Raja Sukhwani

Raja Sukhwani lawyer

استاد صاحب  جي عظمت ۽ جج صاحب  کي سرخ سلامهي  1996جي ڳاله آهي هڪ غريب بيگناه  استاد کي هٿڪڙيون هڻي حيدرآباد جي ايڊيشنل س...
16/04/2023

استاد صاحب جي عظمت ۽ جج صاحب کي سرخ سلام

هي 1996جي ڳاله آهي
هڪ غريب بيگناه استاد کي هٿڪڙيون هڻي
حيدرآباد جي ايڊيشنل سيشن جج جي ڪورٽ ۾ پوليس ڌڪا ڏيندي پيش ڪرڻ لاء وٺي پئي وئي
هٿڪڙيون لڳل استاد جو ڪنڌ شرم وچان جهڪيل هو
هن جي اکين مان پاڻي وهي رهيو هو
ڪي وردي پش ڌاڙيل هن کي ڊيڄاري هن کان پيسه ڦري رهيا هئا
ڪي وري کيس ويه سال سزا جو ڊپ ڏئي ان کان پنهنجي مرضي جوبيان ڏيارڻ لاء ڌمڪائي رهيا هئا
ڪي وري اينٽي ڪرپشن جا ڪرپٽ ۽ دلال اهلڪار هن کي بار بار اهو چئي رهيا هئا ته اسان کي ويه ويه هزار ڏي نه ته ريمانڊ وٺڻ بعد تنهن جي قاسم آباد يا سٽي ٿاڻي م اهڙي حالت ڪنداسين جو قيامت تائين ياد ڪندين

ايتري م ڪوٽ ۽ ٽوپي پاتل هڪ ڪرپٽ بيلف ٻاهر نڪري پنهنجي بي سري آواز م چيو ته جوابدار ۔۔۔۔۔ ان جي ڪيس م شاهد حاضر ٿين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
بس ڪورٽ جي بيلف جي آواز تي هي وردي پوش ڌاڙيل پنهجيون ٽوپيون سڌيون ڪري ملزم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کي نيهرن سان ٻڌيل هٿن سان عدالت سڳوري جي معزز جج سامهون پيش ڪيو ۔

ملزم جو ڪنڌ هيٺ هو
۽ جج به پنهنجي روايتي طور طريقي سان ويٺو هو
جيئن جوابدار عدالت م پيش ٿيو
ته هن ڪنڌ مٿي نه ڪيو
پر جج حڪم ڪيو ته معزز عدالت کي سوالن جا جواب ڏي
جيئن ئي ملزم ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ جج جي مٿس نظر پئي ته جج سڪتي م اچي ويو

استاد بي خبر
پريشان
۽ مايوس هو
تنهن کي صرف اها خبر هئي ته سزا کائڻ لاء آيو آهي
پر جج صاحب ۔ بغير ملزم سان مخاطب ٿيندي
پوليس کي چيو ملزم خلاف پراپرٽي پيش ڪئي وڃي ۽ شاهد پيش ڪريو
جنهن تي انسيڪپٽر عدالت کي ٻڌايوته معاملو جانچ هيٺ آهي ستن ڏينهن جو ريمانڊ ڏيو
پر معزز عدالت پڇيو ته ملزم تي ڪهڙو ڏوه آهي ته پوليس ٻڌايو ته ٻارهن روپيه فيس جا کاڌا آهن
عدالت پڇيو ته هن کي ڪڏهن گرفتار ڪيو آهي ؟
پوليس ٻڌايو ٽي ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو آهي
عدالت سڳوري وري پڇيو ته ٽن ڏينهن م اوهان ٻارهن روپين جي جانچ نه ڪري سگهيا آهيو ته وڌيڪ ستن ڏينهن م ڇا ڪندا

عدالت حڪم ڪيو ته ظهر جي نماز تائين اوهان کي مهلت آهي تيستائين ثبوت ۽ شاهد پيش ڪريو نه ته اوهان خلاف عدالت حڪم جاري ڪندي ۔

ڪنهن کي به خبر نه هئي ته ڇا ٿي رهيو آهي
استاد صاحب کي وري پوليس وٺي وڃي سيشن ڪورٽ عدالتي لاڪ اپ م بند ڪري هلي وئي
سوا ٽين وڳي وري عدالت ملزم ۽ پوليس کي وري گهرايو
پر پوليس ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهي
جنهن عدالت سڳوري بنا ثبوت جي هڪ استاد جي تذليل ڪرڻ تي انسپيڪٽر سميت سموري عملي کي معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي
استاد محترم کي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو

جنهن تي استاد جڏهن پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري جج صاحب جو شڪريو ادا ڪيو ۔
فيصلو ٻڌائي جج صاحب چيمبر م هليو ويو
استاد ٻاهر نڪتو ته جج صاحب جو ڪڙتو پهريل بيلف ڊوڙندو استاد وٽ آيو
۽ چيائين ته صاحب اوهان کي چيمبر م گهرايو آ
استاد ويچارو وري پريشان ٿي ويو
الائي ڇا آهي
ڊڄندو جج جي چيمبر م داخل ٿيڻ وارو هو ته جج صاحب چيمبر جي دروازي تي اچي
استاد جي پيرن تي هٿ رکيو
ته استاد ويچارو پريشان ٿي ويو ته هي ڇا آهي
جج صاحب هن کي نهايت احترام سان اندر وٺي وڃي
هن کي چيو ته
سر آء ايم يوئر اسٽوڊنٽ

