01/09/2026
ايف بي آر اسيسمينٽ لاءِ ڪيس چونڊڻ جو طريقو تبديل ڪري ڇڏيو
ايف بي آر هڪ نئين سرڪيولر ذريعي اهم هدايتون جاري ڪيون آهن، جن جو اطلاق 1 سيپٽمبر 2026ع کان ٿي ويو آهي.
هاڻي سوال اهو آهي ته هي تبديلي ڇا آهي ۽ عام ٽيڪس ڏيندڙ ان کان ڪيئن متاثر ٿي سگهي ٿو؟
سڀ کان پهريان سمجهون ته CRM ڇا آهي؟
فنانس ايڪٽ 2026ع ذريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ CRM (Compliance Risk Management) جي باقاعده تعريف شامل ڪئي وئي آهي.
سادن لفظن ۾، هي هڪ ڪمپيوٽرائزڊ نظام آهي، جنهن جو مقصد ٽيڪس معاملن ۾ ممڪن خطرن جي نشاندهي ڪرڻ آهي.
مثال طور:
🔹 وڪرو گهٽ ظاهر ڪرڻ
🔹 خرچ وڌيڪ ظاهر ڪرڻ
🔹 آمدني ظاهر نه ڪرڻ
🔹 آمدني گهٽ ظاهر ڪرڻ
🔹 اثاثا ظاهر نه ڪرڻ يا گهٽ ظاهر ڪرڻ
🔹 لين دين ظاهر نه ڪرڻ يا گهٽ ظاهر ڪرڻ
هاڻي نئين سرڪيولر سان ڪهڙي تبديلي آئي آهي؟
ايف بي آر جي نئين سرڪيولر مطابق، 1 سيپٽمبر 2026ع کان نئين اسيسمينٽ ڪارروائي شروع ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڪيس جو پهريان CRM سسٽم ذريعي چونڊجڻ ۽ لاڳاپيل آفيسر کي تفويض ٿيڻ ضروري هوندو.
سرڪيولر ۾ خاص طور تي هيٺين سيڪشنز تحت ڪارروائين جو ذڪر ڪيو ويو آهي:
121، 122، 122A، 122C ۽ 177
اچو ته هن تبديلي کي آسان لفظن ۾ سمجهون:
اصولي طور تي هاڻي طريقو هي هوندو:
پهريان ٽيڪس رسڪ جي نشاندهي ٿيندي
⬇️
پوءِ ڪيس چونڊيو ويندو
⬇️
پوءِ ڪيس لاڳاپيل آفيسر کي تفويض ٿيندو
⬇️
ان کان پوءِ قانوني ڪارروائي شروع ٿيندي
هڪ تمام اهم ڳالهه
سرڪيولر مطابق، جيڪڏهن ڪنهن ڪيس ۾ انهن هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ته ان کي غير مجاز (unauthorized) سمجهيو وڃي سگهي ٿو ۽ مجاز اٿارٽي ان ڪارروائي کي شروعات کان ئي غير مؤثر (ineffective) قرار ڏئي سگهي ٿي.
CRM جي قانوني بنياد ڇا آهي؟
هي صرف هڪ انتظامي نظام ناهي.
فنانس ايڪٽ 2026ع ذريعي CRM جي باقاعده تعريف قانون ۾ شامل ڪئي وئي آهي.
ساڳئي طرح سيڪشن 230I ۾ Directorate General of Compliance Risk Management جو قانوني ڍانچو پڻ موجود آهي.
يعني:
قانون ۾ CRM جي تعريف موجود آهي
⬇️
CRM لاءِ باقاعده ڊائريڪٽوريٽ جو قانوني ڍانچو موجود آهي
⬇️
۽ هاڻي نئين سرڪيولر ذريعي ڪيس جي چونڊ لاءِ هن نظام جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
قانون ۾ CRM جي اصل تعريف
Section 165AB(f):
“Compliance Risk Management (CRM)” means a computer programme for identification and communication of compliance risks, including understatement of sales, overstatement of expenses, nonreporting or under-reporting of incomes, assets, and transactions.
Section 230I ڇا چوي ٿو؟
(1) The Directorate General of Compliance Risk Management shall consist of a Director General and as many Directors, Additional Directors, Deputy Directors, Assistant Directors and such other officers as the Board may, by notification in the official Gazette, appoint.
(2) The Board may, by notification in the official Gazette —
(a) specify the functions, jurisdiction and powers of the Directorate General of Compliance Risk Management and its officers; and
(b) confer the powers of authorities specified in section 207 upon the Directorate General and its officers.
خلاصو
فنانس ايڪٽ 2026ع ذريعي CRM جي تعريف قانون ۾ شامل ڪئي وئي.
سيڪشن 230I ذريعي CRM جي ڊائريڪٽوريٽ جو قانوني ڍانچو فراهم ڪيو ويو.
۽ هاڻي 1 سيپٽمبر 2026ع کان نئين سرڪيولر ذريعي اسيسمينٽ ڪارروائي شروع ڪرڻ لاءِ CRM ذريعي ڪيس جي چونڊ ۽ تفويض کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
مڪمل سرڪيولر هن پوسٽ سان گڏ شيئر ڪيو ويو آهي.
M ibrahim Khoso
Sindh Tax Point
03000021264