Team Athar Abbas Solangi - ASC

Team Athar Abbas Solangi - ASC Member Sindh Bar Council. President Sindh High Court Bar Association Larkana.

SHCBA Larkana Strongly Condemns Lawlessness After Shocking Daylight Firing Leaves 4 Dead.
23/09/2026

SHCBA Larkana Strongly Condemns Lawlessness After Shocking Daylight Firing Leaves 4 Dead.

سنڌ جي ورهاڱي واري تحريڪ خلاف لاڙڪاڻي جي وڪيلن جو احتجاج، 31 آگسٽ تي عدالتن جو بائيڪاٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪ...
29/08/2026

سنڌ جي ورهاڱي واري تحريڪ خلاف لاڙڪاڻي جي وڪيلن جو احتجاج، 31 آگسٽ تي عدالتن جو بائيڪاٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي، سنڌ اسيمبلي ميمبر نثار احمد کهڙو پاران سنڌ جي ورهاڱي بابت پيش ڪيل التوا واري تحريڪ جي سخت مذمت ڪئي آهي.

بار ايسوسيئيشن چيو آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ جاگرافيائي سالميت تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪنهن به بحث يا سازش کي وڪيل برادري قبول نه ڪندي. صدر بار اطهر عباس سولنگي

بار پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته سومر 31 آگسٽ تي لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورين عدالتن ۾ مڪمل عدالتي بائيڪاٽ ڪيو ويندو. صدر اطهر عباس سولنگي

وڪيل صبح 10 وڳي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻي جي بار روم ۾ گڏ ٿيندا، جتان لاڙڪاڻو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

SHCBA LARKANA STRONGLY CONDEMNS NISAR KHUHRO’S ASSEMBLY MOTION ON SINDH’S DIVISION; FULL COURT STRIKE AND PROTEST RALLY ...
29/08/2026

SHCBA LARKANA STRONGLY CONDEMNS NISAR KHUHRO’S ASSEMBLY MOTION ON SINDH’S DIVISION; FULL COURT STRIKE AND PROTEST RALLY ANNOUNCED FOR MONDAY, AUGUST 31st.

24/08/2026

ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگيءَ بلاول ڀٽو زرداريءَ کي جواب ڏنو ته سنڌي نه پاڪستان جا مخالف آهن، نه ئي سنڌي دهشتگرد آهن. جيڪو سنڌين کي دهشتگرد چوي ٿو، اهو پاڻ ئي وڏو دهشتگرد آهي.

#سنڌ #سنڌي

سنڌ بار ڪائونسل ‎ سنڌ هاءِ ڪورٽ بلڊنگ، (اينڪسي)، ڪراچي.‎ڪراچي، 13 آگسٽ 2026 قرارداد‎سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار‎دوست...
13/08/2026

