏهن ان جون ٻه ڀيڻون هجن ته انهن لاءِ ملڪيت جو ٻه ٽيون (2/3) حصو آهي ۽ باقي ويجهن رشتيدارن ۾ ضرورت مندن لاءِ آهي.
*(3):* جيڪڏهن سندس هڪ ڀاءُ هجي ته سڄي ملڪيت جو ڀاءُ ئي وارث هوندو.
*(4):* جيڪڏهن ڀاءُ ڀيڻ مرد ۽ عورتون هجن ته سڄي ملڪيت انهن ۾ تقسيم ٿيندي، مرد لاءِ ٻيڻو حصو آهي جيڪو عورت لاءِ آهي.

الله توهان لاءِ کولي بيان ڪري ٿو ته جيئن توهان گمراهه نه ٿيو ۽ الله هر شيءِ جو ڄاڻندڙ آهي.

*الله تعاليٰ فرمائي ٿو:*
"۽ هر ترڪي لاءِ جيڪا ماءُ پيءُ ۽ عزيز ۽ اقارب ڇڏين ٿا اسان وارث مقرر ڪيا آهن ۽ جن سان توهان عهد ڪيا آهن انهن جو حصو انهن کي ڏيو، بيشڪ الله هر شيءِ تي گواهه آهي." (4:33)

"مردن لاءِ ان ۾ جيڪو سندن والدين ۽ اقارب ڇڏين هڪ حصو آهي ۽ عورتن لاءِ به ان ۾ جيڪو سندن والدين ۽ اقارب ڇڏين ٿورو يا گهڻو مقرر ٿيل هڪ حصو آهي." (4:7)

"۽ جڏهن رشيدار ۽ يتيم ۽ مسڪين تقسيم جي موقعي تي حاضر هجن ته انهن کي به ان مان ڪجهه ڏيو ۽ انهن سان نرمي سان ڳالهايو." (4:8)

---

*دعا گو*
*ايڊووڪيٽ حمادالله انڙ*
هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حيدرآباد
0310-3592937
0301-3592937

*جيڪڏهن ماءُ يا پيءُ ضعيف، محتاج هجن ۽ پنهنجي گذر بسر لاءِ آمدني نه رکندا هجن، ته اهي فيملي ڪورٽ ۾ پنهنجن پٽن کان نان نف...
26/08/2026

*جيڪڏهن ماءُ يا پيءُ ضعيف، محتاج هجن ۽ پنهنجي گذر بسر لاءِ آمدني نه رکندا هجن، ته اهي فيملي ڪورٽ ۾ پنهنجن پٽن کان نان نفقو (خرچي) جو دعويٰ داخل ڪري سگهن ٿا.*

_حوالو: PLD 2026 Lahore 181._

عدالت چيو ته والدين جي ڪفالت صرف اخلاقي نه پر اسلامي اصولن مطابق قانوني ذميواري پڻ آهي.

ان کان علاوه اهو به فيصلو ڏنو ويو ته اهڙا مقدمات فيملي ڪورٽ جي اختيار ۾ اچن ٿا. تنهنڪري جيڪڏهن ڪو محتاج والدين پنهنجن ٻارن کان خرچي گهرن ته عدالت انهن جي دادرسي ڪري سگهي ٿي.

*ايڊووڪيٽ حمادالله انڙ*
هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، حيدرآباد
📞 0310-3592937
📞 0301-3592937

*نڪاح کان انڪار ۽ نڪاح جي قانوني حيثيت — اهم قانوني اصول*جيڪڏهن گھرواري پنهنجي مڙس سان نڪاح ڪيو هجي ۽ نڪاح نامي تي سندس ...
23/08/2026

*نڪاح کان انڪار ۽ نڪاح جي قانوني حيثيت — اهم قانوني اصول*

جيڪڏهن گھرواري پنهنجي مڙس سان نڪاح ڪيو هجي ۽ نڪاح نامي تي سندس (دستخط) صحیح به موجود هجي پر جيڪڏهن هوءَ عدالت ۾ نڪاح کان انڪار ڪري ڇڏي،
ته اهڙي صورت ۾ نڪاح جي صحت ۽ ثبوت جو سوال پيدا ٿئي ٿو.
۽ عدالت موجود شاهدين جي بنياد تي فيصلو ڪندي.

*حوالو: PLD 2006 SC 489*

هيءُ اصول نڪاح جي ثبوت، نڪاح نامي ۽ فريقن جي عدالتي بيانن سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.

*وڌيڪ اهم عدالتي فيصلن ۽ قانوني اگهائي لاءِ رابطو ڪريو.*

*Justice. Integrity. Commitment.*

📍 حرڪئيمپ ڪالوني، ناٿا ٽائون، قاسم آباد، حيدرآباد، سنڌ.
WhatsApp: 0310-3592937
📞 0301-3592937
📧 Email: http://advhammadullahunar.com

ھن عدالتی فيصلي ۾ عاشقن جي لاء خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ⚠️🚨🚔⚠️🚨🚔براءِ اغوا، گھٽ عمر ڇوڪري ۽ نڪاح بابت اهم عدالتي اصول...
20/08/2026

ھن عدالتی فيصلي ۾ عاشقن جي لاء خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي
⚠️🚨🚔⚠️🚨🚔

براءِ اغوا، گھٽ عمر ڇوڪري ۽ نڪاح بابت اهم عدالتي اصولي فيصلو⚖️

2026 P.CrLJ 602.

هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جيڪڏهن اغوا ٿيل ڇوڪريءَ جي عمر 15 کان 16 سال جي وچ ۾ هجي، ته صرف سندس رضامندي سان ڪيل شادي يا نڪاح کي قانوني تحفظ حاصل نه ٿيندو.

عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته نڪاح نامو، بيان يا حلف نامو پنهنجي جاءِ تي اهڙي صورت ۾ اغوا يا انساني اسمگلنگ جي الزام کي ختم نٿا ڪن،
خاص طور تي جڏهن ڇوڪري ملزم جي تحويل مان برآمد ٿئي.

اهڙي صورتحال ۾ ڪيس وڌيڪ تحقيق جو متقاضي ٿي سگهي ٿو،
تنهنڪري عدالت ملزم کي ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي.

سادن لفظن ۾ قانوني مطلب:

1. 15 کان 16 سال جي ڇوڪري جي رضامندي سان ڪيل شادي/نڪاح به هر صورت ۾ قانوني دفاع نٿو بڻجي.
2. نڪاح نامو، بيان يا حلف نامو اغوا جي الزام کي پاڻمرادو ختم نٿا ڪن.
3. جيڪڏهن ڇوڪري ملزم جي تحويل مان برآمد ٿئي، ته ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ جي گنجائش پيدا ٿئي ٿي ۽ ضمانت رد ٿي سگهي ٿي.

Citation: 2026 PCrLJ 602.

Adv. Hammadullah Unar

Advocate High Court of Sindh, Hyderabad
📞 0310-3592937
📞0301.3592937
📍 Hur Camp Colony, Qasimabad, Hyderabad, Sindh۔

Address

Hyderabad Sindh
Hyderabad
71000

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when 𝗛𝗔𝗠𝗠𝗔𝗗𝗨𝗟𝗟𝗔𝗛 𝗨𝗡𝗔𝗥 𝗟𝗘𝗚𝗔𝗟 𝗦𝗘𝗥𝗩𝗜𝗖𝗘𝗦 posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share