اهو ٻڌندي استاد جا هوش اڏي ويا
۽ جڏهن پورو تعارف ڪرايو ويو ته
استاد جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا
۽ هو زارو قطار روئيندو رهيو

۽ جج پنهنجي استاد کي ڀاڪر پائي پنهنجي رومال سان ان جا لڙڪ اگهيندو رهيو.
Always respect your Teachers. جيترو ٿي سگهي هن پوسٽ کي اڳتي وڌايو ۽ شيئر
ڪيو ته جيئن نافرمان شاگرد پڙھي ڪجھ سبق حاصل ڪنcpi

04/09/2022

فوزيه سومرو.
ورسي 4 سيپٽمبر
سنڌ جي مشهور عوامي فنڪاره فوزيه سومرو جو اصل نالو حڪيمان هو. هن ويراواهه لڳ تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ کارسر ۾، 1969ع ۾ ناٿـي خـان جـي گهـر ۾ جنم ورتو. سندس والد ٽنڊي محمد خان جي شگر مل ۾ ملازم هو ۽ اتي حمد ۽ نعتون ڳائيندو هو. اڳتي هلي، لڏي پلاڻي ٽنڊي محمد خان ۾ اچي ويٺو، جتي فوزيه سومرو مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ سورهن سترهن ورهين جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين. سندس تعلق بنيادي طرح مذهبي گهراڻي سان هو، جنهنڪري کيس فن جي دنيا ۾ اچڻ وقت ڪافي ڏکيائيون پيش آيون، پر پنهنجي شوق جي تڪميل خاطر مائٽن کان چوريءَ ننڍن ننڍن فنڪشنن ۽ پروگرامن ۾ ڳائيندي رهندي هئي. 1987ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نامور براڊڪاسٽر نصير مرزا کيس متعارف ڪرايو ۽ سندس آواز ۾ ٻه ڪلام ’بي قدرا قدر نه ڪيئي ڪو‘ ۽ ’ڇڏي ويا ساٿي سکن جا‘ رڪارڊ ڪيا، جن ٻڌندڙن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي.
فوزيه سومرو راڳ جي باقاعدي سکيا استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليريءَ کان ورتي. سندس آواز ۾ ڪافي درد هو.
فوزيه سومرو سنڌي عورت فنڪارائن ۾ واحد فنڪاره هئي، جنهن کي وڌ ۾ وڌ ٻُڌو ۽ پسند ڪيو ويو آهي. سندس ڪلامن سنڌ جي جهرجهنگ وڏي مقبوليت ماڻي. فوزيه سومرو جون 110 ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ آيون. هوءَ ڪئسيٽ ڪمپنين کان ڪافي ڳرو معاوضو وٺندي هئي. هن گهڻو تڻو عشقيه ڪلام ڳايو آهي. ان کانسواءِ هر سال محرم مهيني ۾ سندس آواز ۾سنڌي نوحن جون ڪئسٽون رليز ٿينديون هيون. فوزيه سومرو ملڪ کان ٻاهر سعودي عرب ، ڀارت، دبئي ، شارجه ۽ قطر سميت ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. هن سنڌي، سرائڪي، اردو، بلوچي، مارواڙي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڳايو. هن شاهه لطيف، سچل سر مست ، شيخ اياز، بلاول اوٺي، علي محمد اڏيرائي، سائينداد ساند ۽ ٻين شاعرن جا ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. سندس مشهور گيتن ۾ ’ڪنهين هٿ هِلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا‘، ’ڪو ته اهڙو هجي‘، ’ڪڏهن نينهن وارا ننڊون ڪونه ڪن ٿا‘، ’الي منهنجا ماروئڙا‘، ’جهڙي پياري سنڌ، تهڙا سنڌي ماڻهو‘، ’ڪارونجهر تي آ، آءٌ اڪيلي آهيان‘، ’ڏورو‘، ’جيئري مون ڏي ڪونه آئين ‘ شامل آهن.
سندس شادي 1993ع ۾ ٽنڊي محمد خان جي زميندار حاجي مصري سٺيي سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي. سندس 110 ڪئسيٽون رليز ٿيون. کيس شاهه لطيف ايوارڊ ۽ شهباز اوارڊ سميت لاتعداد اوارڊ مليا آهن. ٿر پروڊڪشن رڪارڊنگ ڪمپنيءَ 2002ع ۾، ميرپورخاص ۾ سندس مڃتا طور تاج پوشي ڪرائي وئي.
فوزيه سومرو گڙدن جي تڪليف گهڻي وقت کان رهي ۽ 2002 ۾ بيمار رهڻ باوجود هن پاڻ کي ويل چيئر تي کڻائي به شاهه لطيف جي عرس تي ڪلام ڳائي پنهنجي مداحن کي مايوس ڪونه ڪيو. هوء 4 سيپٽمبر 2002 تي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻيء حوالي ڪري هن فاني دنيا کي ڇڏي وئي کيس ٽنڊي محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، پر سندس آواز اڄ به سندس موجودگيء جو احساس ڏياريندو رهي ٿو۔

04/09/2022

انقلاب انقلاب

02/09/2022

Address

Islamkot
Sindh

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Raja Sukhwani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share