Legal Guide with Advocate Danyal Qazi

Legal Guide with Advocate Danyal Qazi Legal awareness and guidance for the public. Advocate Danyal Qazi sharing simple legal information.

پروفيسر روشن علي عظيم (ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۽ پروفيسر ڪرمنل لا) پاران ڏنل ام رباب ڪيس جو قانوني تجزيو Legal Expert Opinio...
30/03/2026

پروفيسر روشن علي عظيم (ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۽ پروفيسر ڪرمنل لا) پاران ڏنل ام رباب ڪيس جو قانوني تجزيو Legal Expert Opinion.....

ام رباب جي گھر باتين جي قتل ڪيس جو فيصلو 223 پيجن تي مشتمل آھي, مون وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي آھي تـ ان ڪيس جي فيصلي جي ھر قانوني پھلو تي نظر وجھي عام عوام کي پنھنجي قانوني تجزعي (Lega, Expert Opinion) ضريعي قانوني شقن ۽ عدالت جي فيصلي کان آگاھي ڏئي سگھان,

سڀ کان پھريان آئون ان ڪيس جي FIR واري ڪھاڻي کي ھيٺ لکڻ چاھيان ٿو تـ جئين عام ماڻھون کي خبر پوي تـ آخر ھي جھيڙو ڪئين ٿيو ۽ ام رباب جا گھر ڀاتي قتل ڪئين ٿيا.

18.01.2018 لڳ ڀڳ صبح 10:00 وڳي ھن ڪيس جي فريادي نالي پرويز احمد ولد ڪرم الله خان چانڊيو، ٿاڻي “اي سيڪشن” مهڙ، ضلع دادو ۾ FIR داخل ڪرائي, جنھن جي ڪھاڻي ھيٺ آھي,

فريادي بيان ڪيو تـ مختيار احمد سندس ڀاءُ آهي ۽ ڪرم الله خان چانڊيو سندس والد آهي، جيڪو يونين ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رهيو آهي. الزام آهي تـ ڊگهي عرصي کان سردار خان ولد شبير احمد چانڊيو، فريادي جي ڀاءُ مختيار احمد خان کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو، جيڪو ٽومندار هو، ۽ هن ٻين ٽومندارن کي پاڻ سان گڏ ڪري، سندس خلاف بغاوت پکيڙي رهيو هو. هن طرفان بار بار مطالبو ڪيو پئي ويو تـ ٽومندار ڪائونسل کي ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا ۽ سندس سڄي ڪٽنب کي نقصان پهچايو ويندو.

اهو پڻ الزام آهي ته سردار خان مختلف وقتن تي مختلف ماڻهن جي ذريعي اهڙيون ڌمڪيون مختيار احمد تائين پهچائيندو رهيو.

وڌيڪ بيان آهي تـ بتاريخ 17.01.2018 صبح جي وقت، فريادي، سندس والد ڪرم الله خان ولد خاشو خان (عمر لڳ ڀڳ 65 سال)، سندس ڀاءُ مختيار احمد (عمر لڳ ڀڳ 45 سال)، سندس ڀاءُ قابل حسين (عمر لڳ ڀڳ 20 سال، ميمبر ضلعي ڪائونسل)، ۽ سندس سڳا ڀائر اعجاز احمد ۽ منظور احمد (ٻئي ولد گل حسن چانڊيو)، پنهنجي اوطاق اڳيان بيٺل هئا، جيڪا پوليس اسٽيشن کان فريد آباد ويندڙ رستي تي واقع هئي.

انهي دوران لڳ ڀڳ 9:00 وڳي صبح، ٻه گاڏيون (هڪ اڇي ڪرولا نمبر BFZ-428 ۽ هڪ اڇي لينڊ ڪروزر) اچي اوطاق اڳيان بيٺيون. انهن مان ڇهه هٿياربند ماڻهو لٿا، جن جي سڃاڻپ هن ريت ڪئي وئي:

علي گوهر ولد بختيار علي عرف يختيار چانڊيو جنھن جي ھٿ ۾ ڪلاشنڪوف,

غلام مرتضيٰ ولد محمد ستار چانڊيو جنھن جي ھٿ ۾ ريپيٽر,

سڪندر ولد علي حسن چانڊيو جنھن جي ھٿ ۾ ريپيٽر,

ذوالفقار ولد غلام قادر عرف قادو چانڊيو جنھن جي ھٿ ۾ ريپيٽر سان,

غلام قادر عرف قادو ولد پانل چانڊيو جنھن جي ھٿ ۾ ريپيٽر,

۽ جوابدار برهان ولد شبير احمد چانڊيو لينڊ ڪروزر ۾ ويٺو هو.

