Advocacia with me

Advocacia with me High Court Advocate behind Advocacia with me, delivering simple legal knowledge and rights awareness.

19/08/2026

Hearsay Evidence:
Evidence based on what someone else said, rather than what the witness personally saw or heard.

General Rule: Usually inadmissible.
Exceptions: Dying declarations, public records, business records, etc.
Example: “He told me he saw the accused.” → Normally inadmissible.


Mercy Petition : ”رحم، معافي يا سزا ۾ گهٽتائي لاءِ         درخواست.“قانوني طور، جڏهن ڪنهن شخص کي عدالت طرفان، خاص طور تي...
19/08/2026

Mercy Petition : ”رحم، معافي يا سزا ۾ گهٽتائي لاءِ درخواست.“

قانوني طور، جڏهن ڪنهن شخص کي عدالت طرفان، خاص طور تي موت جي سزا ڏني وڃي، ته هو قانون موجب مجاز آئيني اٿارٽيءَ وٽ سزا ۾ معافي، گهٽتائي يا تبديلي لاءِ رحم جي درخواست داخل ڪري سگهي ٿو.

”هن موت جي سزا ۾ معافي يا گهٽتائي لاءِ رحم جي درخواست داخل ڪئي.“

⚖️

⚖️ دفعہ 512 Cr.P.C — ملزم جي غير موجودگي ۾ شاهدي رڪارڊ ڪرڻ.جيڪڏهن ڪنهن ملزم خلاف عدالتي ڪارروائي شروع ٿي چڪي هجي، پر ملز...
19/08/2026

⚖️ دفعہ 512 Cr.P.C — ملزم جي غير موجودگي ۾ شاهدي رڪارڊ ڪرڻ.

جيڪڏهن ڪنهن ملزم خلاف عدالتي ڪارروائي شروع ٿي چڪي هجي، پر ملزم مفرور يا روپوش ٿي وڃي ۽ سندس گرفتاري فوري طور ممڪن نه هجي، ته قانون ۾ ڏنل شرطن جي پورائي تي عدالت ملزم جي غير موجودگي ۾ گواهن جون شاهديون رڪارڊ ڪري سگهي ٿي.

دفعه 512 جو مقصد ملزم جي غير موجودگي سبب کيس سزا ڏيڻ يا صرف غير حاضر هجڻ جي بنياد تي ڪيس ختم ڪرڻ نه آهي، پر مخصوص قانوني حالتن ۾ پراسيڪيوشن جي شاهدي محفوظ ڪرڻ آهي، ته جيئن مستقبل ۾ گواهه موجود نه هجن ته قانون موجب انهن بيانن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.

📌 اهم ڳالهه:
شاهدي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ عدالت آڏو اهو ظاهر ٿيڻ ضروري آهي ته ملزم abscond ڪري چڪو آهي ۽ سندس گرفتاري فوري طور ممڪن ناهي.

قانون کي سمجھو، پنهنجي حقن کان آگاهه رهو.

پوسٽ ڪاپي نه ڪريو، شيئر ڪريو ۽ فالو ڪريو 👇🏻
Advocate Marvi Chachar


18/08/2026

Can a Magistrate Record a Statement Under Section 164 Cr.P.C. Without an FIR?

⚖️

ايف آءِ اي ڪنهن به شهري کي بنا قانوني اختيار جي آف لوڊ نٿي ڪري سگهي — اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو اهم فيصلو. اسلام آباد هاءِ...
18/08/2026

ايف آءِ اي ڪنهن به شهري کي بنا قانوني اختيار جي آف لوڊ نٿي ڪري سگهي — اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو اهم فيصلو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن پاڪستاني شهري وٽ درست پاسپورٽ، صحيح ويزا ۽ Protector of Emigrants طرفان قانون موجب ايمگريشن ڪليئرنس ۽ رجسٽريشن موجود هجي، ته ايف آءِ اي اميگريشن اختيارين کي واضح قانوني اختيار کان سواءِ ان ڪليئرنس کي ٻيهر جانچڻ، ان تي نظرثاني ڪرڻ يا مسافر کي آف لوڊ ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي.

عدالت واضح ڪيو ته:

🔹 بیرونِ ملڪ سفر ڪرڻ جو حق شهري جي آزادي جو حصو ۽ آئيني تحفظ هيٺ بنيادي حق آهي.

🔹 ايمگريشن آرڊيننس، 1979 ۽ ايمگريشن رولز، 1979 تحت ٻاهرين ملڪ روزگار لاءِ ويندڙ شهرين جي ڪليئرنس ۽ رجسٽريشن لاءِ Protector of Emigrants کي مخصوص قانوني اختيار حاصل آهي.

