10/02/2026
ڄامشورو جي ٿرمل پاورھائوس مان گم ٿيل عورت جو جابلو علائقي مان تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو
ڄامشورو عورت جو لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو
ڄامشورو اي سيڪشن پوليس ۽ وارثن گم ٿيل عورت جي ھٿ ڪپڙن مان سڄاڻپ ڪئي
ڄامشورو عورت کي منھن مٿي ۾ پٿر ھڻي قتل ڪيو ويو آھي پوليس
ڄامشورو جابلو علائقي مان صبرين ڌي نظام الدين پاڻ گم ٿي ھئي
ڄامشورو اسان اصل ڪي پي ڪي جا آھيون ھتي ڪپڙو کپائيندا آھيون اسان ڪپڙو کپائڻ جابلو علائقي ۾ کوسا ڳوٺ ۾ وياسين اتي منھنجي ڌي کوسن جي گھرن ۾ وئي چار ڪلاڪ گذرڻ باوجود واپس نـ ٿي اسان جنھن جي گھر وئي ان کي شڪايت ڪئي انھن اسان جي ڪجھ بـ ٻڌي اسان کي واپس ڪري ڇڏيو اڄ پوليس کي لاش جو اطلاع مليو پوليس اسان کي اسان جي عورت جي لاش جو ٻڌايو قتل ٿيل عورت صبرين پڻاڻ جو والد نظام الدين پٺاڻ
ڄامشورو اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس عورت جو لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال کڻائي وئي