جوابدار برهان گاڏي جو شيشو هيٺ ڪري، پنهنجن ساٿين کي ڀڙڪايو تـ فريادي ڌر سردار خان خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ بار بار منع ڪرڻ باوجود باز نـ آيا آهن، تنهن ڪري انهن سان اهڙو سلوڪ ڪيو وڃي جو ٻين لاءِ مثال بڻجي وڃن ۽ انهن کي قتل ڪيو وڃي.

انهي ڀڙڪائڻ (instigation) تي، ۽ سردار خان جي بڇ تي، ٻين جوابدارن پنهنجن هٿيارن جا منهن کولي انڌاڌند فائرنگ شروع ڪئي، جنهن سبب عام ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

جوابدار غلام قادر عرف قادو، قتل جي ارادي سان فريادي جي والد ڪرم الله تي فائر ڪيو، جيڪو سندس پيٽ ۾ لڳو. ان دوران ڪرم الله خان، غلام قادر کي پڪڙي زمين تي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، تـ ٻين جوابدارن، علي گوهر (ڪلاشنڪوف سان) ۽ غلام مرتضيٰ (ريپيٽر سان)، فائرنگ ڪري غلام قادر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان فائرنگ دوران ڪلاشنڪوف جا فائر ڪرم الله جي سيني جي ساڄي پاسي لڳا، جڏهن تـ فائرن جي نتيجي ۾ غلام قادر پڻ زخمي ٿي ڪري پيو.

ان کان پوءِ غلام مرتضيٰ، قتل جي نيت سان، مختيار احمد تي سڌو فائر ڪيو، جيڪو سندس سيني جي مٿئين حصي تي لڳو. علي گوهر به ڪلاشنڪوف سان فائر ڪيا، جيڪي مختيار احمد جي چهري تي لڳا ۽ هو پڻ ڪري پيو.

جوابدار سڪندر، قتل جي ارادي سان، قابل حسين تي فائر ڪيو، جيڪو سندس ساڄي پٺيءَ (بٽڪ) تي لڳو، ۽ هو بـ رڙيون ڪندي ڪري پيو.

ان کان پوءِ جوابدار مسلسل انڌاڌنڌ فائرنگ ڪندا رهيا، نعرا هڻندا رهيا تـ جيڪو بـ سردار خان خلاف بغاوت ڪندو، ان جو اهو ئي حشر ٿيندو. پوءِ اهي ٻئي گاڏين ۾ سوار ٿي اولهه طرف فرار ٿي ويا.

ان کان پوءِ اطلاع ڏيندڙ ڏٺو تـ:

مختيار احمد کي سيني جي کاٻي پاسي گوليون لڳيون،

ڪرم الله کي پيٽ ۽ سيني تي فائر لڳا،

قابل حسين کي ساڄي پاسي گولي لڳي.

انهن سڀني کي تعلقه اسپتال مهڙ منتقل ڪيو ويو، جتي ڪرم الله ۽ مختيار احمد زخمن جا سور نـ سھندي فوت ٿي ويا، جڏهن تـ قابل حسين کي وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو، جتي هو پڻ فوت ٿي ويو.

بعد ۾ تعلقه اسپتال مهڙ ۾ ڪرم الله ۽ مختيار احمد جي قانوني ڪارروائي (postmortem وغيره) مڪمل ڪري سندن تدفين ڪئي وئي. شام جي وقت فريادي کي خبر ملي تـ قابل حسين بـ لاڙڪاڻي ۾ فوت ٿي ويو آهي. ان جي لاش کي مهڙ آڻي پوسٽ مارٽم بعد تدفين ڪئي وئي.

ان کان پوءِ فريادي ٿاڻي تي پيش ٿي، مٿين واقعي بابت FIR داخل ڪرائي، ۽ بيان ڪيو تـ واقعي سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ دڪاندارن پنهنجا دڪان بند ڪري فرار ٿي ويا.