🔹 ايف آءِ اي جو قانوني ڪردار مخصوص ڏوهن جي تحقيق (Investigation) تائين محدود آهي؛ ان کي Protector of Emigrants جي ڏنل ڪليئرنس تي اپيل يا ريِويو اٿارٽي طور ڪم ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي.

🔹 ڪنهن شهري کي صرف قياسي شڪ، ضلعي، علائقي يا جاگرافيائي تعلق جي بنياد تي مشڪوڪ قرار ڏئي سفر کان روڪي نٿو سگهجي.

🔹 هر شهري کي ان جي پنهنجي دستاويزن، عمل ۽ مخصوص حقيقتن جي بنياد تي جانچڻ لازمي آهي؛ ڪنهن مخصوص علائقي يا طبقي بابت عام مفروضن جي بنياد تي پروفائلنگ آئيني برابري جي اصولن سان مطابقت نٿي رکي.

🔹 جيڪڏهن قانون ڪنهن اداري کي ڪو مخصوص اختيار نٿو ڏئي ته اهڙي اختيار کان سواءِ ڪيل انتظامي ڪارروائي بلا قانوني اختيار (Without lawful authority) ۽ Ultra Vires قرار ڏئي سگهجي ٿي.

ڪيس: حسين جمال ۽ ٻيا بنام وفاقِ پاڪستان ۽ ٻيا
آئيني درخواستون: 1585 ۽ 1587/2026، 5338/2025
عدالت: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
فاضل جج: جسٽس ارباب محمد طاهر
فيصلو: 06 آگسٽ 2026

⚖️ قانوني اصول:
جيڪڏهن شهري وٽ قانون موجب مڪمل ايمگريشن ڪليئرنس موجود هجي ته صرف ايف آءِ اي جي انتظامي صوابديد يا شڪ جي بنياد تي کيس آف لوڊ نٿو ڪري سگهجي؛ آف لوڊنگ لاءِ واضح ۽ مخصوص قانوني بنياد لازمي آهي.

نوٽ: هي پوسٽ قانوني آگاهي لاءِ آهي. هر ڪيس جا حقيقتون ۽ قانوني حالتون مختلف ٿي سگهن ٿيون.

ڊگهي عرصي کان حراست ۾ جوابدارن جي ڪيسن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو اهم قدم.لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محترمه عا...
17/08/2026

ڊگهي عرصي کان حراست ۾ جوابدارن جي ڪيسن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو اهم قدم.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محترمه عاليا نيلم پاران 3 سالن کان وڌيڪ عرصي کان جيل ۾ قيد ۽ ٽرائل کي منهن ڏيندڙ جوابدارن جي ڪيسن کي تيزيءَ سان اُڪلائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

چيف جسٽس جي هدايت تي پنجاب جي 28 ضلعن جي سيشن ججز کي خط جاري ڪيو ويو آهي.

🔹 ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان حراست ۾ موجود جوابدارن جا ڪيس فاسٽ ٽريڪ بنيادن تي هلائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

🔹 اهڙن ڪيسن جي ٻڌڻي ترجيحي بنيادن تي ڪئي ويندي.

🔹 ڪيسن جا فيصلا ٻن مهينن اندر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

🔹 پنجاب جا سمورا لاڳاپيل سيشن ججز مقرر وقت اندر ڪيس اڪلائڻ جا پابند هوندا.

🔹 ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان حراست ۾ موجود جوابدارن جي ڪيسن بابت عملدرآمد رپورٽ پڻ طلب ڪئي وئي آهي.

هي قدم انصاف جي بروقت فراهمي ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڪيسن جي دير گهٽائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي.

17/08/2026

What is charge sheet..? ⚖️



Advocacia with me ♥️

16/08/2026

Three types of divorce in Law Ordinance.. ⚖️



Advocacia with me ♥️⚖️

Under Pakistani law: ⚖️ A divorced daughter has a full legal right to receive her father’s pension.In the eyes of law, a...
16/08/2026

Under Pakistani law: ⚖️

A divorced daughter has a full legal right to receive her father’s pension.

In the eyes of law, a divorced daughter is treated at par with an unmarried daughter and enjoys the same legal status for the purpose of entitlement to family pension.

Reference: 2026 PLC (C.S.) 418

طلاق يافته ڌيءَ کي پنهنجي والد جي پينشن حاصل ڪرڻ جو مڪمل قانوني حق حاصل آهي.

قانون جي نظر ۾ طلاق يافته ڌيءَ کي غير شادي شده ڌيءَ جي برابر قانوني حيثيت حاصل آهي.

حوالو: 2026 PLC (C.S.) 418


⚖️

15/08/2026


Address

Chachar Street New Pind Sukkur
Sukkur
65200

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Advocacia with me posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share