18/07/2026
📢 تعليمي اداري ۾ هراساني تي خاموشي به ذميواري بڻجي سگهي ٿي!
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري جو سربراهه عورت استادن سان ٿيندڙ هراساني بابت شڪايتن تي ڪارروائي نٿو ڪري ته اها صرف انتظامي ناڪامي نه، پر قانوني ذميواريءَ کان به غفلت آهي.
جسٽس محمد علي مظهر پنهنجي فيصلي ۾ انتهائي اهم مشاهدو ڪيو:
"جيڪو ادارو هراساني کي برداشت ڪري ٿو، اهو تعليم جي بنيادي مقصد جي ئي نفي ڪري ٿو، ڇو ته اهڙو ادارو شاگردن کي اهو سيکاري ٿو ته طاقت بدعنواني جو جواز آهي ۽ سچ ڳالهائڻ کان خاموش رهڻ بهتر آهي."
⚖️ هن فيصلي جا اهم نڪتا:
✅ اداري جي خاموشي به ذميواري بڻجي سگهي ٿي.
✅ هر تعليمي اداري جي سربراهه تي لازم آهي ته هراساني جي شڪايتن تي فوري ۽ منصفاڻو قدم کڻي.
✅ هر سرڪاري ۽ خانگي تعليمي اداري ۾ Inquiry Committee جو قيام ۽ Code of Conduct تي عمل لازمي آهي.
✅ سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي به هدايت ڪئي آهي ته تعليمي ادارن ۾ هراساني جي خاتمي لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن.
هي فيصلو صرف سروس لا جو معاملو ناهي، پر اهو هر تعليمي اداري لاءِ هڪ مضبوط پيغام آهي ته محفوظ، باوقار ۽ خوف کان پاڪ تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ انتظاميا جي بنيادي ذميواري آهي.
Adv Saeed Ahmed dashti
Adv High Court
03113706509