مٿي ٻڌايل اھي FIR جا متن ھئا,

اھو ڪيس پھريان دھشتگردي واري قانون ATA تحت داخل ڪيو ويو, بعد ۾ اعلي عدالتن جي حڪمن تحت ان کي واپس ھيٺين ڪورٽ ۾ ھلايو ويو جنھن جي فيصلي ۾ سڀني جوابدارن کي عدالت آزاد ڪري ڇڏيو آھي, ان لکڻي کي ڪوشش ڪري تمام مختصر ڪندس تـ ماڻھون مڪمل پڙھي سگھن,

ڪرمنل ٽرائيل جو پھريون اصول اھو ھوندو آھي تـ جوابدار کي ڏوھي قرار ڏيڻ دوران اگر ھڪ بـ ثبوت ۾ ڪا ڪمي پيشي موجود آھي ۽ اھا ڪمي پيشي ڪنھن شڪ کي ظاھر ڪري ٿي تـ جوابدار ڏوھ جو ڏوھي ناھي تـ پوء عدالت جوابدار کي ڪنھن بـ صورت ۾ سزا ناھي ڏيندي ۽ کيس ان جوابدار کي عدالت آزاد ڪندي آھي,

قتل جي ڪيس ۾ مٿي ڄاڻايل ان اصول تي عدالت پاران ڪنھن بـ قسم جي سوديبازي نـ ڪئي ويندي آھي, ان اصول پٽاندر جوابدارن کي آزاد ڪرڻ کي وڏي واڪي ساراھجي ٿو, اگر اھو اصول نـ ھجي تـ وڏيرن, سرداران, پوليس وارن ۽ ٻيڻ ڏاڍن پاران گرفتار ڪرايل ڪيترائي بيگناھ ماڻھون ڪوڙن ڪيسن ۾ سزائون کائي وڃن ۽ جيلن ۾ بيگناھ پيا ھجن,

ڪرمن ڪيسن جي ھڪ ٻي ليگل ڊاڪٽرائين آھي (falsus in uno falsus in omnibus) مطلب تـ جيڪو ڪرمنل ڪيس جي دوران ھڪ ڪوڙ ڳالھائي ٿو مطلب تـ ھو سڀ ڳالھ ڪوڙ ڳالھائي رھيو آھي, ڀلي پوء اڌ سچ ھجي پر ان کي بـ ڪوڙ سمجھيو ويندو, ان ڪري ڪرمنل ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالھائيڻ ۽ ڪا ڳالھ وڌائي پيش ڪرڻ جي ڪا بـ گنجائش ناھي, ان سان سڄو ڪيس خراب ٿي ويندو آھي ۽ ڏوھ ڪندڙ جوابدار آزاد ٿي ويندا آھن ڀلي انھن ڏوھ ڪيو ڇو نـ ھجي,

ھاڻي اچون ٿا تـ اھي ڪھڙا سبب ھئا جنھن جي ڪري عدالت سمورن جوابدارن کي آزاد ڪيو,

عدالت ان ڪيس ۾ شاھدن جي شاھدين ۽ ٻين ڪارواين کي مڪمل ڪرڻ بعد ان نتيجي تي پھتي تـ پراسيڪيوشن گڏ ام رباب پنھنجي ڪيس کي چڱي ريت ثابت نـ ڪري سگھيا آھن ان ڪيس ۾ تمام ڳالھيون شڪ پيدا ڪري رھيون آھن تـ فريادي ۽ شاھد ان ڪيس ۾ يا ڪوڙ ڳالھائي رھيا آھن يا ڳالھ کي وڌائي پيش ڪري رھيا آھن, انھن کان علاوا ڪجھ ڳالھيون جيڪي تمام اھم آھن اھي ھيٺ لکان ٿو,

ڪورٽ اھو Observed ڪيو آھي تـ ڏوھ ٿيڻ بعد FIR داخل ڪرڻ ۾ غير معمولي دير ڪئي وئي, ۽ FIR دير سان داخل ڪرڻ جو سبب پڻ نـ ٻڌايو تـ ان ۾ دير ڇو ٿي, واقعو صبح 9 وڳي ٿيو، جڏهن تـ FIR ان جي ٻي ڏينھن رات 1 وڳي داخل ڪئي وئي، يعني تقريباً 16 ڪلاڪن کان پوء,

