08/11/2023
دوستو۔ نادرا اٿارٽيز نوابشاه اڳ پنهنجي نادري حڪمن جي زريعي 30 کان وڌيڪ افغانين کي نوابشاه ضلعي S.B.A جا ´پيدائشي رهائشي` هجڻ جا شناختي ڪارڊ جاري ڪيا هئا۔ ۽ کين سنڌ ۽ پاڪستان جي شھريت عطا ڪئي هئي جو بعد ۾ وري انهن ڪارڊن تي انهن جي اولاد جا 50 کان وڌيڪ ڪارڊ ٺاهيا جيڪي اسلام آباد ۽ سکر کان آبجيڪشن لڳي واپس ٿيا جن جي انڪوائري ايجنسين حوالي ڪئي وئي۔
هن وقت اهي ساڳيا آفيسر نادرا نوابشاه پهتل آھن ۽ ايجنٽ سرگرمي سان لامارا پيا ڏين۔ سنڌ جي همدردن کي گذارش آھي ته هڪ نقطي تي گڏ ٿين ۽ روزانو نادرا آفيسن ۾ جمع ٿيل درخواستن جي تفصيل حاصل ڪري افغاني پٺاڻن جي ڪارڊن تي اعتراض داخل ڪرائين