Axel Legal Organization - "ALO"

Axel Legal Organization - "ALO" "Your partners in legal excellence"

03/06/2026
10/04/2026

محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپور خاص يا مقتل گاھ
ڪجه حقيقتون سنڌ جي شعور جي نظر-
ڪجه اندر جون ڳالهيون جيڪي ذريعن کان معلوم
ٿيون. ضرورت انھي ڳالھ جي آھي ته ھنن وحشين کي سندن عهدن تان ھٽائي مڪمل تحقيقات ڪري ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي يا نياڻين جون زندگيون ء حرمتون محفوظ ڪيون وڃن. پورو پڙھندا.
محمد ميڊيڪل ڪالج هڪ جيل آهي اها پھرين ڇوڪري ناهي جنهن خودڪشي ڪئي پر اڳ به ڪجه اھڙا ڪيس ٿيا آهن جن کي دفن ڪيو ويو آهي. ان جي وجھ صرف رضي محمد وائس چانسلر آھي هي اھو شخص آھي جنھن آپريشن ٿيٽر ۾ پنھنجي شاگرد کي ھراسان ڪيو جنهن وجه سان ان ڇوڪري خودڪشي ڪئي هئي هي شخص هفتي ۾ ٽي چار دفعا گرلس هاسٽل جو چڪر لڳائندو آهي. جڏهن هاسٽل داخل ٿئي ٿو ته بجلي بند ڪئي وڃي ٿي ان واردات ۾ هن جي رکيل ڊاڪٽر ح جيڪا وارڊن گرلس هاسٽل آهي پڻ شامل آهي. اها ڪجه ڇوڪرين کي هن جي گھر سندس پرسنل لائبريري ۾ پڙھڻ بهاني رات جو ١٠ وڳي سندس پرسنل ڪار ۾ موڪلي ٿي اگر ڪا ڇوڪري نٿي وڃڻ چاهي ته انکي بليڪ ميل ڪيو ڃي ٿو سپليون لڳرائڻ جو ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. هاسٽل جي رهائش لاء في ٻار کان 30000 ٽيھ ھزار رپيه وٺن ٿا اگر ڪو ڳاهائي ٿو ته ڪوئي سپلي کائي ٿو ته ڪوئي چماٽ
ان رضي محمد جي وڏي گينگ آھي ڳالھ کي لڪائڻ هنن لاء ڪوئي مسئلو ناهي. ڪجه وقت پهريان بارشون ٿيون هيون ان وقت هڪ نياڻي پنهنجي حق لاء ڳالھايو هيو ته ھاسٽل ۾ پاڻي ناهي واشروم وڃڻ لاء نيسلي ته نٿا استعمال ڪري سگهون ان کي رضي درندي گرلس هاسٽل ۾ چماٽ هنئي ھئي ء هاسٽل مان بيدخل ڪري ڇڏيو هو
هن ڪالج ۾ جعلي داخلائون ڏنيون وڃن ٿيو ان جو ثبوت 2020BDS واري بيچ آهي جيڪي سڀ ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ فيل هئا پر 50 ٻارن کي جعلي داخلا ڏني وئي جن جو ڪيس هائي ڪورٽ ۾ هلي پيو جعلي داخلا جو ڪم ڊاڪٽر چوڌري ن ايڊمنسٽريشن وارو سنڀالي ٿو جيڪو پڻ وڏو بدتميز بدزبان انسان آھي پئسه وٺي پنجاب جي ٻارن کي داخلا ڏئي ٿو
ڊاڪٽر عابد جيڪو فهميده لغاري جي ڪيس ۾ گھربل آھي اهو هر ٻئي شاگرد کان پئسه گهري ٿو اھو وڏو گينگ آهي خدارا ٻارن جي جان بچائي هي ٺڳ ادارو آهي هتي ڪير پنهنجي اولاد کي نه پڙهائي هي نافيا پئسه وٺي سنڌ جو حق کائن ٿا پنجاب سرحد جي ٻارن کي داخلا ڏين ٿا ان ظالم رضي محمد مان شاگردن جي جان ڇڏايو ان کي ء انجي گينگ کي ڪيفي ڪردار تائين پڄايو
حق موجود

سنڌ بار ڪائونسل واضح ڪري ڇڏيو ته وڪيل پنھنجي گاڏي تي لوگو ھڻي سگھي ٿو. باڪي رھي ڳالھه غير وڪيل جيڪڏھن لوگو ھڻي ٿو ته ڀلي...
10/04/2026

سنڌ بار ڪائونسل واضح ڪري ڇڏيو ته وڪيل پنھنجي گاڏي تي لوگو ھڻي سگھي ٿو.