ڏوھ ٿيڻ جي فورن بعد پوليس کي اھو اطلاع مليو تـ ھي ڏوھ ٿيو آھي, ان شروعاتي اطلاع جي ٿاڻي تي روزنامچي انٽري نمبر 06 ۾ داخلا رکي وئي, پر ان روزنامچي انٽري ۾ ڪنهن به موجودا جوبدارن جو نالو نـ ٻڌايو ويو تـ قتل ڪنھن ڪيو آھي,

ان ڪيس جو فريادي اسپتال ۾ 6 کان 7 ڪلاڪ پوليس سان گڏ موجود رهيو، پر ايتري باوجود فريادي جوابدارن جا نالا فوري طور تي ڪنھن بـ پوليس واري کي ظاھر نـ ڪيا,

عدالت ان ڳالھ کي بـ شڪي ڪيو تـ دير سان ڪيس داخل ڪرڻ جي نتيجي ۾ اھو ظاھر ٿئي ٿو تـ فريادي ھم صلاح ٿي ھڪ ٻي سان مشوري ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪرايو ۽ پنھنجي مرضي مطابق نالا ڏنا جيڪي شروعاتي اطلاعن مطابق نالا ظاھر نـ ڪيا ويا,

عدالت ان ڳالھ کي بـ موضوع بڻايو تـ ان ڪيس ۾ شاهدن پنھنجي بيانن ۾ غير ضروري واڌارو ڪيو آھي ۽ سندن بيانن ۾ ايمانداري نظر نٿي اچي جڏھن سمورن شاھدن جي بيانن ۾ پڻ تضاد نظر اچي ٿو,

ان ڪيس جي اهم شاهدن عدالت ۾ پنهنجي شاھدين ۾ نوان الزام ۽ نيون حقيقتون شامل ڪيون، جيڪي نـ تـ FIR ۾ هيون ۽ نـ ئي سندن بيانن ۾ لکيل ھيون جيڪي ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي سيڪشن 161 جي تحت رڪارڊ ڪيا ويا,

عدالت ان ڳالھ کي تمام زور ڏئي ڊسڪس ڪيو تـ ان ڪيس ۾ فريادي جي وڪيل ڪيس جي آرگيومينٽ دوران عوامي آواز اخبار جون پريس ڪٽنگ ڏنيون جنھن ۾ مقتول جو بيان آھي تـ ھو تومندار ڪائونسل جي تحت عوامي ميڙ گڏ ڪري پنھنجي (Strength) ظاھر ڪندو, ۽ جڏھن تـ تومندار ڪائوسنل چانڊيا خاندان جي فلاح بھبود جي لاء ٺاھي وئي تـ پوء اسٽرينٿ ظاھر ڪرڻ جو مقصد ڇا آھي؟ ان اخبارن جي خبرن جو پوري ڪيس ۾ ڪٿي بـ ذڪر ناھي, نـ فريادي پنھنجي بيان ۾ ان بابت ڳالھايو آھي نـ ئي ڪيس جي ڪنھن موڙ تي ان ڳالھ جو ڪنھن شاھد ذڪر ڪيو آھي, ھي معملو فريادي جي وڪيل ھاڻي آرگيومينٽ جي دوران جمع ڪرايو آھي ۽ ان بابت ڳالھائي حقيقتون ظاھر ڪيون آھن, عدالت جو وڌيڪ اھو بـ چوڻ آھي تـ اگر فريادي جي وڪيل ھي اخبار عدالت ۾ آخري مرحلي ۽ آرگيومينٽ دوران جمع نـ ڪرائي ھا ۽ ھي اخبار وارو معملو نـ اٿاري ھا تـ اصل ڳالھ ظاھر ئي نـ ٿئي ھا, ۽ اصل حقيقت (Mysterious) ھجي ھا, جوابدارن ۽ مقتولن جي ان سياسي معملي/جھيڙي مان اھو ظاھر ٿيو آھي تـ جوابدارن جو تعلق رولنگ پارٽي سان آھي ۽ مقتولن جو ڪنھن ٻي پارٽي سان آھي جيڪا جوابدارن جي خلاف آھي ۽ ان پارٽي جي اڳواڻي ڪو ٻيو شخص ڪري ٿو جيڪو جوابدارن جو سياسي مخالف پڻ آھي,

