The Legal Counsel

The Legal Counsel Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from The Legal Counsel, Lawyer & Law Firm, Qasimabad, Hyderabad.

07/07/2026

دي ليگل ڪائونسل پيج تي ڀليڪار.
هن پيج کي ٺاهڻ جو مقصد عام ماڻهوءَ تائين قانون جي سادي ۽ صحيح ڄاڻ پهچائڻ آهي ته جيئن هر ڪو پنهنجي حقن کان واقف ٿي سگهي. اڄ اسان ڳالهائينداسين اهڙن چار بنيادي قانوني حقن تي جيڪي پاڪستان جي هر شهريءَ کي معلوم هجڻ گهرجن.

بغير وارنٽ جي گرفتاري 1

پاڪستان جي قانون موجب جيڪڏهن پوليس توهان کي ڪنهن معمولي معاملي ۾ گرفتار ڪرڻ اچي ته توهان کي اهو پڇڻ جو پورو حق آهي ته گرفتاريءَ جو وارنٽ ڪٿي آهي. رڳو سنگين ڏوهن يعني ڪاگنيزيبل آفينسز ۾ پوليس بغير وارنٽ جي گرفتار ڪري سگهي ٿي

2 چوويهه ڪلاڪن اندر ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ
جيڪڏهن پوليس ڪنهن کي به گرفتار ڪري ٿي ته سي آر پي سي جي سيڪشن 61 تحت اها پابند آهي ته چوويهه ڪلاڪن جي اندر جوابدار کي ويجهي مئجسٽريٽ جي اڳيان پيش ڪري. پوليس ڪنهن کي به بغير ڪورٽ جي اجازت جي چوويهه ڪلاڪن کان وڌيڪ لاڪ اپ ۾ نٿي رکي سگهي.

3 عورتن جي گرفتاريءَ جا قانون
اسان جي سماج ۾ هن ڳالهه جي وڏي اهميت آهي. قانون موجب ڪنهن به عورت کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ليڊيز پوليس ڪانسٽيبل جو هجڻ لازمي آهي. ان سان گڏ عام حالتن ۾ ڪنهن به عورت کي سج لٿي کان پوءِ يعني رات جو ۽ سج اڀرڻ کان اڳ گرفتار نٿو ڪري سگهجي

4. وڪيل سان رابطو ڪرڻ جو حق
آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 10 تحت هر گرفتار ٿيل شخص جو اهو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجي پسند جي وڪيل سان رابطو ڪري ۽ قانوني مشاورت حاصل ڪري. پوليس توهان کي پنهنجي وڪيل يا گهر وارن سان ڳالهائڻ کان روڪي نٿي سگهي.

Address

Qasimabad
Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when The Legal Counsel posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share