باڪي رھي ڳالھه غير وڪيل جيڪڏھن لوگو ھڻي ٿو ته ڀلي ان تي ڪاروائي ٿئي اسين به اھو ئي ٿا چاھيون.

وڪيل دوست به پوليس ۽ ٻي انتظاميه سان تعاون ڪن تي جيئن انھن ماڻھن تي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

خدارا نياڻين کي پڙهڻ ڏيو....مونکي ڪجهه ٿي وڃي ته منهنجو ڪيس ضرور وڙهجو..محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي شاگردياڻي فهميده ...
09/04/2026

خدارا نياڻين کي پڙهڻ ڏيو....
مونکي ڪجهه ٿي وڃي ته منهنجو ڪيس ضرور وڙهجو..
محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي پنهنجي ڀيڻ کي ڪيل التجا ڇاٿي ٻڌائي......

ميڊيڪل جي شاگردياڻي آپگهات ڇو ٿي ڪري ڪو ته مسئلو هوندو. ميرپورخاص جي خانگي ميڊيڪل ڪاليج سميت ابن سينا يونيورسٽيءَ انتظاميا توڙي استادن کان به پڇاڻو ڪيو وڃي....

نيپ چيڪنگ قانوني عمل آهي، پر قانون لاڳو ڪندڙ آفيسر کي به قانون ۽ آئين جي حدن اندر رهڻو پوندو آهي.جيڪڏهن ايس ايڇ او طرفان...
28/02/2026

نيپ چيڪنگ قانوني عمل آهي، پر قانون لاڳو ڪندڙ آفيسر کي به قانون ۽ آئين جي حدن اندر رهڻو پوندو آهي.
جيڪڏهن ايس ايڇ او طرفان غيراخلاقي ٻولي، اختيارن جو ناجائز استعمال يا بي عزتي ڪئي وئي آهي ته اهو قانونن جي ڀڃڪڙي ۾ اچي ٿو:
Pakistan Penal Code
• سيڪشن 166 – سرڪاري ملازم طرفان قانون جي خلاف ورزي
• سيڪشن 504 – ڄاڻي واڻي بي عزتي ڪري امن ۾ خلل وجهڻ
• سيڪشن 506 – ڌمڪي ڏيڻ (جيڪڏهن ڌمڪي ڏني وئي هجي)
Police Order 2002
• اختيارن جو غلط استعمال
• بدانتظامي (Misconduct)
• شهري جي وقار جي ڀڃڪڙي
Constitution of Pakistan
• آرٽيڪل 4 – قانون مطابق سلوڪ جو حق
• آرٽيڪل 14 – انسان جي عزت ۽ وقار جو تحفظ

قانون سڀني لاءِ برابر آهي. پوليس کي به شهري سان عزت، برداشت ۽ قانون مطابق پيش اچڻ گهرجي.
اسان مطالبو ڪريون ٿا ته معاملي جو شفاف انڪوائري ذريعي جائزو ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن الزامن ۾ سچائي هجي ته قانوني ۽ اداري سطح تي ڪارروائي ڪئي وڃي.


25/02/2026
Important news‼️We are going to conduct a seminar At Degree collage Kazi Ahmed , everyone is invited and requested to ma...
21/01/2026

Important news‼️

We are going to conduct a seminar At Degree collage Kazi Ahmed , everyone is invited and requested to make sure their presence at the seminar 💕

Attention❗️The first and successful meeting of Axel legal organization held which was attended by many law students , Al...
16/01/2026

Attention❗️

The first and successful meeting of Axel legal organization held which was attended by many law students , Alot of important issues were discussed regarding injustice , cruelty and many more problems related to students . Each student shared their thoughts and ideas to deal with those problems .
Legal effective and important steps will be taken 🔜

Address

Nawabshah
67450

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Axel Legal Organization - "ALO" posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share