05/08/2025
ڏيپلي جي ڏيهه مان پنهنجي پياري ڀاڻيجي جي المناڪ موت تي قلم کڻندي نهال چند ڏيپلائيءَ لکي ٿو ته؛ اي ڀاڻيج توکي تنهنجي ماءُ پُڪاري ٿي..! پيارا لوڪيش تُنهنجي اڻمندائتي وڇوڙي ۾ اُداس ٿيل تنهنجو ڳوٺ اَلُو ڪوٽڙيو سُڏڪي توکي ساري ٿو. هن سانوڻ رُت ۾ سوني جي ڍاڻي ڪڇ رڻ جو ڪلر ٿي ويئي آھي. سوني جي ڍاڻي جا سمورا رنگ اڄ ڦڪا ڦڪا ٿي پيا آھن. تُون الئه ڪٿي آھين. آئون اُتي ئي ماتليءَ جي اُن ساڳي پيٽرول پمپ تي آھيان جتي پاڻ گڏجي ڊيوٽي ڪندا هُئاسين. اڄ آئون بنهه اڪيلو ۽ اُداس آھيان. تو بنان هتي من نٿو لڳي. تنهنجون يادون سُک سان سمهڻ نٿيون ڏين. توسان گهاريل گهڙيون ساري دل هٿن مان هلي وڃي ٿي.
منهنجا لاکيڻا ڀاڻيج لوڪيش ڪمار تُون ان ڄمار ۾ لوڪ مان لڏي ۽ اسان کي اُداس ڇڏي ويو آھين جنهن ڄمار جا ٻار اڃا هندورن ۾ لڏندا آھن. منهنجا مٺا توکي تنهنجي جيجل جون اکيون ڳولين ٿيون. تون الئه ڪهڙي دُنيا ۾ وڃي ويٺين جنهن جهان جو ڪوبه ڏس پتو نٿو ڏئي. تنهنجي ماءُ تو بنان چرين وانگي توکي ڳوٺ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳولي ٿو. پنهنجو پاڻ کي رڻن ۾ رولي ٿي. تون نه ايندين ته هُوءَ چري ٿي مري ويندي. هُوءَ ڳوٺ مان لنگهندڙ هر لاريءَ ۾ توکي ڳولي ٿي. اُهو ڪو نڀاڳو ڏينهن هوندو جنهن ڏينهن هُن توکي ڳوليو ناهي. هُن کي ڪير ٻُڌائي ته ٻگلا اُڏامي ويا آھن. تنهنجن موڙن کي مٺا ڏيندڙ تنهنجي جيجل تنهنجي جهولي ۾ ڏينهن رات اکين مان مينهن وسائي ٿي. وسڪاري جي مند ۾ وڇڙي ويل ڳاڙھا ڳڀرو تون پنهنجي پوري پريوار کي ماري ويو آھين. تنهنجي اڻ مندائتي وڇوڙي جو وزني پٿر تنهنجي ميڻ جھڙي ماءُ جي دل کڻي ئي نٿي سگهي.
پنهنجي پورهيت پيءُ راڻو مل جا راڻا پُٽ تولئه تنهنجو بابا هنجون هاري توکي ساري ٿو. هُن کان پل به نٿو وسرين. ڀلا ڏُڌ ۽ پُٽ به ڪنهن کان وسرندا آھن ڇا؟ تون وسارڻ کان وڏو آھين. تنهنجي بابا جي آگميل اکين ۾ ڪير ڏسي ته خبر پوي نوجوان اولاد جي وڇوڙي جو ايذاءُ ڪهڙا گهاءُ ڪري ٿو. تنهنجي بابا راڻو مل جي رت ٿيل اندر جو مندر صفا ويران ٿي ويو آھي. هاڻي هن کي هي دنيا دوزخ جھڙي لڳي ٿي. هن کي ڪوبه ساز يا آواز نٿو وڻي. هُو هاڻي لاڏا ۽ چرميون به نٿو ٻُڌي. هُو پنهنجي لاڏلي پُٽ جي منهن تي موڙ نه ڏسي سگهڻ جي ڏُک ۾ پل پل مري ۽ جيئي ٿو. ڏينهن ۾ ڏھ ڀيرا تنهنجي موت ۾ مرندڙ تنهنجو بابل پاڳل ٿي ويندو..
