31/05/2026
ٽنڊو محمد خان: موبائل ايسوسيئيشن جي صدر شيراز ميمڻ جي گهر تي مبينا پوليس چڙهائي واري واقعي جي سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ کان واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پوليس اهلڪار قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي ته ان خلاف بنا ڪنهن دٻاءَ جي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته شهرين جي گهرن جي تقدس ۽ بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ رياستي ادارن جي ذميواري آهي.