عدالت اھو پڻ فيصلي ۾ لکيو آھي تـ فريادي پاران ٻڌايو ويو آھي تـ سمورو جھيڙو چڱ مڙسي/سرداري/تومنداري جو آھي جڏھن تـ ان پوري ڪيس ۾ فريادي ڌر سرداري نظام بابت جيڪو معملو آھي اھو ثابت نـ ڪيو آھي نـ ئي ان بابت ڪي شاھديون ڏنيون آھن,

عدالت ان فيصلي ۾ وڏي واڪي لکي ٿي تـ فريادي پاڻ پنھنجي بيان ۾ اھو تسليم ڪيو آھي تـ هن سردار احمد خان کان ڪا بـ سڌي ڌمڪي نـ ٻڌي هئي,

عدالت پنھنجي فيصلي ۾ لکي ٿي تـ اخبار جي ڪٽنگ مان سياسي پس منظر ظاهر ٿيو، جنهن کي پراسيڪيوشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي, ان اخبار واري معملي کي شروعات ۾ ڪيس جو حصو نـ ٺھايو, وڪيل آخر ۾ ان اخبار کي عدالت ۾ جمع ڪرايو, ۽ ان تي بحث ڪيو, (نوٽ پنھنجي پاران) فريادي جي وڪيل کي اھي اخبار جون ڪٽنگس جمع نـ ھيون ڪرائڻيون, ڪنھن بـ صورت ۾, ان صرف ھڪ غلطي ام رباب جي ڪيس کي تمام خراب ڪيو ۽ جوابدارن جي آزادي جو سبب بڻيو, جڏھن پراسيڪيوشن انھن عوامي آواز اخبار جي ڪٽنگ کي ڪيس جو حصو نـ ٺھايو تـ وڪيل آخر وقت ۾ آرگيومينٽ دوران ڇو جمع ڪرايو؟ خئير اڳتيي ٿا ھلون,

ان ڪيس ۾ اکين ڏٺي شاھدي ۽ ميڊيڪل شاهدي ۾ پڻ تمام وڏو تضاد آھي جنھن کي ڪجھ ھيٺ ڊسڪس ڪريون ٿا,

پراسيڪيپشن جو اهو چوڻ تـ جوابدار ۽ مقتول ھڪ ٻي کي ھٿين پئجي ويا (ٻکي پئجي وڃڻ) جڏھن تـ (grappling) دوران موت مار فائرنگ ٿي جنھن جي نتيجي ۾ ام رباب جا گھر ڀاتي قتل ٿيا، جڏھن تـ اھا ڳالھ ميڊيڪل ۾ ثابت نـ ٿي آھي, ميڊيڪل ۾ آيو آھي تـ اھي گوليون ويجھي کان نـ بلڪي پري کان لڳيون آھن ۽ زخمن جي نشانن مان بـ اھو واضع ٿئي ٿو تـ اھي زخم ۽ فائيرنگ ويجھي کان نـ بلڪي پري کان گولين جي نتيجي ۾ ٿيل آھن,

ان ڪيس ۾ ٿيندڙ فائرنگ جي فاصلي ۽ زخمن جي تعداد ۾ پڻ تضاد ظاھر ٿيو آھي, جڏھن تـ ھڪ اھڙو زخم آھي جنھن جي وضاحت ايف آءِ آر ۾ ڪونھي, جڏهن اکين ڏٺي شاهدي ميڊيڪل شاهدي سان نٿي ملي ته پوءِ ميڊيڪل شاهدي کي ترجيح ڏني ويندي آهي.

