06/04/2023
ڪافرن جون عدالتون
جج جي عدالت ۾ اڄ جو ملزم پندرھن سالن جو ميڪسيڪن ڇوڪرو ھو جيڪو يوٽيلٽي اسٽور تان چوري ڪندي سيڪيورٽي ھٿان پڪڙيو ويو ھو. جج فرد جرم تحت ڇوڪري کان پڇيو تہ ڇا تو واقعي چوري ڪئي ھئي؟ ڇوڪري چيو جي ھا جج صاحب بريڊ ۽ پنير جو پيڪيٽ چورايو ھيم،
جج چيو: ڇو؟
ڇوڪري چيو : مونکي ضرورت ھئي.
جج چيو : خريد ڪرين ھا
ڇوڪري چيو : پيسا نہ ھيا!!
جج چيو : پنھنجي گھر وارن کان وٺين ھا؟
ڇوڪري چيو : منھنجي گھر صرف منھنجي ماء آھي
۽ اھا بيمار آھي بريڊ ۽ پنير ان لاء چورايو ھيم
جج چيو : تون ڪجھ ڪم ڪار ڇو نٿو ڪرين؟
چيائين ڪم ڪندو ھيم ڪار واش اسٽيشن تي، مگر ماء جي سنڀال لاء ھڪ ڏينھن نہ ويم تي ڪار واش ڪمپني مالڪ نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو
جج چيو : تہ پوء ڪنھن کان مدد گھرين ھا؟
ڇوڪري چيو : صبح سان ئي مدد گھرڻ شروع ڪيم
مگر ڪنھن بہ مدد نہ ڪئي،
جرح ختم ٿي ۽ جج صاحب فيصلو ٻڌائڻ شروع ڪيو،
چوري ۽ خاص طور تي ماني جي چوري تمام وڏو جرم آھي ۽ ان جرم جا ڏوھاري اسان سڀ آھيون، عدالت ۾ موجود ھر ماڻھو مون سميت ان جرم جو ڏوھي آھي، مان ھتي موجود ھر ماڻھو تي ڏھ ڊالر جرمانو وجھان ٿو، تيستائين ھن ڪورٽ مان ڪير بہ ٻاھر نہ وڃي سگھندو جيستائين جرمانو نہ ڀريندو ائين چئي جج پنھنجو جرمانو ڪڍي ٽيبل تي رکيو، ان کان علاوہ اسٽور انتظاميہ تي ھڪ ھزار ڊالر جرمانو وجھان ٿو ڇو تہ ھن ھڪ بکايل ٻار سان غير انساني سلوڪ ڪندي کيس پوليس حوالي ڪيو، اگر اسٽور انتظاميہ چوويھ ڪلاڪن اندر جرمانو نہ ڀريو تہ اسٽور کي سيل ڪيو وڃي،
فيصلي جا آخري رمارڪس ھي ھيا تہ جرماني جي سموري رقم ڇوڪري کي ادا ڪئي وڃي ۽ ھي عدالت ان ڇوڪري کان معافي طلب ڪري ٿي تہ ڪورٽ اڃان معاشري کي انصاف نہ ڏئي سگھي آھي.
فيصلي ٻڌڻ کان پوء ڪورٽ م موجود سڀ ماڻھو روئي رھيا ھيا ۽ ڇوڪرو بہ سڏڪي رھيو ھو تہ جج صاحب جون اکيون بہ اشڪبار ھيون .
ڪفر جي معاشري ائين ئي ترقي ڪونہ ڪئي آھي،
پنھنجي معاشري کي صرف انصاف ئي نہ پر عدل
بہ فراھم ڪيو آھي .!©