Active Lawyers Forum ALF

Active Lawyers Forum ALF Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Active Lawyers Forum ALF, Lawyer & Law Firm, S. M Law Chamber Opposite Judicial Complex, Naushahro Firoz.

04/07/2024
نوشهروفيروز (مظفر عباسي) چيئرمين ضلعي ڪائونسل نوشهروفيروز سهيل اختر عباسي جي صدارت هيٺ سال 2024-2025 جي بجيٽ اجلاس اڄ ٿي...
04/07/2024

نوشهروفيروز
(مظفر عباسي)
چيئرمين ضلعي ڪائونسل نوشهروفيروز سهيل اختر عباسي جي صدارت هيٺ سال 2024-2025 جي بجيٽ اجلاس اڄ ٿيو. ان موقعي تي هن اجلاس کي خطاب ڪندي 1 ارب 38 ڪروڙ 41 لک 94 هزار 651 رپين جي مجموعي آمدني ۽ 1 ارب 38 ڪروڙ 24 لک 47 هزار 909 رپين جي سالياني بجيٽ پيش ڪئي هن چيو ته گذريل سال چونڊن جو سال هو ۽ هن سال چونڊن تائين اليڪشن ڪميشن طرفان ترقياتي ڪمن تي پابندي هئي. ان ڪري اليڪشن جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ضلعي ڪائونسل جي ترقياتي ڪمن لاءِ ٽينڊر جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ۽ اوهان سڀني دوستن جي سهڪار سان اسان جي هر يونين ڪائونسل ۾ ترقياتي ڪمن جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان هر يونين ڪائونسل ۾ بنا ڪنهن سياسي فرق جي ترقياتي ڪم ڪرائينداسين هن بجيٽ ۾ ڪجهه اهڙا منصوبا شامل ڪيا آهن، جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ۽ ميمبرن جو ٿورائتو آهي ته انهن جي سهڪار سان وڌيڪ ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن بجيٽ بابت پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. هن چيو ته ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ۽ ضلعي ڪائونسل جي ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان سمورن ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ جيڪي به ترقياتي اسڪيمون منظور ڪيون ويون آهن، انهن جي پگھار ۽ پينشن جي منظوري ڏني وڃي مذهبي ۽ قومي تہوارن ۽ ڀلائي لاءِ 40 لک، قدرتي آفتن لاءِ 70 لک، نيون ترقياتي اسڪيمن لاءِ 24 ڪروڙ، معذورن لاءِ 50 لک، غريبن لاءِ سولر سسٽم لاءِ 3 ڪروڙ، ضلعي جي مختلف پريس ڪلبن لاءِ 10 لک، ضلع ڪائونسل جي پارڪ لاءِ 30 لک رپيا رکيا ويا آهن. ضلعي ڪائونسل جي ڊسپينسري لاءِ 15 لک، ضلعي ڪائونسل جي هلندڙ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 61 ڪروڙ 48 لک 30 هزار، راندين لاءِ 10 لک، آفيس جا متفرق خرچ 2 ڪروڙ 98 لک 70 هزار رپيا رکيا ويا آهن غريبن جي مدد لاءِ 30 لک، عورتن جي ڀلائي ۽ غريب عورتن جي شادي لاءِ 1 ڪروڙ، ملازمن جي طبي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ 1 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. آمدني جا تفصيل بيان ڪندي هن چيو ته اوزيٽ شيئر 76 ڪروڙ 39 لک 92 هزار، ضلعي ڪائونسل جي پنهنجي ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس ۽ ڪرائيم جي مد ۾ 4 ڪروڙ 12 لک 50 هزار، بقايا جي ادائيگين لاءِ 32 ڪروڙ 96 لک 85 هزار رپيا، نئين آفيس جي عمارت جي تعمير لاءِ متوقع گرانٽ 10 ڪروڙ رپيا آهي، اهڙي طرح ضلعي ڪائونسل جي ڪل آمدني 1384194651 رپيا ٿيندي.

خبرـ ايڊوڪيٽ محمد اياز مري صدر ڊسٽرڪٽ بار ۽ صدر PLF ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز, ايڊوڪيٽ شيرمحمد اڄڻ اڳواڻ ALF, ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائ...
01/07/2024

خبرـ ايڊوڪيٽ محمد اياز مري صدر ڊسٽرڪٽ بار ۽ صدر PLF ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز, ايڊوڪيٽ شيرمحمد اڄڻ اڳواڻ ALF, ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ جنرل سيڪريٽري PLF ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز جن ايڊوڪيٽ حاجي خالد حسين چانڊيو وٽ پھچي سندس کي حج مبارڪ جي سعادت حاصل ڪرڻ تي گلن جا ھارپارائي مبارڪباد ڏني ـ

خبرـ ايڊوڪيٽ محمد اياز مري صدر ڊسٽرڪٽ بار ۽ صدر PLF ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز, ايڊوڪيٽ شيرمحمد اڄڻ اڳواڻ ALF, ميمبر ڊسٽرڪٽ  ڪاي...
28/06/2024

خبرـ ايڊوڪيٽ محمد اياز مري صدر ڊسٽرڪٽ بار ۽ صدر PLF ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز, ايڊوڪيٽ شيرمحمد اڄڻ اڳواڻ ALF, ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ جنرل سيڪريٽري PLF ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز, ايڊوڪيٽ وسيم راجا ٻرڙو, ايڊوڪيٽ شاھنواز سومرو, ايڊوڪيٽ آصف سومرو ۽ ٻيا لنجار ھائوس مورو پھچي محترم ضياءالحسن لنجار پاران مورو عوامي سھولت لاءايڊوڪيٽ دوست علي سولنگي صدر PPP تعلقا مورو, ايڊوڪيٽ محمداسلم امين آرائين ۽ محمدانور قائمخاني کي مورو ڪاميٽي ميمبرمنتخب ٿيڻ تي گلن جا ھارپارائي مبارڪباد ڏني ـ پاران:- پيپلز لائيرس فورم ڊسٽرڪٽ نوشھرو فيروزـ

شڪرالحمدالله محترم محمد اياز مري صدر ڊسٽرڪٽ بار ۽ صدر PLF ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز  جي سرپئنچي ۾ وڪيل محمد آصف سومرو ۽ نوراحم...
28/06/2024

شڪرالحمدالله محترم محمد اياز مري صدر ڊسٽرڪٽ بار ۽ صدر PLF ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز جي سرپئنچي ۾ وڪيل محمد آصف سومرو ۽ نوراحمد ٻرڙو جي مسئلي جو نبيرو ڪري صلح ڪرايو ويو جنهن ۾ ALF اڳواڻ ايڊوڪيٽ شيرمحمد اڄڻ ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ جنرل سيڪريٽري PLF ڊسٽرڪٽ NF, ايڊوڪيٽ وسيم راجا ٻرڙو, ايڊوڪيٽ عبدالوحيد ميمڻ, ايڊوڪيٽ شاھنواز سومرو ۽ ايڊوڪيٽ عبدالقادر سولنگي ۽ ٻيا پڻ موجود ھيا ـ

25/06/2024

Address

S. M Law Chamber Opposite Judicial Complex
Naushahro Firoz
0242

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Active Lawyers Forum ALF posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share