ان ڪيس ۾ پراسيڪيوشن تمام اهم ۽ غير جانبدار شاهدن (جهڙوڪ مقامي دڪاندار ۽ پهريون پهچندڙ پوليس اهلڪار) جي شاھدي نـ ھلائي جيڪي تمام ضروري ھئا, 2 دڪاندار اکين ڏٺا شاھد ھئا انھن جي شاھدي نـ ھلائڻ ڪيس کي ٻوڙي ڇڏيو, ۽ انھن جي شاھدي نـ ھلائڻ جو ڪو بـ جواز پيش نـ ڪيو ويو,

انھن شاھدن جي بيان نـ ڪرائڻ سان عدالت اھو نتيجو ڪڍيو تـ اگر اھي شاھد ڪيس ۾ بيان رڪارڊ ڪرائين ھا تـ اھي شاھد اصل حقيقتون بيان ڪن ھا جيڪي انھن اکين ڏٺيون ھيون, جيڪو پراسيڪيوشن نٿي چاھيو,

عدالت ان ڳالھ کي زور ڏئي لکيو آھي تـ ان جھڙي دوران ٿيل اندهاڌند فائرنگ جي باوجود شاهد زخمي نـ ٿيا جڏھن تـ ٽي قتل ٿي ويا پر شاھدن کي ھڪ بـ زخم نـ رسيو, ٻي پاسي جڏھن فائيرنگ ٿي رھي ھئي تـ شاهدن پنهنجن مٽن مائٽن کي بچائڻ جي ڪا بـ ڪوشش نـ ڪئي، جيڪو عام انساني فطرت جي خلاف آهي,

عدالت وڌيڪ اھو Observe پڻ ڪيو تـ پراسيڪيوشن مطابق جھيڙو تمام ويجھي کان ٿيو, ويجھي کان گوليو ھنيون ويون, پر جوابدارن اهم شاهدن کي ڪو بـ نقصان نـ رسايو کين جئيرو ڇڏي ڏنو ڏنو، جيڪ حقيقت سان ٺھڪي نٿو اچي,

آخر ۾، عدالت جي فيصلي جو بنيادي نچوڙ اهو نڪري ٿو تـ فوجداري قانون ۾ “شڪ جو فائدو” (benefit of doubt) هڪ بنيادي ۽ مقدس اصول آهي، جنهن جي روشني ۾ جيڪڏهن پراسيڪيوشن پنهنجي ڪيس کي بيشڪ ۽ مڪمل طور ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿي تـ پوءِ عدالت وٽ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ کانسواءِ ڪو بـ قانوني رستو باقي نٿو رهي.

هن ڪيس ۾ ايف آءِ آر ۾ دير، شاهدن جي بيانن ۾ تضاد، غير ضروري واڌارا، ميڊيڪل ۽ اکين ڏٺي شاهدي ۾ ٽڪراءُ، اهم شاهدن کي پيش نـ ڪرڻ ۽ سياسي پسمنظر کي لڪائڻ جهڙين خامين مجموعي طور ڪيس کي ڪمزور ڪري ڇڏيو، جنهن سبب عدالت پراسيڪيوشن جي ڪهاڻي تي ڀروسو ڪرڻ جي قابل نـ رهي ۽ تمام جوابدارن کي آزاد ڪيو,

هي واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي ماڻهو بي دردي سان قتل ڪيا ويا، جيڪو ڪنهن بـ معاشري لاءِ وڏو سانحو آهي. انساني ۽ اخلاقي لحاظ کان امِ رباب جي خاندان سان مڪمل همدردي آهي، ڇو تـ انهن پنهنجا پيارا وڃايا آهن. پر قانوني جائزي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تـ هن ڪيس ۾ اصل حقيقتن کي سڌي نموني پيش ڪرڻ بدران، امِ رباب جي خاندان پاران ٻنهي سردارن، برهان خان ۽ سردار خان کي ڪنهن بـ صورت ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ ڪيس جو رخ ٻي طرف موڙيو ويو، جنهن سبب ڪيس ۾ اهڙا ثبوت ۽ بيان سامهون آيا جيڪي يا تـ وڌايل هئا يا حقيقتن سان مطابقت نٿا رکن.

انهيءَ غلط حڪمت عملي ۽ ڪمزور قانوني صلاحڪاري سبب، اصل ثبوت عدالت آڏو صحيح نموني پيش نـ ٿي سگهيا، جنهن جي نتيجي ۾ نـ صرف ڪيس ڪمزور ٿيو پر حقيقي جوابدار بـ فائدو وٺي آزاد ٿي ويا. امِ رباب جي خاندان جي اها ضد تـ هر حال ۾ برحان چانڊيو ۽ سردار چانڊيو ۽ ڪجھ ٻين ماڻهن کي ملوث ڪري سزا ڏيارجي، قانوني طور نقصانڪار ثابت ٿي ۽ پوري ڪيس کي متاثر ڪيو.