اُڏندڙ مور جھڙا منهنجا ڀاڻيج توکي تنهنجو ننڍو ڀاءُ ڀويش ڪمار مُور نٿو وساري. ڀلا ڀائر به ڪنهن کان وسرندا آھن ڇا؟ ڀائر ته دل جو ڏڍ هوندا آھن. ڀائر ته ساڄي ٻانهن جو ٻل هوندا آھن. ڀائرن بنان ماڻهو سڃو ٿي ويندو آھي. ڀويش جو ڀَوَ ٻُڏي ويو آھي هُو پنهنجي ڀَوَ جي ڀوري ڀاءُ کي ساري سڄو ڏينهن چرين وانگي تنهنجو ڦوٽُو چتائي پيو ڏسي. تنهنجي تصوير ڏسي يادن جي اهڙي وير وري ٿي جو هُن جون اکيون جل ٿل بادل بڻجي ڳلن جي ڳوٺ تي اوهيرا ڪري وسن ٿيون ۽ ھُو ڳوڙھن جي سمندر ۾ ٻُڏي وڃي ٿو. پيارا توکي ڀويش ڀُلائي نٿو سگهي. تُون ته اويس ڪُمار جي اکين مان اُتر مينهن وانگي ٻوڙان ٻوڙ وسين پيو. اويس ڪمار جون اکيون توکي راند واري ريل ۾ ڳولين ٿيون. توسان ڪيل رانديون هن کي ڪڏھن به ڪونه وسرنديون.
مُنهنجا ڀُورل ڀاڻيج! تنهنجي ننڍڙي ڀيڻ جنتا ڪماري هاڻي گُڏين سان کيڏڻ ڇڏي ڏنو آھي. هُن جي هن دنيا ۾ تو سواءَ دل نٿي لڳي. هُو ٻين جي هٿ ڪراين ۾ راکيون ڏسي ٿي ته هُن جي دل رک ٿيو وڃي ٿي. اسان جا لعل لوڪيش تنهنجي لاڏلي ڀيڻ جنڪي توکي لاڏا ڳائي دردن جي لهر ۾ لُڙھي وڃي ٿي. هُن معصوم کي ڪهڙي خبر ته ڪو موٽر سائيڪل هن کان هن جو ويرو وڇوڙيندي اهڙي خبر هجي ها ته اُها توکي ڪڏھن موٽر تي چڙھڻ ئي نه ڏئي ها. جنڪي ان جهان کي ڇا ڪري جنهن ۾ لوڪيش جھڙو لاکيڻو ڀاءُ نه هُجي. اهو ڀاءُ جنهن جي موت جو گهاءُ هن معصوم کي اڌ مئو ڪري ويو آھي.
23 جُون 2025ع وارو اُهو اڀاڳو سومر جنهن ڏينهن تون ماتلي شهر ۾ موٽرسائيڪل هلائيندي هن دُنيا مان هليو ويو هُئين اهو سومر تنهنجي عزيزن جي لاءِ قضا جو قهر بڻجي ڪڙڪيو هو. اهو سومر اسان کان مُئي نه وسري. تو جھڙا راڻا دلين کان ڌار ٿي وڃن ته پوءَ ڀلا ڪهڙو جيئڻ آھي بس مٺا دلين تي پٿر رکي هن جهان ۾ جيئون پيا ۽ پنهنجا ڳوڙھا پاڻ پيئون پيا.
تُنهنجي اڻ مُندائتي موت تي ماتم ڪندڙ فقط تُنهنجو مامو
نھالچند ڏيپلائيءَ..!!