سنڌ بار ڪائونسل
‎ سنڌ هاءِ ڪورٽ بلڊنگ، (اينڪسي)، ڪراچي.
‎ڪراچي، 13 آگسٽ 2026 قرارداد
‎سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
‎دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
‎شاهه عبداللطيف ڀٽائي
‎سنڌ بار ڪائونسل اڄ يعني 13 آگسٽ 2026ع تي ٿيل پنهنجي فل هائوس اجلاس ۾ متفقه طور تي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته صوبو سنڌ، اٽڪل 5000 قبل مسيح جي موهن جو دڙو واري سنڌو سڀيتا کان وٺي، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي هڪ ڌرتي رهيو آهي. سنڌ جو صوفيءَ ازم جو هڪ مالامال تاريخي پسمنظر رهيو آهي، ۽ ان جي ثقافت زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ اهڙي پرامن رويي جي عڪاسي ڪري ٿي. سنڌ جي ڌرتي صدين کان هر هڪ نسلي گروه جو گهر رهي آهي، جيڪي گڏجي امن امان سان گڏ رهندا پيا اچن. هتي ڪڏهن به ٻوليءَ يا مذهب جي بنياد تي ڪنهن به تقسيم جو سوچيو به ناهي ويو. سنڌ تي قبضو ڪري ان کي بمبئي جو حصو بڻائڻ واري برطانوي سازش پڻ بري طرح ناڪام ٿي ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ سنڌ کي ان جي پنهنجي حيثيت تي بحال ڪيو ويو. ان کان علاوه، ون يونٽ واري وڌيڪ تجربي پڻ ڪي سٺا نتيجا نه ڏنا.
‎مختلف حلقن پاران سنڌ جي تقسيم بابت مبهم، بي بنياد ۽ غير منطقي بنيادن ۽ نظرين تي ٻڌل تازيون ڳالهيون بلا جواز آهن. اهڙا بيان غير دانشمنداڻا آهن. پاڪستان جي طاقت صوبائي خودمختياري ۽ فيڊريٽنگ يونٽن جي احترام ۾ آهي. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنز سنڌ لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص پڻ ان حوالي سان قراردادون منظور ڪيون آهن ۽ سڀني سنڌ جي تقسيم خلاف گڏيل آواز اٿاريو آهي.
‎سنڌ بار ڪائونسل سنڌ صوبي جي قانوني برادري جو قانوني ۽ تنظيمي اختيار رکندڙ ۽ معزز ادارو هجڻ جي ناتي اٽڪل 42 ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقا بار ايسوسيئيشنز بشمول 5 هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنز جي نمائندگي ڪري ٿي. سنڌ بار ڪائونسل هن صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهر ڪري ٿي ته مستقبل ۾ اهڙا غير منطقي بيان نه ڏنا وڃن ۽ اهڙن سڀني بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. سنڌ بار ڪائونسل وفاقي گهرو وزير ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران آيل بيانن جي سلسلي جي پڻ مذمت ڪري ٿي، جن جو اصل ڪم امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ سرحدن جو تحفظ ڪرڻ آهي. ايس بي سي (SBC) اهو طئي ڪيو آهي ته سنڌ جي تقسيم تي ڪو به سودو نه ڪيو ويندو.سنڌ بار ڪائونسل پنجاب مان چونڊجي آيل قانوني برادري جي ڪجهه سينيئر ميمبرن پاران سنڌ جي تقسيم بابت ڏنل بيانن کي پڻ رد ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان بار ڪائونسل ۾ سنڌ جي نمائندن اڳ ۾ ئي سنڌ جي تقسيم خلاف پنهنجو واضح موقف بيان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل پاران 07-08-2026 تي پاس ڪيل قرارداد نمبر 2 هن صورتحال ۾ قابل قبول ناهي ۽ سنڌ اهڙي ڪنهن به قرارداد کي برداشت نٿي ڪري سگهي. پاڪستان جي قيام ۾ سنڌ جي تاريخي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سنڌ اسيمبلي برطانوي هندستان جي پهرين قانون ساز اسيمبلي هئي جنهن 3 مارچ 1943ع تي، سياسي تبديلين ۽ 1940ع جي قرارداد (قراردادِ پاڪستان) کانپوءِ، پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي هئي. سنڌ بار ڪائونسل ڪجهه ميڊيا چينلن، خاص طور تي ARY جي تازين سرگرمين جي مذمت ڪري ٿي، جن پاران سنڌ جي ورهاست بابت ڪرايل پول (راءِ شماري) پاڪستان جي وفاق کي ڪمزور ڪرڻ وارو هڪ پرڏيهي ايجينڊا معلوم ٿئي ٿو. سنڌ بار ڪائونسل ”سنڌ يڪجهتي ڏينهن“ (SINDH UNITY DAY) ملهائيندي ۽ ان حوالي کان سنڌ صوبي جي سڀني بار ايسوسيئيشنز کي آگاهه ڪيو ويندو. صوبو سنڌ پنهنجي مڪمل وجود سان وفاق جو هڪ لازمي حصو آهي، ۽ پاڪستان تڏهن ئي وڌيڪ مضبوط ٿيندو جڏهن ان جا وفاقي يونٽ (صوبا) مضبوط هوندا.
‎”جيئي لطيف“
‎”جيئي سنڌ“
‎”جيئي پاڪستان“

اڄوڪي سنڌ بار ڪائونسل جي فل ھائوس اجلاس ۾ سنڌ بار ڪائونسل جو سنڌ جي تقسيم خلاف متفقه فيصلو!سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ رهندي...
13/08/2026

اڄوڪي سنڌ بار ڪائونسل جي فل ھائوس اجلاس ۾ سنڌ بار ڪائونسل جو سنڌ جي تقسيم خلاف متفقه فيصلو!
سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ رهندي:
پاڪستان بار ڪائونسل جي قرارداد نمبر 2 رد،
سنڌ جي ورهاست ناقابل قبول

SINDH HIGH COURT BAR ASSOCIATION LARKANA REJECTS ALL PROPOSALS FOR DIVISION OF SINDH.
10/08/2026

SINDH HIGH COURT BAR ASSOCIATION LARKANA REJECTS ALL PROPOSALS FOR DIVISION OF SINDH.

سنڌ ھائي ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي صدر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ محترم اطھر عباس سولنگي پاران پاڪستان بار ڪائونسل جي قرار...
08/08/2026

سنڌ ھائي ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي صدر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ محترم اطھر عباس سولنگي پاران پاڪستان بار ڪائونسل جي قرارداد جي ء اياز لطيف پليجو کي موڪليل نوٺيس جي ڀرپور مذمت ء مزاحمت جو اعلان.

05/08/2026

محترم ڊاڪٽر سڪندر علي شيخ مشھور ڪارڊيولاجسٽ جو واٽس ايپ ھيڪ ٿي ويو آھي. اوھان سڀني دوستن کي اطلاع ڪجي ٿو ته جيڪڏھن ڊاڪٽر سڪندر صاحب جي نمبر تان ڪو واٽس ايپ ميسيج اھان کي ملي ته ان کي اگنور ڪندا . مھرباني

A good opportunity for Fresh Graduates.
02/08/2026

A good opportunity for Fresh Graduates.

Address

High Court Of Sindh, Circuit Bench Larkana
Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Team Athar Abbas Solangi - ASC posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share