منهنجي راءِ ۾ عدالت جو فيصلو قانون جي نظر ۾ درست آهي، ڇو تـ عدالت صرف پيش ڪيل ثبوتن تي ئي ڀاڙيندي آهي، پر ساڳئي وقت منهنجي سموري همدردي متاثر خاندان سان گڏ آهي، ۽ انهن کي گهرجي تـ هو اعليٰ عدالت ۾ فوجداري بريت خلاف اپيل (Criminal Acquittal Appeal) داخل ڪري ۽ پنهنجو ڪيس اتي مضبوطي سان پيش ڪري,

جيتوڻيڪ واقعو نهايت افسوسناڪ ۽ انساني لحاظ کان ڏکوئيندڙ آهي، پر قانون جي نظر ۾ فيصلا صرف جذبات يا تاثرن تي نـ پر مضبوط، صاف ۽ بيشڪ ثبوتن تي ٿيندا آهن. هن ڪيس ۾ پراسيڪيوشن جي ناڪامي، تحقيقاتي ڪمزورين ۽ وڪالتي حڪمت عملي جي غلطين جوابدارن جي آزادي جو سبب بڻيون، جيڪا قانوني اصولن مطابق درست قرار ڏني وئي، پر ساڳئي وقت اهو بـ سبق ڏئي ٿي تـ فوجداري ڪيسن ۾ سچائي کي بنا ڪنهن مبالغو يا لڪائڻ جي، مڪمل ايمانداري سان عدالت اڳيان پيش ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، ٻي صورت ۾ انصاف متاثر ٿي سگهي ٿو,

آخر ۾، هي ڪيس ٻين سڀني ماڻهن لاءِ هڪ اهم سبق آهي تـ جيڪڏهن ڪو ڏوھ ٿئي ٿو تـ ان کي پنهنجي اصل شڪل ۾ ئي عدالت اڳيان پيش ڪيو وڃي, ڪيس کي ڪنهن خاص ماڻهو کي ڦاسائڻ لاءِ موڙڻ، ڪوڙا شاهد بيهارڻ يا حقيقتن ۾ ردوبدل ڪرڻ نـ صرف قانوني طور غلط آهي پر ان سان انصاف بـ متاثر ٿئي ٿو.

اهڙي عمل سان اصل ڏوهاري بـ بچي وڃن ٿا, جھڙي ريت ام رباب جي ڪٽنب جا اصل قاتل آزاد ٿي ويا, تنهن ڪري هر شهري ۽ وڪيل کي گهرجي تـ سچائي، ايمانداري ۽ قانوني اصولن تي عمل ڪندي پنهنجو ڪيس پيش ڪري تـ جيئن حقيقي انصاف ممڪن بڻجي سگهي.

منھنجو ذاتي طرح سان سموريون ھمدرديون ام رباب ۽ سندس گھر وارن سان گڏ آھن, سندس 3 گھر ڀاٿي شھيد ٿيا آھن ان کان وڏو ظلم ڪھڙو ھوندو, سندس مقتولن سان ھتي جي عدالت انصاف نـ ڪيو تـ الله پاڪ جي عدالت ضرور انصاف ڪندي, شھيد ٿيلن جي ايثال ثواب جي لاء اسان سڀني کي 3 قل شريف ۽ ھڪ الم شريف پڙھي ختمو بخشڻ گھرجي ۽ ام رباب جي لاء پڻ دعاڳو آھيون تـ ھائي ڪورٽ ۾ سندس فتح ٿيندي...

پروفيسر روشن علي عظيم
ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان
موبائيل نمبر 03332536709
آفيس نمبر 24, ٻي منزل, حيدرآباد ٽريڊ سيبٽر, ويجھو حيدر چوڪ, گاڏي کاتو حيدرآباد, سنڌ.

Address

City Court
Moro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Legal Guide with Advocate Danyal Qazi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share