28/02/2026
الحمدلله! سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ C.P. No. D-4722/2025 (Sarfraz & others v. Province of Sindh & others) ۾ معزز عدالت درخواست منظور ڪندي حڪم ڏنو آهي ته درخواستگارن کي سنڌ ۾ معذور ماڻهن لاءِ مقرر ڪيل ٥٪ ڪوٽا تحت ٽن مهينن اندر قانون موجب نوڪرين لاءِ غور ڪيو وڃي، جنهن سان Sindh Empowerment of Persons with Disabilities Act, 2018 تي عملدرآمد، معذور ماڻهن جي آئيني حقن جو تحفظ ۽ انهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا؛ هي فيصلو خاص طور معذور ماڻهن جي بهتري ۽ انهن جي باعزت زندگي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
غلام مصطفيٰ هنگورجو ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ.